|
چوٿون حصو:
انسان ۽ زبان:
اهڙي ريت جيئن هي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته اوزار سازي
انسانيت جي بنيادي خاصيت ناهي تهڙي ريت ڪن هي ڳالهه زبان جي
سلسلي ۾ به ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مغز جو اُهو حصو جنهن کي
Broncos area
سڏجي ٿو زبان جي متعلق سمجهيو وڃي ٿو اڳ ۾ ايئن سمجهيو ويندو
هو ته اهو ڇڙو انسانن ۾ ملي ٿو. هاڻي اهو اسان جي علم ۾ آهي ته
هي ٻين جانورن ۾ به موجود آهي. انهيءَ حقيقت کي استعمال ڪري هن
تصور کي متنازعه بنايو ويو ته زبان جي سلسلي ۾ انسان لاثاني
آهي. ليڪن هي دليل گهڻو ڪمزور ڏيکارجي ٿو. هي حقيقت پنهنجي
جڳهه تي برقرار آهي ته انسان کان سواءِ ڪوبه جانور پنهنجي بقا
جي لاءِ زبان تي ايتري قدر انحصار نٿو ڪري. زبان
Social Mode of Production
(سماجي پيداواري طريقي) لاءِ ضروري آهي جيڪي انساني معاشري جو
اساس آهي.
هي ثابت ڪرڻ جي لاءِ
Bonbon
جي رويي جو مطالعو ڪرڻ جي ضرورت ناهي. ڇاڪاڻ ته ٻيا جانور به
ڪنهن حد تائين هڪ ٻئي سان رابطو ڪري سگهندا آهن. گهڻائي ڪمتر
نسل جا جانور گهڻي اعليٰ مواصلاتي نظامن جا مالڪ آهن. نه رڳو
کير ڏيندڙ جانور
(Mammals)
پر پکي ۽ ڪيڙا ماڪوڙا به. ماکي جي مک ۽ ماڪوڙا معاشرتي جانور
آهن. تنهن هوندي هي نٿو چئي سگهجي ته ان پٺيان ڪو فڪر يا ڪنهن
قسم جي سوچ موجود آهي... هي پيدائشي ۽ جبلي آهي. پر انهن جي
عمل جو دائرو محدود آهي. هڪ ئي قسم جي فعلن کي هر هر ورجايو
ويندو آهي. هي گهٽ موثر ناهن، ليڪن ڪوبه هن کي انهيءَ حوالي
سان زبان قرار نٿو ڏئي سگهي. جهڙي طرح اسان هُن کي ڄاڻيون ٿا.
هڪ طوطي کي جملا مڪمل رَٽائي سگهجن ٿا، ڇا هِن جو هي مطلب آهي
ته طوطو گفتگو ڪري سگهي ٿو؟ هي ڳالهه گهڻي واضح آهي ته هو
آوازن جو نقل وڏي خوفيءَ سان ڪري سگهن ٿا، انهن کي قطعي هي خبر
ناهي ته انهن آوازن جو مطلب ڇا آهي. پر معنيٰ جي ترسيل ڄاتل
زبان جو روه آهي. اعليٰ
Mammals
۾ معاملا مختلف آهن. اينگلز پاڻ شڪار جو شوقين هو، هو انهيءَ
اڻتڻ جو شڪار هو ته گهوڙا ۽ ڪتا ڪنهن حد تائين زبان کي سمجهي
سگهن ٿا ۽ گفتگو جي اهل نه هجڻ ڪري مايوسي محسوس ڪندا آهن.
يقينن
Kanzi
نالي
Bonbo
قيد دوران جنهن سطح جي سمجهه سوچ جو اظهار ڪيو آهي. اهو حيران
ڪندڙ آهي. باوجود انهيءَ سڀ جي هن حقيقت جون مخصوص وجهون/سبب
آهن ته انسانن کانسواءِ ڪوئي ٻيو جانور زبان (ڳالهائڻ جي
صلاحيت نٿو رکي- رڳو انسان ئي
Vacal Tract
رکندا آهن جنهن جي وجهه ڪري صرف صحيح
(Consonants)
ادا ٿي سگهن ٿا. ڪوبه ٻيو جانور صحيح لفظ
(Consonants)
ادا نٿو ڪري سگهي. ڪجهه جانور هلڪو ۽ تيز آواز ڪڍي سگهن ٿا.
Consonants
صحيح حرف ادا ڪرڻ جي صلاحيت ٻن ٽنگن تي هلڻ بدولت حاصل ٿي،
جيئن
Kanzi
جي مطالعي مان خبر پئي آهي. ”رڳو انسان ئي
Vocal Tract
(ڳالهائڻ ٻولائڻ جي صلاحيت) رکندا آهن جن جي سبب حروف صحيح
Consonants
ادا ٿي سگهن ٿا. اسان جي بن مانسن
(Apes)
جي
Vocal Tract
۾ فرق جيئن ته معمولي نوعيت جا اهن پر اهم آهن...
Consonants
(حروف صحيح) بنان اسان هڪ يا ٻئي لفظ ۾ سولائيءَ سان تميز نٿا
ڪري سگهون. اهو رڳو رڙيون ۽ دانهون ڪرڻ هونديون هي اطلاعن جي
هڪ خاص مقدار کي
Convey
منتقل ڪري سگهي ٿو پر نهايت محدود طور تي:
”گفتگو يا زبان ۾ بي حد تنوع آهي اهو رڳو انساني ڪن آهي جيڪو
انهيءَ متنوع معنيٰ کي تلاش ڪري ٿو، حرف صحيح جي مدد سان اسين
هي ڪارنامو سرانجام ڏيندا آهيون. انساني ٻار ننڍي عمر ۾ ئي
بالغن سان ملندڙ جلندڙ انداز ۾
Consonants
جي درجي بندي ڪرڻ جي قابل ٿي ويندا آهن جيڪو ”ٻارن جون
ڳالهيون“ ٻڌندڙ هو شخص ڄاڻي ٿو، هي حروف صحيح ۽ حروف جو جي
ميلاپ سان مستقل طور تي بار بار ورجائڻ واري تجربن تي مشتمل
هوندا آهن... ”با...با... ما...ما... ٽا...ٽا وغيره“ هن
ابتدائي مرحلي ۾ ئي انساني ٻار هڪ اهڙو ڪم انجام ڏئي ٿو جيڪو
ڪنهن ٻئي جانور جي وس جو روڳ ناهي.
ڇا اسان ان منجهان اهو نتيجو ڪڍون ته ٻين جانورن جي ڳالهائي نه
سگهڻ جو سبب رڳو جسماني آهي؟ هي هڪ سنجيده قسم جي غلطي هوندي.
Vocal Track
جي شڪل ۽ حرف صحيح ۽ حرف جر کي ملائڻ جي جسماني اهليت انساني
زبان جي پهريون شرط آهي پر انهيءَ کان وڌيڪ ڪجهه به ناهي. صرف
هٿ جي ارتقاءَ، جيڪا اڻٽٽ طور محنت سان ۽ هڪ ٻئي جي مدد تي
مبني معاشري جي ضرورت سان ڳنڍيل آهي، هڪ وڏي مغز ۽ زبان
(Language)
کي ممڪن بڻايو. (هلندڙ)
لڳي ايئن ٿو ته اوزار ۽ زبان جي استعمال سان تعلق رکندڙ مغز جا
حصا ٻار جي مرڪزي اعصابي نطام جي ابتدائي ارتقا ۾ مشترڪا گڏيل
هوندا آهن ۽ رڳو انهيءَ وقت ڌار ٿيندا آهن جڏهن ٻن سالن جي عمر
۾ گفتگو خاطر درڪار چرپر احرڪات سان لاڳاپيل (دماغ جو حصو)
Boca’s area
۽
Anterior Prefrontal Cortex
سان ڌار ڌار رابطو قائم ڪري وٺي ٿو. هي بذات خود زبان ۽ اوزار
سازي ۾ ويجهي تعلق جو ثبوت آهي. زبان ۽ دست ڪاري جي مهارت
گڏوگڏ ترقي ڪئي هئي، اڄ انساني ٻار جي افزائش ۾ انهيءَ ارتقا
جي تجديد ٿئي ٿي.
Old wan
ڪلچر جا ممڙيان
Hominids
به دست ڪاريءَ ۾ بن مانس
(Apes)
کان گهڻو اڳتي هئا. هو رڳو ”سڌا بيهڻ وارا جمپينزي“ نه هئا.
پٿر جو سادو ترين اوزار به ان کان گهڻو پيچنده هوندو آهي جيترو
هو نظر اچي ٿو. ان ۾ منصوبي بندي ۽ دور انديشي جي ضرورت هوندي
آهي.
Homo hails
کي مستقبل جي منصوبه بندي ڪرڻي پوندي هئي، هن کي هي علم رکڻو
پوندو هو ته مستقبل ۾ ڪنهن به وقت هن کي اوزار جي ضرورت پوندي.
هونئن جنهن وقت مناسب مواد دريافت ٿيندو هو انهيءَ وقت اهڙي
ڪابه ضرورت درپيش نه هوندي هئي.
صحيح قسم جو پٿر چونڊڻ ۽ ٻين کي رد ڪرڻ، ضرب لڳائڻ لاءِ مناسب
زاويي جي تلاش، سوچ جي انهيءَ سطح کي ظاهر ڪري ٿي جيڪا معياري
لحاظ کان
Apes
کان مختلف آهي. انهيءَ جو امڪان گهٽ نظر ٿو اچي ته اُن وقت
زبان جي مباديات موجود نه هجي پر اهڙيون ٻيون به شهادتون موجود
آهن جيڪي انهيءَ پاسي اشارو ٿيون ڪن. انسانن ۾ هي ڳالهه غير
معمولي آهي ته انهن جو 90 سيڪڙو حصو پنهنجو سڄو هٿ استعمال ڪري
ٿو، ٻين
Primates
۾ ڪنهن هٿ لاءِ اهڙي ترجيح ناهي ملي. انفرادي طور تي ڪوبه بن
مانس
(Apes)
ڀلي سڄو يا کٻو هٿ استعمال ڪندو هجي پر مجموعي طور تي ڏٺو وڃي
ته انهن جي آبادي ٻن برابر حصن ۾ ورهايل نظر ايندي.
ڪنهن هٿ جي لاءِ ترجيح جي مظهر جو دستڪاراڻو يا مهارت ۽ زبان
سان تعلق:
”ڪنهن مخصوص هٿ جي لاءِ ترجيح جو تعلق مغز جي مخالف طرف جي نصف
حصي ۾ حرڪت
(Function)
جي واقع ٿيڻ سان آهي، اڪثر سڄي هٿ سان ڪم ڪندڙن ۾ دستڪاري جي
مهارت جو مرڪز مرڪز جي کٻي نصف حصي ۾ واقع هوندو آهي جتي زبان
جي مهارت سان متعلق حصو به موجود آهي. سڄو نصف حصو مڪاني مهارت
جي لاءِ مخصوص ٿي ويو آهي.“
هي مظهر
Australopithecus
۾ موجود ناهي پر
Homo labile
۾ مليو آهي جيڪو پهريون اوزار ساز هو. ان جو اتفاقي هجڻ جو
امڪان گهٽ آهي. جڏهن اسان
Homo Erectus
تائين اچون ٿا ته شاهديون ناقابل ترديد ٿي وڃن ٿيون.
”هي ٽه رخيون شاهديون... مغز جي، آواز پيدا ڪرڻ واري عضوي جي،
۽ اوزارن جي استعمال جي صلاحيت زبان (گفتگو) جي رستي ۾ ايندڙ
ڊگهي ۽ درجي وار تبديلين جي تصور لاءِ تمام گهڻو سهارو مهيا ڪن
ٿيون. مغز ۽ آواز پيدا ڪندڙ عضوي ۾ تبديلين سان گڏوگڏ ان سان
واسبطه درجي وار تبديليون هٿ ۾ به پيدا ٿيون، اهڙيون تبديليون
جن هن کي اوزار سازي ۽ ان جي استعمال جي لاءِ ڪارآمد بڻائي
ڇڏيو.“ انسان جو ظهرو ارتقا جي عمل ۾ هڪ معياري ڇلانگ جي
نمائندگي ڪري ٿو، هتي مادو پهريون دفعو پنهنجي پاڻ کان واقف
ٿئي ٿو. لاشعوري ارتقا جي جڳهه تي تاريخ جي ابتدا ٿئي ٿي.
فريڊرڪ اينگز جي لفطن ۾:
”انسان سان گڏجي اسان تاريخ ۾ داخل ٿيون ٿا. جانورن جي به هڪ
تاريخ آهي جيڪا انهن جي مهڙ ۽ موجوده حالت تائين درجي وار
ارتقا تي مشتمل آهي. جڏهن ته هي تاريخ انهن لاءِ ٺاهي ويئي آهي
۽ جيتري تائين هن ۾ انهن جي پنهنجي حصي جو تعلق آهي اهو هنن جي
علم ۽ خواهش جي بغير آهي. ٻئي طرف انسان جانورن کان جيتري
ڪيتري پري ٿيندا وڃن ٿا ايتري قدر وڌيڪ هو شعوري طور تي پنهنجي
تاريخ پاڻ ٺاهين ٿا جنهن سان تاريخ تي بي مهار قوتن جي ۽ نظر
نه ايندڙ اثرن جي پهچ گهٽ ٿيندي وڃي ٿي ۽ تاريخ نتيجو پهريان
کان طئي ڪيل مقصد سان ايتري قدر گهڻي مطابقت رکندو آهي.“
”پر جيڪڏهن اسين ان پيماني کي اڄ جي دؤر جي ترقي يافته ترين
قومن تي لاڳو ڪيون ته اسان کي علم ٿئي ٿو ته تجويز ڪيل مقصد ۽
حاصل ڪيل نتيجن جي وچ ۾ زبردست فرق موجود آهي. نطر نه ايندڙ
اثر ۽ رسوخ حاوي آهي ۽ بي قابو قوتون انهن قوتن کان گهڻيون
وڌيڪ طاقتور آهن جن کي منصوبي مطابق حرڪت ۾ آندو ويندو آهي. ۽
هن کان مختلف ٿي به نٿو سگهي جيستائين انسانن جي سڀ کان لازمي
تاريخي سرگرمي (اها جنهن هنن کي جانورن مان کڻي ڪري انسانن جي
صف ۾ بيهاري ڇڏيو ۽ هن جي ٻين سموري سرگرمين جو مادي اساس
آهي،) زندگيءَ جي ضرورتن جي پيداوار يعني اسان جي دؤر جي سماجي
پيداوار کي بي قابو قوتن جي اڻ چاهي اثرن جو مقابلو آهي ۽ هو
پنهنجي خواهش ڪيل مقصد محض چوٽ طور حاصل ڪري ٿي پر اڪثر ڪري
معاملو ان جي بلڪل ابتڙ هوندو آهي.
”صرف سماجي پيداوار جي شعوري تنظيم، (جنهن ۾ پيداوار ۽ تقسيم
کي منصوبه بند طريقي سان هلايو ويندو آهي) انسانن کي سماجي
اعتبار کان باقي جانورن کان بلند ڪري سگهي ٿي جنهن طرح عام
پيداوار انسان کي حياتياتي حوالي سان ڪيو آهي. تاريخي ارتقا
اهڙي قسم جي تنظيم کي روز بروز ناگزير بڻائي رهي آهي ۽ هر
گذرندڙ ڏينهن سان گڏ وڌيڪ ممڪن به. هن سان تاريخ جي نئين دؤر
جو آغاز ٿيندو جنهن ۾ بذات خود انسان ۽ ان سان گڏ هن جي سرگرمي
جون سموريون شاخون ۽ خاص طور تي فطري سائنس اهڙي شاندار ترقي
ڪندي جو پاڻ کان اڳ جي هر شئي کي مات ڏئي ڇڏيندي. |