هاڻي صدر مشرف جي وڃ جي واري آ؟

 

 

 

زرار پيرزادو

چوڻ وارا چون ٿا ته آمريڪا، پاڪستان بابت پنهنجي پاليسي آخرڪار تبديل ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪري ڇڏيو. بش حڪومت جنهن پاڪستان اندر پنهنجون فوجون لاهي دهشتگردي خلاف جنگ جو فيصلائتو معرڪو ڪرڻ پئي چاهيو ۽ پاڪستان کي عراق ۽ افغانستان بڻائڻ جي ڀرپور موڊ ۾ نظر اچي رهي هئي، تنهن لاءِ نئين حڪومت سان ساڳي پاليسي برقرار رکڻ جيئن ته ڏکيو ٿي پيو آهي، ان ڪري ان اهو معاملو هاڻي نئين حڪومت ۽ فوج جي حوالي ڪري پاڻ نومبر ۾ ٿيندڙ صدارتي چونڊن ڏانهن ڌيان ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ پاڪستان بابت پاليسيءَ کي چونڊجندڙ نئين آمريڪي صدر جي صوابديد تي ڇڏي ڏنو آهي. آمريڪا ۾ ٿيندڙ ان صدارتي چونڊن کي ذهن ۾ رکندي بش حڪومت اهو تاثر پڻ قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ويندي ويندي ان آخرڪار پاڪستان ۾ حقيقي عوامي جمهوري حڪومت قائم ڪرائي ڇڏي آهي ۽ ان پنهنجو اثر رسوخ هلائي اڳوڻي حڪومت ۽ ايم ڪيو ايم سميت ان جي اتحادين کي راضي ڪري ورتو آهي ته اهي هاڻي اپوزيشن ۾ ويهن ۽ اتي ويهي مثبت ڪردار ادا ڪن ته جيئن فوج کي سياسي معاملن ۾ دخل اندازي نه ڪرڻي پوي ۽ اها دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پنهنجي فوجي طاقت کي چڱيءَ ريت استعمال ڪري سگهي. آمريڪا دهشتگردي خلاف جنگ جي حوالي سان هاڻي صدر مشرف کان وڌيڪ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل اشفاق ڪياني سان ڳالهائي رهي آهي ۽ ان سان ئي پاليسي طئي ڪري رهي آهي.

اها تبديلي ته عام ماڻهوءَ به واضح طور تي محسوس ڪئي آهي ته فوج ۽ ايجنسين جي مداخلت نه ڪرڻ جو ئي اهو نتيجو آهي ته اليڪشن صاف شفاف ٿي ۽ پ پ توڙي مسلم ليگ جي کٽڻ ۾ ڪا وڏي رنڊڪ نه وڌي وئي ۽ اڳوڻي حڪومت پنهنجي شڪست به قبول ڪئي آهي ۽ ظاهر آهي ته ان کي شڪست قبول نه ڪرڻ  جو ڪو جواز به نه هو، ڇو ته اليڪشن ان جي انتظامن هيٺ ئي ٿي هئي.

هاڻي جڏهن صدر مشرف جي پارٽي مسلم ليگ (ق) (جنهن لاءِ هن پنهنجي ڪتاب ۾ به انڪشاف ڪيو آهي ته اها پارٽي هن پاڻ ٺاهي هئي) ۽ ان جا اتحادي وڏي پئماني تي هارجي چڪا آهن ته ڇا صدر مشرف جي اخلاقي طور تي رهڻ جو ڪو جواز آهي؟ هاڻي ته ق ليگ وارا الٽو صدر مشرف تي الزام لڳائي رهيا آهن ته سندس غلط پاليسين ڪري انهن کي اها ذلت نصيب ٿي آهي. اهي ان حقيقت جو به هاڻي اعتراف ڪري رهيا آهن ته 9 مارچ 2007 کان 3 نومبر ۽ 27 ڊسمبر 2007 تائين جيڪو ڪجهه ٿيو تنهن ئي ان کي اقتدار کان محدود ڪيو آهي. اهو اظهار ان ڳالهه جو اعتراف آهي ته عوام صدر مشرف جي پاليسين دهشتگردي خلاف جنگ، سپريم ڪورٽ جي اڳوڻن ججن جي برطرفي، بلوچستان ۽ سرحد ۾ هلندڙ آپريشن، سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گمشدگي، وڏن ڊيمن جي منصوبن، وڏين پارٽين جي اڳواڻن کي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ کان روڪڻ، پيمرا آرڊيننس، ضلعن جي ورهاست وغيره کي مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو آهي.

هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته نئين حڪومت ان رد ٿيل پاليسيءَ کي ڪيئن برقرار رکندي؟ جڏهن ته صدر مشرف جو اليڪشن کان اڳ چوڻ هو ته نئين حڪومت کي سندس پاليسين کي برقرار رکڻو پوندو. پر اليڪشن کانپوءِ صورتحال بلڪل ئي ٻي ٿي وئي آهي ۽ ان تبديل ٿيل سياسي منظر نامي ۾ صدر مشرف بلڪل به اڪيلو ٿي ويو آهي. پ پ جي حڪومت تڏهن ئي مرڪز ۾ ٺهي سگهي ٿي، جڏهن اها نواز ليگ ۽ اي اين پي سان اتحاد ڪري. ٻي صورت ۾ ان کي صدر مشرف جو پاسو وٺڻو پوندو. صدر مشرف رپورٽن موجب آصف زرداري کي حڪومت ٺاهڻ ۾ پنهنجي مدد جي آڇ به ڪئي هئي پر پ پ لاءِ نواز ليگ جي سهڪار جي موجودگي ۾ صدر مشرف جي مدد جي اصولي ۽ اخلاقي طور تي ضرورت به نه هئي ۽ نه ئي ان کي مليل مئنڊيٽ ان کي اهڙي اجازت ڏيندو ته اهو بقول آصف زرداري جي ”قاتل ليگ“ سان اقتدار لاءِ حڪومت ٺاهي ويهي رهي. هوڏانهن آمريڪا ۾ به مخالف پارٽين ۽ ميڊيا بش انتظاميه تي دٻاءُ وڌو ته اهو ”فرد واحد بدران حڪومت جو ساٿ ڏئي“ ۽ لڳي ٿو ته بش حڪومت اهو دٻاءُ قبوليندي پنهنجي اصلاح به ڪئي آهي ۽ ان صدر مشرف تي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته هاڻي آمريڪا نئين حڪومت ۽ فوج سان پاليسي طئي ڪندو.

هاڻي جڏهن اليڪشن جي نتيجن تي عوام شادمان آهي، اڳوڻي حڪومت به شڪست قبولي آهي، پ پ، نواز ليگ ۽ اي اين پي پنهنجي پارلياماني سگهه به ثابت ڪري ڇڏي آهي ته هن وقت حڪومت سازي ۽ ايندڙ پاليسين ۾ جيڪڏهن ڪا شخصيت ”رنڊڪ“ بڻيل نظر اچي رهي آهي ته اها صدر مشرف جي ئي آهي. صدر مشرف سان هن وقت چونڊجي آيل ڪا به پارٽي هلڻ لاءِ تيار ناهي، حالتون ايڏي تيزي سان تبديل ٿي ويون آهن، جو چاهيندي به ڪا پارٽي ان سان هلي نٿي سگهي. صدر مشرف نئين سيٽ اپ لاءِ ايترو ته ناقابل قبول آهي جو چونڊجي آيل اسيمبلي ميمبرن جو پي سي او واري آئين ۽ صدر مشرف کان حلف کڻڻ به هڪ وڏو مسئلو نظر اچي رهيو آهي. کٽيل پارٽين تي سپريم ڪورٽ جا اڳوڻا جج بحال ڪرڻ جو به زبردست دٻاءُ آهي ۽ انهن جي بحالي کانسواءِ نئين حڪومت هلي نه نٿي سگهي. پ پ، مسلم ليگ (ن) ۽ اي اين پي تازن رپورٽن موجب ججن جي بحالي ۽ صدر مشرف جو مواخذو پارليامينٽ اندر ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. اهي زميني حقيقتون ٻڌائين ٿيون ته هاڻي صدر مشرف کي ئي وڃڻو پوندو. هو پاڻ به اهو فرمائي چڪو آهي ته جيڪڏهن ايندڙ حڪومت سان ايڊجسٽمينٽ نه ٿي سگهي ته ان کي ئي وڃڻو پوندو. هو اپوزيشن سان اڄڪلهه جيڪي ڳالهيون ڪري رهيو آهي تنهن جو ممڪن آهي ته هڪ سبب اهو به هجي ته هو پنهنجي مستقبل جي حڪمت عملي بابت کين اعتماد ۾ وٺندو هجي.