|
محترم محمد ابراهيم جويي پنهنجي تصنيف ”ڇڇ مَ قطاران ساٿ
چڙهندو لڪين شاهه“ ۽ نوجوان جيڪو شاهه عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽي
ڪراچي 1985ع ۾ ڇپيو ۽ هڪ هنڌ لکن ٿا ته شاهه جو رسالو سنڌ جي
ان آزاديءَ جي تلاش ۽ قومي تشخص ۽ خود اظهاريت جي اڌمي جو
ترجمان آهي، شاهه سنڌي شاعريءَ کي خالص پنهنجيون روايتون ڏنيون
۽ ماڻهن کي پنهنجي تاريخ ۽ تهذيب تي فخر ڪرڻ سيکاريو. هن
پنهنجي ماڻهن جا ڏک سک محسوس ڪري سندن امنگن کي شاعريءَ ۾ آندو
۽ زندگيءَ جون فلسفيانه حقيقتون واضح ڪيون ۽ عام ماڻهن سان سڌو
سنئون رابطو قائم ڪري کين ٻڌايو ته ظاهر حقيقت ڇا آهي ۽
اندروني ڇا؟
هن پورهيتن جي سُر مارئي کي واضح ڪيو، هن دور جي ادب ۽ عوام
سان همدردي ۽ وطن سان محبت نمايان نظر اچي ٿي ۽ جيتوڻيڪ اهڙيون
قومي تحريڪون يا وطن آزاديءَ جي ساحت موجود نه هيون پر هن سماج
۾ نابرابري، مذهبي تفرقا ۽ تعصب ضرور هئا، جن جي نتيجي ۾ صوفي
مت هڪ تحريڪ جي صورت ۾ اڀرندو نظر اچي ٿو، جنهن جي ڪري ان دور
جي شاعرن اهڙن تعصبن خلاف زبردست هلچل هلائي ۽ ماڻهن ۾ انساني
ڀائپي ۽ انسانيت ناتي هڪ جهڙائي جا آدرش ڏيڻ جي ڪوشش ملي ٿي ۽
هرڪنهن کي پنهنجي پنهنجي مسلڪ سان سچو رهندي ٻين جي مسلڪ جو
احترم ڪرڻ جو درس ملي ٿو انهيءَ لاءِ هي شعر مثال آهي.
ڪُوڙو تون ڪفر سين، ڪافر مَ ڪوٺاءِ،
هندو هڏ مَ آهين، جڻيو توءِ جڳاءِ،
تلڪ تنين کي لاءِ، سچا جي شرڪ سين.
شاهه کي منافقيءَ کان نفرت هئي. هن جي اهڙي قسم جي فڪر جو اثر
اڄ تائين اسان جي ڪلچر تي نظر اچي ٿو. ڏٺو وڃي ته تصوف سنڌ جي
تاريخي حوالي ۾ هڪ ضرورت طور آيو ۽ قبول ڪيو ويو. ڇاڪاڻ جو
انهيءَ طريقي اسان جي سنڌ جي ڏاهن شاعرن انسانن وچ ۾ تعصب ۽نفرتن
جي بنياد تي پيدا ٿيل ويڇن کي ختم ڪري انساني ڀائپيءَ جو درس
ڏنو ۽ ان عالمي امن جو تصور ۽ پيار جو پيغام سمايل شاهه لطيف
جي پيار جو پيغام ۽ عالمي امن جو تصور:
سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.
جي حوالي سان ۾ چٽو آهي ان کي سماجي حوالي سان ڏسڻ گهرجي. اهو
سماج ڪلهوڙن جي دور جو جاگيردارانه سماج هجي يا اڄ جو سماج
جيڪو ان جاگيردارانه نظام جي باقيات کي سانڍي رکڻ سبب ڪو گهڻو
مختلف ڪونه ٿي سگهيو آهي. مسلمانن، صوفين، رامائڻ واري ڀڳتي
تحريڪ جو اثر قبول ڪيو، ڇاڪاڻ جو ان جي خاص خوبين ۾ پيار،
پاٻوهه، ڀائپيءَ موجود هئا ۽ اهي ذات پات، دين، ڌرم، جي ڌوکن ۽
تفاوتن سبب پيدا ٿيل نفرتن کي ختم ڪري انساني محبت جو پرچار
ڪرڻ لڳي ۽ صدين کان ٻانڀڻ، راجپوتن ۽ اُچي ذات وارن جي ظلم جو
شڪار عام ماڻهن، پورهيتن ۽ گهٽ ذاتين لاءِ نئون پيغام کڻي آئي
هئي. اهو هڪ قسم جو انقلاب هو، جنهن هندي تصوف جو روپ ورتو.
انهيءَ لاءِ جناب ممتاز حسين ”ڪلچر اور فرقه پرستي“ نقد حيات
الله آباد پبلشنگ هائوس 1951ع ۾ ڇپيو. رقمطراز آهي.
”اس هندي تصور ني ايڪ ايسا روپ ڌارن ڪيا ڪه بالاآخر ڪُفر وَ
ايمان ڪي جهگڙي مٽني لگي، قلندر ني جوگي ڪا ڀيس بدلا اور جوگي
ني گيرونئا لباس زيب تن ڪيا“.
شيخ اياز شاهه صاحب جي 228 ورسي يادگار 1980ع ۾ چيو هو ته: اڳي
جا صوفي دنيا ترڪ ڪري ڪنڊ وٺي ويهي الله الله ڪندا هئا. هو هن
دنيا کي شر سان ڀريل سمجهندا هئا، ان ڪري روحاني توانائي ۽ خير
کي حاصل ڪرڻ لاءِ هن دنيا کان پري رهڻ تي زور ڏيندا هئا، پر
شاهه جو تصوف دنيا ترڪ ڪري هجري ۾ ويهي رهڻ وارو ڪو نه هو بلڪه
زندگي جي حقيقتن کي ڄاڻڻ قبول ڪرڻ ۽ ورائڻ جو تصور هو جنهن ۾
ترڪ بدران طلب هئي. تلاش هئي جيڪا زندگي کي روان دوان ۽ محترم
رکڻ جي ڪوشش هئي. اهو فلسفو ان العربيءَ ۽ امام غزالي جهڙن
عالمن جو ڏنل هو. ابن العربيءَ جهڙن جليل القدر مفڪرن هن ردعمل
(ترڪ دنيا) کان پاسو ڪيو ۽ منطقي طور تي عام مادري ۽ روحاني
تعلق کي جديد فلسفي جي روشني ۾ تمام سهڻي نموني سان بيان ڪيو
هو، پوءِ جا مفڪر ۽ صوفي انهن کان متاثر ٿيڻ کانسواءِ رهي ڪو
نه سگهيا. ”شاهه صاحب“ اهي اثر سڌو سنئون قبول نه ڪيا هجن پر
مولانا رومي جي مثنوي ذريعي اهي خيال ۽ نظريا مٿس اثرانداز ٿيا
هوندا. مولانا رومي ڪهاڻيون تخليق ڪيون. شاهه صاحب اڳ موجود
ڪهاڻين جا واقعا ۽ ڪردار کنيا. اهو طريقو دنيا جي ٻين شاعرن وٽ
به ملي ٿو. شيڪسپيئر ته گهڻو ڪري مڪمل ڪهاڻي کي ڊرامائي انداز
۾ پيش ڪيو. ساڳي طرح هومر ۽ ٻيا ڪيترائي شاعر ايئن ڪندا رهيا
آهن. شاهه لطيف جي شاعري جي وڏي ۾ وڏي خوبي اها هئي ته اهو
پهريون ڀيرو هو ته عام ماڻهن جي جذبن کي سڀني مسلمانن توڙي
هندن جي ٻوليءَ ۾ ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي. انهيءَ ڪري
چئي سگهجي ٿو ته شاهه صاحب سنڌي ٻوليءَ کي نئون جنم ڏيارڻ وارو
شاعر آهي. بظاهر مرده لفظ تي دم عيسيٰ ڦوڪڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي،
پر ان کانسواءِ شاعري پيغمبري جي دعويٰ نٿي ڪري سگهي. شاهه
صاحب ٻهراڙيءَ جي ٻوليءَ جي هر لفظ کي جبرائيل جا کنڀ عطا ڪيا
آهن. پاڻ هن زبان کي هڪ سحر انگيز ترنم به عطا ڪيو اٿس، اهڙو
ترنم جيڪو ڪنهن ڳائڻي يا سازندي جي فني احسان جو محتاج ڪونهي.
”شاهه صاحب کي سنڌي ٻولي سان عشق هو. هو ان زبان جو اهو جوهري
آهي جنهن وٽ ماڻڪن جا مٽ ڀريا پيا اٿس. هن سنڌي زبان جي معمولي
لفظن مان ڪڏهن ماکيءَ جو ڪم ورتو ته ڪڏهن شراب جو نشو پيدا ڪيو
آهي. انهن لفظن مان هو ڪڏهن احساس جا ٽانڊا ۽ مچ ٿو ٻاري ته
ڪڏهن احتجاج ۽ بغاوت جا بارود ٿو ڀري. ڪو به اهڙو موضوع ڪونهي
ڪوبه اهڙو احساس ڪونهي جنهن کي لطيف شاعريءَ جي معيار کان گهٽ
سمجهيو يا نظرانداز ڪيو هجي.
mmgiyani90@yahoo.com |