سازشون وائکيون ٿين ٿيون...

 

 

 

زرار پيرزادو

اها ڳالهه واقعي به سمجهڻ جهڙي آهي ته جڏهن بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ انجو چاليهو به نه ٿيو هو ته تڏهن ئي پ پ اهو چئي چونڊن ۾ حصو ورتو هو ته ”جمهوريت“ ئي بينظير ڀٽو جي شهادت جو بهترين انتقام آهي ۽ چونڊن کٽڻ کانپوءِ به پ پ جڏهن انهيءَ ساڳي پاليسيءَ تي قائم رهندي قومي مفاهمتي طرز حڪومت جوڙڻ لاءِ سڀني صوبن جي نمائنده ۽ عوامي پارٽين کي گڏ کڻڻ جو ڪامياب ۽ خوبصورت تجربو ڪري به ورتو هو ته پوءِ ارباب غلام رحيم ۽ شيرافگن سان ڪڌي ورتاء وارا واقعا ڇو ٿيا؟ پ پ ته اهڙي انتقام جي ڳالهه ئي نه ڪئي هئي. اها ڳالهه تيستائين سمجهه ۾ نه پئي آئي جيستائين لاهور ۾ شيرافگن سان ساڳيو ارباب رحيم جهڙو ورتاءُ نه ٿيو.

انهيءَ واقعي کانپوءِ ئي عوام ۽ ميڊيا کي اها ڳالهه فوري طور تي سمجهه ۾ اچي وئي ته ايجنسيون حرڪت ۾ اچي ويون آهن ۽ انهن کان نئين جمهوري حڪومت ۽ مفاهمتي ماحول سرجندي برداشت نٿو ٿئي سو اهي ان سڄي ماحول کي سبوتاز ڪرڻ چاهين ٿيون. انهيءَ حقيقت جي تصديق ۾ اهو به دليل هتي پيش ڪجي ٿو ته ارباب رحيم ۽ شيرافگن سان ٿيل اهڙي ورتاءُ سان جمهوري حڪومت ۽ سياسي پارٽين کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ اهو تاثر ڏنو ويو ته هيءَ ملڪ جمهوريت ۽ اظهار جي آزادي جو اهل ناهي ۽ نه ئي اسانجا سياستدان ۽ سياسي ڪارڪن ايڏو بالغ آهن جو اهي جمهوري نظام ۽ انجي تقاضائن کي سنڀالي سگهن. سو جڏهن اهو طئي آهي ته ارباب رحيم ۽ شيرافگن سان ٿيل واقعن ڪري نئين حڪومت ۽ سياستدان ئي بدنام ٿيا آهن ته پوءِ اهو ڪيئن تصور ڪجي ته حڪومت پاڻ اهي واقعا ڪرايا آهن جيئن اپوزيشن پارٽيون ۽ ارباب رحيم توڙي شيرافگن چئي رهيا آهن. اها به دلچسپ ڳالهه آهي ته پ پ قيادت طرفان سنڌ اسيمبلي ۾ پنهنجن ڪارڪن توڙي لاهور ۾ اعتزاز احسن طرفان پنهنجن وڪيلن کي جذباتي ٿيڻ کان روڪڻ ۽ ڪو ناخوشگوار واقعو ڪرڻ کان روڪيندا رهيا پر پوءِ به اهڙا واقعا ٿي ويا.

هاڻي واضح ٿي ويو آهي ته انهن واقعن پٺيان هڪ گهري ۽ خوفناڪ سازش هئي ۽ آهي. حالتن جو وچان ئي ”ٽين“ ڌر ڀرپور فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي. پ پ جي آڙ ۾ ۽ ڀٽو جا نعرا هڻي جن ماڻهن ارباب رحيم تي تشدد ڪيو سي به ڪرائي جا ماڻهو هيا ۽ جن مڇريل وڪيلن شيرافگن سان ڪڌو ورتاءُ ڪيو تن کي به سپريم ڪورٽ بار جو صدر اعتزاز احسن ۽ ٻي وڪيل قيادت قبولڻ لاءِ تيار ناهي. اعتزاز احسن ان سازش جا تفصيل ٻڌائي چڪو آهي. انهيءَ ۾ به ڪو شڪ ناهي ته ارباب غلام رحيم ۽ شيرافگن هڪڙا تڪراري ۽ بدزبان سياستدان طور بدنام رهيا آهن. انهن ڪيترن ئي ماڻهن جون دليون رنجايون آهن، ماڻهن جي مٿن شديد ڪاوڙ به آهي. تنهنڪري مٿن ٿيل حملي کي عوامي رد عمل سمجهيو ويو اهو ئي سازشين جو ڪمال آهي ته انهن اهو پتو ڪيئن کيڏيو. ان نفرت جو ڪيئن فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهي سازشي اهي ئي آهن جن سٺ سالن کان جمهوريت ۽ سياستدانن کي بدنام ڪرڻ جي پئي مُهم هلائي آهي. ان ڌر کي خبر هئي ته هيءَ وقت آهي جنهن ۾ سندن سازش ڦٻي سگهي ٿي ڇاڪاڻ ته حڪومت سازي اڃا مڪمل نه ٿي آهي سو جيڪي ڌريون هاڻي به اهڙن واقعن ٿيڻ جو الزام نئين حڪومت تي لڳائي رهيون آهن. تن کي اهو ياد ڪرائڻ به ضروري آهي ته اڃا نگران حڪومت جو دور آهي سو اهي جيڪي به واقعا ٿيا آهن سي نگران حڪومت جي کاتي ۾ ئي ويندا ڇاڪاڻ ته اڃا صوبائي حڪومتون جڙيون ناهين.

اسان کي اها ڳالهه به سمجهڻ گهرجي ته جڏهن به پ پ ۽ نواز ليگ متحد ٿيڻ لڳيون آهن ته انهن ۾ ڏار وجهڻ جون ڪوششون به ٿينديون رهيون آهن. جڏهن بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف وچ ۾ ”ميثاق جمهوريت“ وجود ۾ آيو ته اي پي سي ۾ ايم ايم اي جي شموليت سبب پ پ کي اي پي ڊي ايم کان ٻاهر ٿيڻو پيو، وري جڏهن پ پ ۽ نواز ليگ اليڪشن اتحاد ٺاهيو ته وزيراعظم جي اشوءَ تي پهريون پ پ ۽ نواز ليگ ۾ ڏار وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ جڏهن کين ان ۾ گهربل ڪاميابي نه ٿي ته پ پ ۾ ڏار وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ امين فهيم کي وزارت عظميٰ جي معاملي تي اسڪرين تي آندو ويو پ پ کي ان امتحان مان به گذرڻو پيو ۽ هاڻي ڪالهه کان ڪراچيءَ کي بدامني ۽ هنگامن جي نذر ڪيو ويو آهي. ڪي مبصر ان کي پ پ ايم ڪيو ايم وچ ۾ وزارتن جي معاملي تي ٿيل ”ڊيڊ لاڪ“ جي پسمنظر ۾ ڏسي رهيا آهن سو مجموعي طور تي اهو سڀ ان ڪري ڪيو ويو آهي ته جيئن نئين جمهوري حڪومت اهو سڀ ڪجهه نه ڪري سگهي جيڪو اها جمهوريت جي بحالي لاءِ ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي جيڪڏهن پ پ نواز ليگ ۽ اي اين پي واقعي به ججن کي بحال ڪري ٿي، 73 جي آئين کي لاڳو ڪري ٿي ۽ صوبائي خودمختياري ڏئي ٿي ته ملڪ اندر جمهوري نظام مڪمل ۽ حقيقي نموني بحال ٿي ويندو جنهن صورت ۾ اسٽيبلشمينٽ جا دائمي مفاد لڏي ويندا. انهن غير جمهوري، غير آئيني، غير قانوني اقتداري ۽ سامراجي مفادن جو بچاءُ ان صورت ۾ ئي آهي ته هتي عوامي ۽ جمهوري حڪومت کي موجود رهڻ نه ڏنو وڃي. ان ڪري ئي نئين جمهوري حُڪومت کي قائم ٿيڻ کان اڳ ئي ناڪام بڻايو وڃي ۽ اهڙيون حالتون قائم ڪيون وڃن جيئن ”مقتدر طاقت“ کي وري ملڪ کي سنڀالڻ جو ڪو جواز ملي سگهي. مارشل لا لڳائڻ يا حڪومت ٽوڙڻ وارا معاملا في الحال ڏکيا آهن ان ڪري غير معمولي حالتون پيدا ڪري ئي انجو جواز پئدا ڪيو ويندو آهي.

انهن سڀني مامرن کي ان پسمنظر ۾ به ڏسڻ گهرجي ته اڄ قومي اسيمبليءَ جو اجلاس سڏائجي رهيو آهي جنهن ۾ ججن جي بحالي وارو معاملو به بحث هيٺ ايندو ۽ اهو نئون آئيني پيڪيج به پيش ڪيو ويندو جنهن ۾ ملڪ جي صدر جا اختيار گهٽائڻ، اسيمبلي ٽوڙڻ جو اختيار کسڻ ۽ فوجي سربراهن کي گورنر نه بڻائڻ جون ترميمون به شامل آهن. هيءَ حڪومت ان ڪري به اڻ وڻندڙ آهي جو ان دهشتگردي خلاف جنگ، بلوچستان آپريشن وارن معاملن تي به پنهنجي پاليسي تبديل ڪري رهي آهي ۽ اهو سڀ ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي جيڪو پوين 60 ورهين ۾ نه ٿي سگهيو آهي.

سو نئين حڪومت جو چوڻ آهي ته هيءُ سڀ سازشن جو نتيجو آهي هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته سياسي ۽ جمهوري حڪومت انهن سازشن کي ڪيئن ٿي منهن ڏئي. پير پاڳاري جي اها اڳڪٿي به ڏاڍي تشويش ناڪ آهي ۽ معنيٰ خيز آهي ته هيءَ حڪومت ٽي مهينا به هلي نه سگهندي سو جمهوري طاقتن ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ هلندڙ جنگ اڃا ختم ناهي ٿي.