16 جمعہ , نومبر 2018

انتها پسندي- ڀارت لاءِ ها ڃيڪار

مدد علي سنڌي ڀارت ۾ مذهبي شدت پسند جماعت بي جي پي جي حڪومت قائم آهي. جنتا پارٽيءَ جي مذهبي انتها پسندي هاڻ ڪنهن کان به لڪل ڪونهي. هاڻ ڀارت ۾ سخت گير هندو نظريات رکندڙ يوگي آديت ناٿ، ڀارت جي هڪ اهم صوبي يوپي يعني اتر پرديش جي، وزيراعلى …

تفصيل »

نه حاضر نه ئي غائب!

ڊاڪٽر در  محمد پٺاڻ روشن مستقبل جي راڻي اها ئي قوم ماڻي سگهندي آهي، جنهن جا فرد وقت ۽ حالتن، موقعن، ذريعن ۽ وسيلن مان ڀرپور فائدو وٺندا آهن ۽ پنهنجي اجتماعي مفادن کي ڪڏهن به نه وساريندا آهن. اسان کي الائي ڪيترا موقعا ملندا رهيا آهن، ليڪن پنهنجي لياقتن …

تفصيل »

ايان علي جي آزادي ۽ شرجيل ميمڻ جي واپسي

زرار پيرزادو پيپلزپارٽي شروع کان ئي اقتداري پارٽي رهي آهي ۽ اقتدار ملڻ يا کسجڻ تي اسٽيبلشمينٽ سان ويجهو ۽ پري ٿيندي رهي آهي. پر بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ پ پ جو اهو روپ هاڻي عام ماڻهن جي آڏو به چٽو ٿي پيو آهي. آصف زرداري جي سياست صرف …

تفصيل »

اڻ پورو سچ!!!

سجاد ٻرڙو سياڻا چوندا آهن ته اڻ پورو سچ ڪوڙ کان به وڌيڪ خطرناڪ ٿيندو آهي، ڇو ته ڪوڙ ته هوندو ئي ڪوڙ آهي، جيڪو هڪ ڏينهن کلي ڪري سامهون اچي ويندو آهي پر سچ جي نالي تي اڻ پورو سچ پنهنجي ٻئي اڌ کي به نيست ۽ نابود ڪري …

تفصيل »

آدم شماري 2017ع ۽ سنڌ جا اعتراض

علي محمد ميمڻ ملڪ ۾ عوام جي ڳڻپ يا آدمشماري جو عمل هلندڙ آهي ۽ ان جي مڪمل ٿيڻ تي ڪجهه مهينن ۾ پاڪستانين کي بلڪل اهي واڌايون ملنديون ته هو وڌي 20 ڪروڙ يا ان کان به وڌيڪ ٿي ويا آهن، جي اهو انگ 22 ڪروڙ به ٿي ٿو …

تفصيل »

سنڌ ۾ وزير اعظم ميان محمد نواز شريف کي جلسن مان ڇا ملندو….؟

غلام محمد ڪنڀر وزير اعظم ميان محمدنواز شريف کي  گهڻي وقت جي  وڇوٽي کان پوءِ  ٻيهر سنڌ  جي ياد ستايو آهي  سنڌي ماڻهن جا سور  سرير کي ويجها محسوس  ٿيا آهن  هو  دورن مٿي دورا  ڪري سنڌي ماڻهن کي  ٻيهر پاڻ ڏانهن متوج ڪرڻ چاهي ٿو  پهريان هن ڪراچي  کان …

تفصيل »

سنڌ جي وڏي وزير پاران شاگردن جي مائٽن ڏانهن کليل خط

مانوارا ماءُ پيءُ! جيئن ته اسان سڀ اهو سڄاڻون ٿا ته ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي امتحان 28 مارچ 2017ع کان شروع ٿي رهيا آھن ۽ اهي امتحان اسان جي شاگردن جي مستقبل ۽ انهن جي تعليم بابت گهڻي اهميت رکن ٿا. مونکي ان ڳالهه جي خبر پئي آهي ته ڪيترائي …

تفصيل »

روسي حڪومت جي ڪرپشن خلاف ٿيل احتجاج

صاحب خان ڀٽي ڪجهه عرصو اڳ رومانيا ۾ ڪرپشن خلاف احتجاج ڪيو ويو هو ته ان وقت تجزيه نگارن جو خيال هو ته رومانيا جي عوام تمام گهڻي بهادر آهي جيڪا حڪمرانن جي جوڙيل قانون آڏو ديوار بڻجي وئي ۽ انهن کي پنهنجي طاقت ذريعي فيصلو وٺڻ تي مجبور ڪيو …

تفصيل »

عوامي اتحاد پارٽي جوڪرپشن خلاف جهاد!

جاويد احمد چانڊيو دهشتگردي ۽ ڪرپشن ملڪ لاءِ ناسور بڻيل آهن،دهشتگردي ۽ ڪرپشن جي ناسور ملڪي بنياد لوڏي ڇڏيا آهن،جيڪڏهن دهشتگردي۽ ڪرپشن جو سلسلوبرقراررهيو ته ترقي ۽ خوشحالي جو خواب چڪنا چور ٿيندو، ۽ ٻيون ڪوششون بيڪار۽ بي فائدي آهن، دهشتگردن خلاف ٿيندڙآپريشن کان اڳ ملڪ جي مڙني سياسي، سماجي، …

تفصيل »

رستم سنڌ: شير ميربحر پهرين درجي جو ملهه پهلوان

محمد سليمان وساڻ اڄ 28 مارچ سنڌ جي عظيم شخصيت ۽ پنهنجي وقت جي رستم سنڌ شير ميربحر جي ورسي جو ڏينهن آهي۔ سنڌ جي قومي ملهه جو سدا حيات پهلوان رستم سنڌ شير ميربحر 21 جون 1924ع ۾ فاريسٽ آفيسر علي محمد مير بحر جي گهر ڳوٺ موسو ديرو تعلقي …

تفصيل »

پاناما تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪندڙ حڪمران

عبدالمجيد بروهي                          پاڪستان اهو ملڪ آهي جنهن ۾ آمريڪي مداخلت جا پڙاڏا هن وقت زور ۽ شور سان هلي رهيا آهن، هن وقت ڪجھه ڌريون ان ڳالهه تي اٽڪيل آهن ته آخرڪار پ پ پ حڪومت پاران ايڏي وڏي تعداد ۾ آمريڪين کي ويزائون ڇو جاري ڪيون ويون، مان …

تفصيل »

وڏي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس: ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ متحده باني جي نالي وارين يونيورسٽين جا نالا تبديل ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اهم اجلاس ٿي گذريو. اجلاس ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ايم ڪيو ايم باني جي نالي وارين يونيورسٽين جا نالا تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ ريڪنگنيشن اينڊ ڪمپنسيشن ايڪٽ 2014 ۽ انسداد …

تفصيل »

جهالت جو ڪهڙو ڪفارو؟

وسعت الله خان                          مان جنهن سرڪاري سيڪنڊري اسڪول ۾ پڙهندو هوس، تنهن جي ايراضي ٻه ايڪڙ هوندي هئي. ميدان هو جنهن ۾ هاڪي ۽ فٽبال کيڏي سگهبو هو، اسڪائوٽنگ هئي، ڊبيٽنگ ڪلب هو ۽ مختلف ڪلاسن وچ ۾ عام معلومات جو ساليانو مقابلو ٿيندو هو. يعني ڪلاس جي ڪمري …

تفصيل »

هر معاملو صاف ۽ شفاف انصاف سان حل ٿي سگهي ٿو

سارنگ پيرزادو ڪنهن به سماج جي ترقي يا سڌارن جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته اتان جي ماڻهن کي پنهنجي عدالتن تي ڪيترو اعتبار آهي ۽ دنيا اندر ڪنهن به ملڪ يا خطي جي  حڪومتن ۽ حڪمرانن جي ڪارڪردگي ڏسڻ لاءِ به جيڪو سڀن کان آسان ۽ موثر …

تفصيل »

ڪارنهن الزام هيٺ ٿيندڙ قتل

صاحب خان ڀٽي                          هن ملڪ ۾ جهڙي دهشتگردي ناسور بڻجي  وئي آهي تهڙي ريت ڪارنهن الزام هيٺ قتل جون وارداتون به وڌنديون پيون وڃن. ڪجهه ڏينهن کان ٻيهر سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪارنهن الزام هڻي ڪيترن ئي عورتن ۽ مردن کي قتل ڪيو ويو آهي. ڪجهه جوڙا ته …

تفصيل »