آصف زرداري جي موجوده سياسي ڪردار جون تقاضائون

زرار پيرزادو

آصف علي زرداري بينظير ڀٽو جي شهادت ۽ پارٽي سنڀالڻ کانپوءِ بظاهر هڪ تبديل ٿيل، هر دلفريز، سڀني جو وڏو، معاف ڪرڻ ۽ معافي وٺڻ وارو، درگزر ڪندڙ، شخصيت طور تي نطر اچي رهيو آهي، اِهو صوفياڻو فقيراڻو ۽ هٿ ٻڌڻ وارو وَڙُ آهي، ڇا آصف زرداري سياست ۾ واقعي به ڪو اهڙو صوفياڻو رنگ اوتڻ چاهي ٿو، يا ڇا سياست ۽ سياستدان يا سياسي ماڻهو سندس ان صوفياڻي مزاج کي سياست ۾ قبولي سگهندا؟ انهيءَ جو دارومدار وري به آصف زرداري جي ڪردار تي ئي آهي، جيڪڏهن هو واقعي به سياست جو صوفي فقير بڻجي ٿو ۽ محبت پائي منَ ۾ رنڊا روڙي ٿو، اندر جي مير ڪڍي پاڻ کي اڇو اجرو بڻائڻ چاهي ٿو ته انجي پوءِ اڃا به وڏي تقاضا آهي، جيڪڏهن هيءُ ان تقاضا تي پورو لهي ٿو ته سياسي صرافا به اڻ توريو ئي کيس اگهائي ڇڏيندا، پر اهم ڳالهه اها آهي ته ”صوفي فقير“ ٿيڻ واري درجي تي رهڻ لاءِ آصف کي سڀني کي گڏ کڻي هلڻو پوندو، هن کي نه صرف ماضي جي پر اڄ جي مخالفن کي به پنهنجو ڪرڻ جي روايت قائم ڪرڻي پوندي، هن کي پنهنجن انهن مخالفن کي به گڏ کڻي هلڻو پوندو، جيڪي سندس موجوده سياسي ڪردار ۽ پاليسين جا وڏا نقاد آهن، کيس امين فهيم سان به هٿ ٻڌي هلڻو پوندو، غنويٰ ڀٽو، فاطمه ۽ ذوالفقار جونيئر ڏانهن به وڃڻو پوندو، کيس ترقي پسند روشن خيال ۽ مذهبي ڌرين ڏانهن کيس پنهنجي پارٽي اندر رٺلن کي به پرچائڻو پوندو ۽ اها روايت قائم ڪرڻي پوندي ته اختلاف پنهنجي جاءِ تي ۽ تعلقات پنهنجيءَ جاءِ تي، آصف زرداري جيڪڏهن سياسي صوفي فقير آهي ته کيس سنڌ جي قومپرست ڌرين سان به ڳالهائڻ گهرجي ۽ انهن کي به رليف ڏيڻو پوندو، کيس فوري طور تي ايجنسين هٿان گم ڪيل قومپرست اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي آزاد ڪرائڻ جو بلو ڪرڻو پوندو ۽ ان ڏس ۾ ترت ئي بيمار اسير ڊاڪٽر صفدر سرڪي کي آزاد ڪرڻو پوندو، جيڪو رپورٽن موجب انتهائي تشويشناڪ حالت ۾ آهي، آصف کيس انڪري به فوري طور آزاد ڪرائي جو هُنَ يا پ پ حڪومت توڙي وزيراعظم گيلانيءَ اڃا تائين هڪڙو به اهڙو اعلان ناهي ڪيو، جنهن سان محسوس ٿئي ته سنڌ کي ڪو رليف مليو آهي، اهو به ممڪن آهي ته سنڌ حُڪومت جڙڻ کانپوءِ اهڙو ڪو رليف نصيب ٿئي، جيستائين سنڌ کي آصف حقيقي معنيٰ ۾ ڪو رليف نه ڏيندو تيستائين سندس ايم ڪيو ايم سان موجوده قربت کي سنڌي عوام پنهنجن زخمن تي لوڻ ٻرڪيل محسوس ڪندو رهندو، انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته آصف زرداريءَ جيئن نائين زيرو تي وڃي الطاف جي حق ۾ نعرا لڳايا ۽ الطاف جي تقريرن کي شهيد ڀٽو سان مشابهت ڏني ۽ ايم ڪيو ايم کان (اڻ ڪيل گناهن جي) معافي ورتي، سنڌ جو اڪثريتي سياسي حلقو، عوام ۽ ايستائين جو پارٽي اندر موجود ماڻهو تنهن عمل کي انتهائي ضروري افسوسناڪ سمجهي رهيا آهن، جيستائين معافي وٺڻ جو معاملو آهي ته اهو مسئلو پوئين سنڌ حڪومت جي جوڙجڪ وقت به آڏو  آيو هو ۽ تڏهن پ پ ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ ان معاملي تان ئي ڳالهيون ناڪام ٿيون هيون، بينظير ايم ڪيو ايم جو اهو شرط نه مڃيو ۽ پارٽي کي پنج سال اپوزيشن بينچن تي ويهڻ جي هدايت ڪئي، اها به حقيقت آهي ته جيئن ته فوجي سربراهه تڏهن ملڪ جو صدر هو ان ڪري به انجي صدارت هيٺ بينظير جو صوبائي حُڪومت وٺڻ ڃڻ ته ناممڪن هو، اڄ حالتون ٻيون آهن، اڄ مرڪز ۾ پ پ جي حڪومت آهي ته سرحد ۾ به اي اين پي جي اتحادي بڻيل آهي ته پنجاب ۾ نواز ليگ جي ساٿياري آهي ۽ ائين بلوچستان ۾ به گڏيل حڪومت ٺهڻ جو امڪان اٿس، انهن تبديل ٿيل حالتن ۾ اڄ اصولن  پ پ سنڌ ۾ اڪيلي سر حُڪومت ٺاهن جي پوزيشن ۾ آهي ۽ اهو انجو جمهوري، آئيني، قانوني ۽ اخلاقي حق به آهي ته اها اڪيلي سر حڪومت ٺاهي ۽ انجي اهڙي حق جو ايم ڪيو ايم به اعتراف ڪري رهي آهي، پر ان باوجود آصف زرداري سنڌ حڪومت ۾ ايم ڪيو ايم کي شامل ڪرڻ جي ڳالهه ڪندو رهيو آهي، باوجود ان جي ته پارٽي اندر به اڪثريتي ميمبرن ايم ڪيو ايم کي حڪومت ۾ غير ضروري طور تي حصو ڏيڻ تي سخت اعتراض واريو ۽ ائين پ پ جي مرڪز ۾ وڏي اتحادي نواز ليگ کي به ايم ڪيو ايم جي سياسي ڪردار تي وڏا تحفظات آهن پر آصف ماضي کي هميشه هميشه لاءِ دفن ڪري نئين پاڪستان، نئين نظام ۽ مضبوط جمهوريت لاءِ سڀني کي گڏ کڻي هلي ڪنهن قومي ۽ مفاهمت حُڪومتي سيٽ اپ جو تصور ڏيڻ چاهي ٿو، هو سمجهي ٿو ته سياسي استحڪام سان ئي ملڪي ۽ عوامي مسئلا حل ٿيندا ۽ ان روشنيءَ هو ايم ڪيو ايم کي به سمورين مخالفتن باوجود پنهنجي صوابديد تي گڏ کڻي هلڻ چاهي ٿو، ان ڏس ۾ هو ڪراچي جي حالتن کي به خراب ٿيڻ کان بچائڻ چاهي ٿو ۽ شهري ڳوٺاڻي آبادي جي فرق کي به ميسارڻ چاهي ٿو، هونئن ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم اپوزيشن ۾ ويهي ها ته اهو عمل ڪو غير آئيني، غير جمهوري ۽ غير اخلاقي به نه هو، ظاهر آهي ته ان کي ايتريون سيٽون ناهن جو اُها سنڌ حڪومت ٺاهي سگهي ها ٻيو ته اها جيئن ته مشرف حڪومت جي اتحادي هئي ان ڪري 18 فيبروري واري چونڊ مشرف جي اتحادين ۽ سندن پاليسين خلاف مئنڊيٽ ڏنو، ان ڪري ايم ڪيو ايم جي اتحادي پارٽي مسلم ليگ (ق) کي بدترين شـڪست ملي، ان بنياد تي به ايم ڪيو ايم کي پرڀرو ڪري سگهجي پيو، جيئن نواز ليگ جي پاليسي آهي، چوڻ وارا چون ٿا ته اهو پڇڻ ۾ به حق بجانب آهن ته ڇا ڪو صوفي منش فقير ظلم، ڏاڍ، جبر ۽ دهشتگردي کي قبولي سگهي ٿو، ڇا اهو عملن ”امن“ جي منافي ناهي، پر اڄ جو سياسي صوفي فقير هٿياربند طالبانن سان به ڳالهائڻ چاهي ٿو  ته ايم ڪيو ايم کي به قومي ڌاري ۾ رکڻ چاهي ٿو، انجا ممڪن آهي ته عارضي طور تي سنڌ حڪومت لاءِ بهتر نتيجا به ظاهر ٿين ۽ ڪراچي ۾ امن هجڻ ڪري حُڪومتي ۽ انتظامي معاملا هلائڻ ۾ سولائي ٿئي، پر دائمي ۽ اجتماعي مفادن لاءِ ايم ڪيو ايم سان باقاعدي ڳالهيون ڪيون وڃن ها، 12 مئي واري واقعي، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي ڪراچيءَ ۾ اچڻ کان روڪڻ ۽ ڪراچي ايئرپورٽ تان ئي واپس اسلام آباد موڪلڻ ۽ عمران خان جي سنڌ ۾ داخلا تي پابندي ۽ ان کان علاوه سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان  جيڪي جُملي زيادتيون ڪيون ويون آهن، تن مامرن تي گهٽ ۾ گهٽ ”معافيءَ“ جي تقاضا ضرور ڪئي وڃي ها ۽ انهن جي ازالن جي خاطري ڪرائي وڃي ها ته شايد پ پ پ ايم ڪيو ايم جي موجوده سرچاءُ تي ايترو رنج ۽ غصو نه ڏيکاريو وڃي ها، جيترو نظر اچي رهيو آهي.