|
آئون اميد علي لغاري ويٺل ڳوٺ بلوچ خان لغاري لڳ وڻڪي وسي تعلقه
حيدرآباد توهان صحافين ۽ ميڊيا جي نمائندن اڳيان اها فرياد کڻي آيو
آهيان ته منهنجي ڌيءُ شهزادي لغاري ماءُ کي حيدرآباد ۾ اسپتال ڏسڻ لاءِ
وڃي رهي هئي ته ڇلگري، اسٽاپ وٽ 2007-06-10 تي غلام مصطفيٰ پٽ حمل کوسو،
شاهنواز حاجاڻو اغوا ڪري ويا. جيڪا هن وقت تائين بازياب نه ٿي سگهي آهي
اڄ چار مهينا گذري چڪا آهن ۽ هٽڙي ٿاڻي تي ايف آءِ آر به داخل آهي پر
هن وقت تائين منهنجي ڇوڪري بازياب ناهي ٿي سگهي. اسان پريشان آهيون ته
پوليس توڙي چڱن وٽ دانهي دانهي ٿڪجي پيا آهيون. پي- ڊي ايس پي ڪوٽڙي
غلام نبي کوسو پنهنجي سؤٽ جوابدار مصطفيٰ کوسي جي هر قسم جي مدد ڪري
رهيو آهي ۽ هن وقت به کيس لڪايو ويٺو آهي. پوليس ۾ سندن تمام گهڻي
هلندي آهي. آئون ۽ منهنجي گهر واري پٺاڻي وزير اعليٰ سنڌ ارباب رحيم،
صدر پرويز مشرف، وزير اعظم، جسٽس جناب افتخار چوڌري، سياسي تنظيمن کي
اها اپيل ٿا ڪريون ته اسان جي ڇوڪري بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.
مظلوم پيءُ اميد علي لغاري
ويٺل ڳوٺ بلوچ خان لغاري لڳ واڻڪي وسي تعلقه حيدرآباد) |