نظام جي تبديلي يا سياسي استحڪام چاهيو ٿا؟

زرار پيرزادو

سياست ۾ ڪلهه جا دشمن اڄ جا دوست ۽ اڄ جا دوست سڀاڻي جا دشمن ٿي سگهن ٿا، وارو فلسفو صرف ان صورت ۾ ئي قبولي سگهجي ٿو جيڪڏهن اهڙو ڪو عمل ڪنهن عظيم مفاد ۽ مقصد لاءِ لاڳو ڪيو وڃي.

پر جيڪڏهن خالص اقتداري ۽ ذاتي مفادن لاءِ اهڙو ڪم ڪجي ته پوءِ انهن ماڻهن سان ذيادتي هوندي جن اوهانجي ڪالهه جي دشمني سبب ڀوڳيو آهي. جيڪڏهن اڄ جا دشمن سڀاڻي جا دوست ٿي سگهن ٿا ته پوءِ ان مفادن واري دوستي ۽ دشمنيءَ ۾ بيگناهه پنهنجن ڪارڪنن کي ان مخالفت واري باهه ۾ سڙڻ نه ڏنو وڃي ڇاڪاڻ ته اها عارضي هجي ٿي. ڇو ته انساني ذيان جو ڪو ازالو نٿو ٿي سگهي، انجي ڪا تلافي نٿي ٿي سگهي. انڪري سياسي پارٽين کي سوچي سمجهي ڪري پنهنجيون دوستيون ۽ دشمنيون ڪرڻ گهرجن.

اڄ جي سياست ۾ ملڪي سطح تي خاص ڪري دشمنيون ۽ دوستيون تبديل ٿيڻ وارو لاڙو چوٽ چڙهيل ٿو ڀانئنجي. آصف علي زرداري ڪالهه جي سمورن دشمنن کي اڄ جو دوست جنهن مقصد لاءِ بڻائي رهيو آهي سو بظاهر هڪ عظيم مقصد آهي. هو اهو سرچاءُ وارو ماحول ”نظام جي تبديلي“ لاءِ قائم ڪري رهيو آهي. خيال جي حد تائين يقينن اهو نيڪ خيال آهي پر اهو سوال پنهنجي جاءِ تي ضرور موجود آهي ته هو جن سياسي پارٽين سان سرچاءُ ڪري نظام جي تبديلي آڻڻ چاهي ٿو سي واقعي به نظام جي تبديلي آڻڻ جون اهل آهن؟ ۽ جيڪڏهن هو واقعي به نظام جي تبديلي آڻڻ چاهي ٿو ته پوءِ ان لاءِ ملڪ جي قومپرست ۽ ترقي پسند سياسي ڌرين کي اعتماد ۾ ڇو نه ورتو ويو آهي؟ نظام جي تبديلي تڏهن ٿي اچي سگهي جڏهن ملڪ جي کاٻي ڌر جي نمائندن ڌرين کي ان مقصد ۾ شامل ڪيو وڃي. سو لڳي ايئن ٿو ته آصف زرداري جنهن مقصد کي نظام جي تبديلي چئي ٿو سو اصل ۾ ”سياسي استحڪام“ آهي، هو سياسي استحڪام چاهي ٿو. سو نظام جي تبديلي ۽ سياسي استحڪام ٻه الڳ شيون آهن.

جيڪڏهن هو نظام جي تبديلي چاهي ٿو ته ان ڏس ۾ انجو رخ درست ناهي. نظام جي تبديلي تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن اسٽيبلشمينٽ جي ٺاهيل سياسي پارٽين سان بائيڪاٽ ڪجي ها. نظام جي تبديلي جون تقاضائون ئي ڪي ٻيون آهن ۽ انجو طريقيڪار به ڪو ٻيو آهي. اسان سمجهون ٿا ته آصف زرداري عملن جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي سو نظام جي تبديلي لاءِ نه پر سياسي استحڪام لاءِ ڪري رهيو آهي ته جيئن سندس حڪومت پنجن سالن وارو مدو پورو ڪري سگهي. پ پ کي يقينن پوين ٻن حڪومتن جو تلخ تجربو رهيو آهي جنهن ۾ اُها ٻئي ڀيرا پنهنجو مدو پورو ڪري نه سگهي هئي. سو پ پ هاڻي سڀني پارلياماني ڌرين سان انڪري ٺاهه ڪري رهي آهي ته جيئن انجي حڪومت مخالف ڌر جي رنڊڪ بنا پنهنجو مدو پورو ڪري سگهي.

اسان اهو نٿا چئون ته ملڪ کي ڪو سياسي استحڪام جي ضرورت ناهي يا آصف زرداري ان ڏس ۾ جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي سو ڪو غلط آهي. ”جيئو ۽ جيئڻ ڏيو“ واري ڪنهن خيال تي ڀلا ڪنهن کي ڪهڙو اعتراض. اها به حقيقت آهي ته پ پ کي پنهنجو حڪومتي مدو پورو ڪرڻ جو حق آهي. اُها ڊگهي وقت کان اپوزيشن ۾ رهي آهي، عوامي مئنڊيٽ ۽ جمهوري طور تي اها چونڊجي آئي آهي انڪري انکي پنهنجو مدو بلڪل به پورو ڪرڻ گهرجي. اسان رڳو هتي اهو سمجهڻ ۽ سمجهائڻ چاهيون ٿا ته آصف زرداري جنهن نظام جي تبديلي جي ڳالهه ڪري رهيو آهي سا واقعي به نظام جي تبديلي آهي يا سياسي استحڪام جي. حالتون ٻڌائين ٿيون ته هو سياسي استحڪام چاهي ٿو.

جيڪڏهن هو واقعي به سياسي استحڪام چاهي ٿو ته اهو به تڏهن ممڪن آهي جڏهن آصف علي زرداري هن ملڪ کي آئين، قانون ۽ جمهوريت کي بالادست ڪرڻ ڏانهن ويندو. هن کي يقينن اهو به معلوم آهي ته هو اڄ جن کي پنهنجو سياسي دوست بڻائي رهيو آهي سي ڪالهه سندس دشمن هيا. اهڙي صورتحال ۾ ڪنهن به وقت اڄ جو دوست سڀاڻي انجو دشمن ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته هيءَ دوستي نظام جي تبديلي نه پر اقتداري مفادن لاءِ آهي ۽ جن ڌرين سان سندس دوستي آهي سي به اقتدار پرست آهن. انهيءَ حوالي سان خاص ڪري ايم ڪيو ايم جو ڪردار ڏاڍو مشڪوڪ آهي. اها حڪومت سان به سرچاءُ ڪري رهي آهي ته ٻئي پاسي مخالف ڌر مسلم ليگ ق سان به گڏ آهي. انجي هڪ ڄنگهه حڪومت ۾ آهي ته ٻي مخالف ڌر ۾ ۽ اها به دلچسپ ۽ اچرج جي ڳالهه آهي ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم حڪومت ۾ آهي ته مخالف ڌر يعني ق ليگ کي ان تي ڪو اعتراض ئي ناهي ۽ نه ئي پ پ ايم ڪيو ايم سان اصولي موقف اختيار ڪرڻ تي ڪو بائيڪاٽ ڪيو آهي. ايم ڪيو ايم پوئين حڪومت ۾ به ان پاليسيءَ تي هلي. اها حڪومتي پاليسين جي مخالف به هئي، حڪومت مان نڪرڻ جون ڌمڪيون به ڏيندي هئي، الٽيميٽم به ڏيندي هئي پر وقت ٻڌايو ته اها پنج سال ئي حڪومت سان رهي. پوئين حڪومت ۾ ايم ڪيو ايم غير جمهوري جنرل سان گڏ ڪم ڪري اسٽيبلشمينٽ جي پارٽي هئڻ جو ڄڻ ته سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيو ۽ هاڻي به اها مشرف جي حامي پارٽي ق ليگ سان گڏ آهي. ايم ڪيو ايم جي ان پاليسيءَ انکي ڪيترو نقصان ڏنو آهي تنهن جو انکي اندازو آهي يا ناهي پر پ پ سان تازو ناراض ٿي ان پنهنجن پيرن تي جيڪا ڪهاڙي هنئي آهي تنهن جو يقينن کين وڏو احساس ٿيو آهي. ايم ڪيو ايم جي ناراضگي دوران پ پ سنڌ ڪابينه ٺاهي ڪيتريون ئي اهم ۽ وڏيون وزارتون ورهائي ڇڏيون ۽ ان دوران ڪراچي ۾ جيڪا انتظامي تبديلي ڪئي تنهن ۾ به ايم ڪيو ايم سان ڪا صلاح مصلحت نه ڪئي وئي. ايئن ايم ڪيو ايم کان ڌَڪُ نڪري ويو. سو چوڻ جو مقصد اهو آهي ته ايم ڪيو ايم کي پنهنجو سياسي ڪردار چٽو ڪرڻو پوندو ۽ پ پ کي ان کان خاطري وٺڻي پوندي ته اها حڪومت سان گڏجڻ کانپوءِ ق ليگ سان نه هوندي.

اهڙي نموني پ پ ۽ نواز ليگ بابت به اڳڪٿيون ڪيون ٿيون وڃن ته ٽن مهينن کانپوءِ اهي گڏ هلي نه سگهنديون ۽ چوڻ وارا ته اهو به چون ٿا ته ججن جي بحالي واري معاملي ۽ صدر مشرف جي اشو تي اهو حڪومتي اتحاد ٻه اڌ ٿي ويندو. هوڏانهن اسٽيبلشمينٽ ۽ ايجنسين جي به پوري پوري ڪوشش آهي ته اهو حڪومتي اتحاد گهڻو هلي نه سگهي ڇاڪاڻ ته انهن کي خطرو آهي ته ڪٿي واقعي به اهو حڪومتي اتحاد نظام جي تبديلي جو نه ڪارڻ بڻجي وڃي پر زميني حقيقتون ٻڌائين ٿيون ته پ پ ججن جي بحالي ۽ صدرمشرف جي معاملي تي ”اگر مگر“ ڪئي ته پوءِ نه نظام تبديل ٿي سگهندو ۽ نه ئي سياسي استحڪام اچي سگهندو.