|
سنڌ ۾ هاڻي جڏهن ايم ڪيو ايم اپوزيشن ۾ ويهڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو
آهي ته انجو مطلب اهو ٿيو ته ڪراچيءَ کي انتظامي طور تي سنڀالڻ
۽ اتي سياسي استحڪام قائم ڪرڻ به پ پ جي ذميواري هوندي. جڏهن
ته ماضيءَ ۾ پ پ ۽ نواز ليگ ۽ پوئين ارباب حڪومت ۾ ايم ڪيو ايم
سان گڏيل حڪومت ٺاهي ڪراچيءَ جي حڪومت ايم ڪيو ايم جي حوالي
ڪئي ويندي هئي ۽ اتي امن امان قائم ڪرڻ کي انجي ذميواري سمجهي
۽ ليکي ويندي هئي. هاڻي هڪ وڏي عرصي کانپوءِ ڪراچي حڪومت ايم
ڪيو ايم کانسواءِ ڪنهن ٻي پارٽيءَ کي ملي رهي آهي. اسان سمجهون
ٿا ته اهو هڪ مثبت ۽ جمهوري عمل آهي پر اها جرئت جي ڳالهه آهي
ته ايم ڪيو ايم جي اپوزيشن ۾ ويهڻ واري معاملي تي اردو ميڊيا
اهڙو تاثر ڏئي رهي آهي ڄڻ ته ايم ڪيو ايم سان ڪا زيادتي ٿي آهي
۽ اهو عمل ڄڻ ڪو غيرجمهوري، غيرآئيني ۽ غيراخلاقي هجي. هوڏانهن
ايم ڪيو ايم به ڏکايل ۽ مايوس ڏيکُ ڏيندي اهو تاثر ڏئي رهي آهي
ڄڻ انکي ۽ انجي مئنڊيٽ کي قبولڻ بدران ڦٽو ڪري اڇلائي اڪيلو
ڪيو ويو آهي. اردو ميڊيا به ان سوال تي بحث مباحثي وارا
پروگرام ڏئي رهي آهي ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم سنڌ حڪومت ۾ شامل
ناهي ۽ پ پ شعيب سڊل آءِ جي سنڌ مقرر ڪيو آهي ته ايئن ته نه
پيو ٿئي ته هتي وري 90 جي ڏهاڪي کي ورجايو پيو وڃي. اسان
سمجهون ٿا ته اردو ميڊيا کي ان حوالي سان مثبت ۽ جمهوري ڪردار
ادا ڪرڻ گهرجي ۽ جمهوري روايتن کي هٿي ڏيڻ گهرجي.
18 فيبروري وارين چونڊن جي نتيجن جي روح کي جيڪڏهن سمجهڻ جي
ڪوشش ڪبي ته اهو عوام مئنڊيٽ ”تبديليءَ“ لاءِ ڏنو ويو آهي.
پوين اٺن سالن واري حڪومتي سيٽ اپ ۽ پاليسين جي تبديليءَ لاءِ.
ايم ڪيو ايم به پراڻي سيٽ اپ ۽ پاليسين جو حصو هئي ۽ آهي. جڏهن
پ پ سنڌ ۾ اڪيلي سر حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ آئي ته ايم ڪيو
ايم نه صرف انجي ڪاميابيءَ کي تسليم ڪيو پر الطاف حسين انکي
مبارڪباد به ڏني ۽ پوءِ اسان اهو به ڏٺوسين ته آصف علي زرداريءَ
ايم ڪيو ايم کي به حڪومت ۾ شامل ڪرڻ جي ڳالهه ڪندو رهيو ته
جيئن سڄي ملڪ ۾ سرچاءَ جو ماحول رهي قومي نوعيت جي حڪومت سرجي،
سياسي استحڪام لاءِ شايد اهو ضروري به هو. آصف جي ان عمل خلاف
سنڌ ۾ ۽ خود پارٽي اندر سخت تحفظات ڏيکاريا ويا ايستائين جو پ
پ جون اتحادي پارٽيون به آصف جي ان پاليسي جون مخالف هيون پر
پوءِ به آصف پنهنجي موقف تي قائم رهيو ۽ نائن زيرو تي وڃي ڪري
ماضيءَ جي سمورين تلخين، نفرتن ۽ انتقامن کي دفن ڪري نئين دور
جي شروعات ڪرڻ جو ماحول ٺاهي آيو پر افسوس ته اهو سرچاءُ هفتو
به نه هليو ۽ سنڌ اسيمبليءَ جي ٻئي اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم ارباب
رحيم سان ٿيل ڪُڌي ورتاءَ تي اسيمبليءَ جو بائيڪاٽ ڪري مخالف
ڌر ق ليگ سان گڏ احتجاج ڪرڻ لڳي۽ اڳتي هلي شير افگن سان ٿيل
ڪُڌي ورتاءَ تي ڪراچيءَ ۾ احتجاج ڪيو ته اهو 9 اپريل وارو
سانحو بڻجي ويو. انهيءَ سانحي جي ذميواري پوءِ الطاف حسين قبول
ڪندي مقامي قيادت سان احتجاج ڪندي قيادت ڇڏڻ جو اعلان به ڪيو.
اُها ٻي ڳالهه آهي ته ان استعيفيٰ جو پسمنظر اصل ۾ ڪو ٻيو هو.
نواز ليگ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته نوازشريف برطانوي حڪومت کي
شڪايت ڪئي هئي جنهن سبب الطاف حسين کي اهو سڀ ڪرڻو پيو. بهرحال
چوڻ جو مقصد اهو آهي ته ايم ڪيو ايم ارباب جي معاملي تي
اپوزيشن جو ساٿ ڏئي ڪري پاڻ سرچاءَ واري ماحول کي سبوتاز ڪيو.
ايم ڪيو ايم جا گورنر شپ، سٽي ناظمي ۽ وزارتن جي حوالي سان ڪي
مطالبا هيا جن کي مڃائڻ لاءِ انهن پنهنجو روايتي طريقو استعمال
ڪيو جنهن ۾ هيل اها ناڪام ٿي. جيڪڏهن ايم ڪيو ايم ڳالهين جو
رستو اختيار ڪري ها ۽ پ پ جي پوزيشن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ها
ته اها نوبت نه اچي ها. ٻيو ته ايم ڪيو ايم شير افگن جي واقعي
۽ 9 اپريل واري واقعي ۾ نواز ليگ کي ذميوار قرار ڏئي ڪري آصف
زرداريءَ لاءِ به ڄڻ ته ناممڪن بڻائي ڇڏيو هو ته اهو نواز ليگ
کي ناراض ڪري انجي مخالف متحده کي پوءِ به حڪومت ۾ شامل ڪري
ها. سو ان پسمنظر ۾ يقينن پ پ پوءِ سرد مهري ڏيکاري هوندي جيڪا
انجي مجبوري به ٿي سگهي ٿي. سو اڄ متحده جيڪڏهن اپوزيشن ۾ ويٺي
آهي ته انجي اها پاڻ ذميوار آهي. انجي پنهنجن ڪن عملن انکي
مشڪوڪ بڻائي ڇڏيو آهي. اها ڪيڏي نه اچرج جي ڳالهه آهي ته ايم
ڪيو ايم جيڪڏهن سنڌ حڪومت ۾ شامل ٿئي پئي تڏهن به ق ليگ کي ڪو
اعتراض نه پيو ٿئي. ڇا پ پ انجو اهو مطلب نه سمجهي ته اُها پ پ
سان گڏ هوندي به مخالف ڌر ق ليگ جي ساٿاري آهي. سو اردو ميڊيا
کي غيرجانبدار ٿي ايم ڪيو ايم جي پاليسين جو جائزو وٺڻ گهرجي ۽
انکي ايم ڪيو ايم جي جائز اصلاح به ڪرڻ گهرجي. ايم ڪيو ايم
جيڪڏهن اپوزيشن ۾ ويٺي آهي ته اهو عمل جمهوريت جو حصو آهي.
پوين 10 سالن کان پ پ به اپوزيشن ۾ رهي آهي ۽ پوئين حڪومت ۾
سنڌ جي اڪثريتي پارٽي هئڻ باوجود اها پوزيشن ۾ ويٺي هئي. ايئن
نواز ليگ ۽ اين اين پي به پوئين حڪومت ۾ اپوزيشن پارٽيون هيون.
سو سياسي پارٽيون ڪڏهن اقتداري بينچن تي ته ڪڏهن اپوزيشن بينچن
تي ويهنديون رهنديون آهن. دنيا جي پارلياماني تاريخ ۾ وڏيون
وڏيون سياسي پارٽيون اپوزيشن ۾ ويهنديون رهيون آهن. اها مٽاسٽا
بيحد ضروري به آهي. جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته حڪومت جو مدو
مقرر ٿيل نه هجي ها. جيڪڏهن سڄي ڄمار هڪ ئي پارٽيءَ جي حڪومت
هلڻ درست هجي ها ته جيڪر آئين ۽ قانون اهڙي گنجائش ڏئي ها.
اسان وٽ ته سرڪاري عملدار، آفيسرن ۽ ملازمن جون به انڪري
بدليون ٿينديون رهنديون آهن ته جيئن ڪير ڪٿي پنهنجي جاگير نه
ٺاهي ويهي رهي ۽ ٻين لاءِ ”نوگو ايريا“ نه بڻائي ويهي رهي.
انڪري ”تبديلين“ ۽ ”بدلين“ وارو عمل ضروري به هجي ٿو. اڄ اردو
ميڊيا کي ايم ڪيو ايم جي اپوزيشن ۾ ويهڻ انڪري ڏکيو ٿو لڳي ۽
ايم ڪيو ايم ان تي انڪري ”مايوسي“ ظاهر ڪئي آهي جو اُها ڪافي
وقت کان ڪراچي ۾ حڪومت ڪري رهي آهي. گهڻو وقت حڪومت ڪرڻ جا
منفي اثر به پوندا آهن. ايم ڪيو ايمي اڳواڻن کان اهو نه
چاهيندي به وات مان نڪري ويندو آهي ته ”ڪراچي سندن شهر آهي“
جڏهن ته ڪراچي پهريون سنڌ ۽ سنڌين جو شهر آهي ۽ پوءِ هر امن
پسند، مثبت ۽ جمهوري ماڻهن جو شهر آهي. گهڻو وقت حڪمراني ڪرڻ
سبب افتخار محمد چوڌري کي 12 مئي تي ڪراچيءَ ۾ اچڻ نه ڏنو ويو
۽ ٽي ڀيرا عمران خان کي به ايئرپورٽ تان واپس ڪيو ويو ۽
ڪراچيءَ جا ڪيترائي علائقا نوگو ايرياز بڻايا ويا آهن.
سو ڪراچيءَ ۾ جمهوري تقاضائن موجب ۽ مئنڊيٽ تحت سڀني کي حڪومت
ڪرڻ جو حق آهي. جماعت اسلامي جي جڏهن ڪراچيءَ ۾ سٽي حڪومت هئي
ته مولانا نعمت الله ريڪارڊ ڪم ڪرايا هيا، سندس دور کي يادگار
سمجهيو وڃي ٿو ۽ هاڻي پ پ به يقينن چاهيندي ته اُها ڪراچيءَ جي
عوام کي سٺي حڪومت مهيا ڪري. اسان سمجهون ٿا ته پ پ لاءِ اهو
وڏو چئلينج آهي ته اُها ڪراچي ۾ ڪاميابيءَ سان حڪومت ڪري ۽
ڪراچيءَ جي عوام جو اعتماد بحال ڪري. ڪراچيءَ کي به بيشڪ رليف
ڏيڻ جي ضرورت آهي. ان ڏس ۾ ڪراچي اندر جنهن شيءِ جي سخت ضرورت
آهي ۽ جيڪا حالتن جي تقاضا آهي سان آهي قانون جي حڪمراني. هاڻي
ڪراچيءَ ۾ قانون جي حڪمراني لاءِ حڪومتي رٽ قائم ڪرڻي پوندي.
ايم ڪيو ايم جڏهن حڪومت سازي جي مرحلي دوران بائيڪاٽ ڪري هلي
وئي ۽ ارباب واقعي توڙي شير افگن واري ڪيس ۾ پ پ جو ساٿ نه ڏنو
ته ان سمي پ پ وزارتون به ورهائي ڇڏيون ۽ آءِ جي پوليس سميت
پوليس ۽ ٻين انتظامي عهدن تي بلديون ۽ تبديليون به ڪيون جيڪو
ظاهر آهي ته نئين حڪومت جو حق آهي. جيڪڏهن اُها سمجهي ته آءِ
جي شعيب سڊل سان ئي ڪراچيءَ ۾ حڪومتي رٽ قائم ٿي سگهي ٿي ته
اهو موقعو پ پ کي واقعي به ملڻ گهرجي. |