Voice of Peoples

عوام جو آواز

 

واپڊا واقعي به هاٿي آهي

اسان ڳوٺ مور هڏي حاجي محمد طيب درس يوسي قاضي فيض محمد راڄڙ تعلقي کپرو جا رهاڪو. هن جديد دور ۾ بجلي جي سهولتن کان محروم آهيون. جيئن ته اسان جي ڳوٺ مورهڏي جو ٽرانسفارمر 6 مهينا اڳ سڙي ويو اسان اهڙي رپورٽ سيل ۽ درخواست ايس  ڊي او واپڊا کي ڏني جنهن اسان کي چيو ته چاليهه هزار رپيا ڏيو ته اوهان کي نئون ٽرانسفارمر ڏيون ٿا ايترا پئسا اسان ڳوٺ وارن هن مهانگائي جي دور ۾ پنهنجي سک لاءِ ڏنا ان کانپوءِ واپڊا وارا ٽرانسفارمر کڻي ويا ٽن ڏينهن کان پوءِ ساڳيو ٽرانسفارمر هڪ ڪوائل ٺاهي لڳائي ويا ۽ چيائون هينئر آفيس ۾ نئون ٽرانسفارمر آيل ناهي. جيئن آيو هڻي ڏيندا سون ٽرانسفارمر ٻن مهينن ۾ وري خراب ٿي ويو اسان وري درخواستون ڏنيون ۽ چيو ته اسان کي نئون ٽرانسفارمر ڏيو تڏهن چيائون ته سورنهن هزار رپيا ڏيو ته توهان کي نئون ٽرانسفارمر ڏيون ٿا پوءِ به اسان کي ساڳيو پراڻو 1988ع وارو ٽرانسفارمر لڳائي ڏئي ويا. ڳوٺ ۾ سوين گهر آهن ۽ جر کارو آهي ۽ مٺو پاڻي موٽرن ذريعي اچي ٿو. اسين غريب ڳوٺاڻا اونداهي هيٺ ۽ مٺي پاڻي کان محروم آهيون اسان جي ڳوٺ مورهڏي ۾ ٻه ٽرانسفارمر 1988ع جا آهن جيڪي وقفن به وقفن خراب پيا ٿين اسان غريب، مسڪين ڳوٺاڻا اهي خرچ روز روز برداشت نه ٿا ڪري سگهون. اسان کي جلد کان جلد ٻه نوان ٽرانسفارمر مهيا ڪري ڏناوڃن.

محمد بخش درس (ڳوٺ مور هڏي/کپرو(سانگھڙ)