|
جڏهن
سنڌ
جي اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم سان ڪڌو ورتاءُ ڪيو ويو ته
تڏهن ئي پ پ پنهنجو موقف ڏنو هو ته اها انجو جائزو وٺندي ته
ڪٿي ڪا سازش ته نه ٿي آهي پر هاڻي جڏهن اڳوڻي وفاقي وزير شير
افگن نيازي تي مڇريل وڪيلن حملو ڪيو آهي ته ثابت ٿي رهيو آهي
ته ڪا واقعي به منظم سازش آهي، جنهن تحت نئين حڪومت جيڪا اڃا
چئن صوبن ۾ جڙي ئي نه سگهي آهي، تنهن کي بدنام ڪرڻ جون ڪوششون
زور وٺي رهيون آهن.
اهي
سازشون اهي غير جمهوري طاقتون ڪري رهيون آهن جن کي نئين حقيقي،
عوامي ۽ جمهوري حڪومت مان ڀئه آهي. هي غير جمهوري طاقتون اهي
آهن جيڪي نئين نظام کي سبوتاز ڪري پنهنجن مفادن کي بچائڻ چاهن
ٿيون.
ارباب
غلام رحيم ۽ شيرافگن سان ٿيل ڪڌن واقعن ۽ انهن پٺيان لڪل گهري
سازشن جمهوري طاقتن ۽ خود نئين حڪومت کي تشويش ۾ مبتلا ڪري
ڇڏيو آهي ته ڪٿي ملڪ کي وري مارشل لا جو ته منهن نه ڏيکاريو
ويندو، بهرحال جيڪي ڪجهه به آهي سو دال ۾ ڪارو آهي، نئين حڪومت
کي ان سازش واري ڦوڪڻي کي فوري طور تي ڦاڙڻ جو بندوبست ڪرڻو
پوندو ۽ حالتن کي پنهنجي ضابطي ۾ رکڻ لاءِ پنهنجيون سموريون
سياسي صلاحيتون استعمال ڪرڻيون پونديون، ٻي صورت ۾ اهي
ناخوشگوار واقعا توڙي جمهوريت ۽ سياستدانن کي بدنام ڪرڻ واريون
سازشون تيزي سان نئين حڪومت کي ناڪام ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي رهيون
آهن. |