|
1912 کان وٺي تعلقي جو درجو رکندڙ وارهه شهر ڪنهن به تعارف جو محتاج
ناهي. هن شهر کي سنڌ جي مشهور قومي اديبن، دانشورن، قومپرست سياستدانن
۽ ٻين هن کي سنڌ جو ويٽنام سڏيو آهي. هن شهر ۾ 1914 کان وٺي سول ڪورٽ،
اسپتال ۽ جيل ٿاڻو سميت ڪيترريون ئي سرڪاري عمارتون ۽ ادارا جوڙيا ۽
تعمير ڪيا ويا آهن. وارهه شهر ۾ صحافت پڻ ماضي کان وٺي نمايان رهي آهي
جڏهن ته شهيد قمرالدين ڇٽو جيڪو ماضي ۾ 1999 ۾ اپريل جي مهيني ۾ پنهنجي
اداري ڏانهن خبرون سڀ کان جلد موڪلڻ جي جلدي ۾ پنهنجي جان جو نذرانو
ڏنو، ان کان وٺي شهر جي باشعور صحافين قاضي ظفر، مرحوم علي اصغر مڱڻيجو،
فقير لاشاري، امن اميربروهي سميت ٻين صحافين حق ۽ سچ لکڻ مختلف
علائقائي ازيتون ۽ عذاب ڀوڳيا آهن. ڪڏهن مٿن لٺيون وسايون ويون ۽ ڪڏهن
والدين کي ماريو ڪٽيو ويو ته ڪڏهن کين هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي
ذهني ۽ جسماني تشدد جا نشانا بڻايا ويا. اڄ جڏهن دنيا ڪمپيوٽر ذريعي هڪ
ڳوٺ بڻجي چڪي آهي ۽ دنيا جا صحافي سچ کي منظر عام تي آڻڻ لاءِ جانين جو
نذرانو ڏئي رهيا آهن ۽ ڪونڌر بڻجي ڪڏندي ڪنڌ ڪپائڻ تي فخر محسوس ڪن ٿا
اهڙي وقت وارهه جي صحافين جي خاموشي ڪنهن وڏي خوف جو سگنل ڏئي رهي آهي.
جڏهن ته تازو هاڻي وارهه جي صحافين کي سهولتون ڏيڻ بهاني پريس ڪلب تي
2 سالن کان تعلقي ناظم پنهنجي ذاتي ملڪيت سمجهي قبضي هيٺ آڻي ڇڏي آهي.
تڏهن هتان جا غريب صحافي پنهنجي پنهنجي ادارن کي خبرون لکڻ لاءِ ۽
علائقائي مسئلن کي ڪوريج ڏيڻ لاءِ ڪڏهن هوٽلن تي خبرون لکندي، ڪڏهن
روڊن تي يا ڪڏهن وري مٽي جي ڍيرن تي خبرون لکڻ ۾ مصروف نظر اچن ٿا ته
تڏهن مان هڪ ذميوار شهري جي حيثيت سان وارهه جي ماضي ۾ سرموڙ صحافين جو
ڪردار رکندڙ صحافي ظفر قاضي، فقير لاشاري، نذير ڇٽو، نثار راجپوت ۽ ٻين
کان ضرور پڇندس ته ٻين جو سچ لکڻ وارا پنهنجو سچ ڇو لڪائن ٿا.
عرفان علي چانڊيو/وارهه (قمبر) |