|
”ججن جي بحالي“ وارو آئيني معاملو ”حل“ ٿيڻ جي ڏينهن ۾ داخل ٿي
چڪو آهي. باوجود انجي ته ان معاملي جي سنگيني ۽ نذاڪت کان عام
ماڻهو به چڱيءُ ريت واقف آهي ۽ اهو چڱيءُ ريت سمجهي به ٿو ته
ججن جي بحال ٿيڻ کانپوءِحڪومت ۽ ايوان صدر وچ ۾ وڏو ٽڪراءُبه
پيدا ٿيڻو آهي پر پوءِ به اهي 30 ڏينهن جي مليل مدي جي پوري
ٿيڻ کان اڳ ئي حڪومت کي ميارون ڏئي رهيا آهن ۽ مٿن شڪن شبهن
جون آڱريون به کڻين رهيا آهن ته هيءُ مسئلو ايڏي ڊيگهه ڇو وٺي
ويو آهي؟
اسان جيتوڻيڪ ان انتظار ۽ بي صبري کي هڪ مخصوص پسمنظر ۾ ڏسندي
انکي بي جواز به نٿا سمجهون پر هيءُ معاملو پنهنجي مخصوص سياسي
۽ آئيني ڪلچر ۾ايڏو سهنجو به ناهي. آئين، قانون ۽ جمهوريت جي
بالادستي واري هيءَ جنگ صرف جمهوريت 9 مارچ 2007 کان ئي شروع
ناهي ٿي پر چوڻ وارا ته اهو چون ٿا ته 9 مارچ 2007 واري واقعي
هن ملڪ ۽ عوام کي اصل ۾آئين ۽ قانون کي بالادست ڪرڻ جو هڪ وڏو
موقعو ڏئي ڇڏيو آهي. طاقت جي نشي ۾ ڏاڍن کان اهو وسري ويو ته
چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري کي غيرفعال بڻائي هن ان ٽاريءَ کي
ڪٽي ڇڏيو جنهن تي اهو پاڻ ويٺل هو. هاڻي هو اُها ٽاري وري وڻ ۾
لڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جڏهن ته ٽٽل ٽاريءَ جي جڳهه تي
نئون گونچ ڦٽي نڪتو آهي جيڪو آئين، قانون ۽ جمهوريت جي
بالادستيءَ جو آهي. هاڻي ايوان صدر بضد آهي ته ٽٽل ٽاريءَ کي
ڪيئن به ڪري هر قيمت تي، جائز ناجائز نموني وري وڻ سان لڳائجي.
اهو عمل جيترو ناممڪن آهي اوڏو ئي ان تي وڏو زور به آهي. عوام
کي شايد اندازو ناهي ته اهو زور اڄ جي حڪومت ۽ پارليامينٽ کان
هاڻي به وڌيڪ سگهارو آهي. حڪومت 30 ڏينهن اندر ججن جي بحالي جو
اعلان ته ڪيو آهي اها ان لاءِ پابند به آهي پر ان اعلان کي
عملي جامو پهرائڻ بهرحال ڪنهن جوکم کان گهٽ ناهي. ان ڏس ۾ پس
پرده اتحادي پارٽين تي به آمريڪا، اسٽيبلشمينٽ ۽ ايوان صدر جو
جيڪو دٻاءُ، جيڪي سازشون آڏو آهن تن کان انهن جو بچڻ ۽ ثابت
قدم رهڻ ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي.
انهيءَ ۾ به ڪو شڪ ناهي ته ججن جي بحالي واري قرارداد پاس ڪرڻ
۽ ان روشنيءَ ۾ وزيراعظم طرفان نوٽيفڪيشن پڌرو ڪرڻ بظاهر سولو
ڪم آهي پر انکانپوءِ ڪهڙو طوفان برپا ٿيندو تنهن جو في الحال
ڪنهن کي شايد اندازو ناهي پر حڪومت کي چڱيءَ ريت معلوم آهي
انڪري اها چاهي ٿي ته اها ان معاملي کي ائين اڪلائي جئين گهٽ
کان گهٽ نقصان ٿي سگهي يا نقصان ٿيڻ جي صورت ۾ انکي منهن ڏيڻ
جو ڪو بندوبست ڪري سگهي. ان ڏس ۾ خاص ڪري آصف علي زرداري بظاهر
محتاط ۽ دورانديش نظر اچي رهيو آهي. جڏهن ته نواز ليگ جو عالم
اهو آهي ته اها صدر مشرف جو منهن
ئي ڏسڻ لاءِ تيار ناهي نواز ليگ دل تي پٿر رکي اليڪشن به وڙهي،
حڪومت ۾ به شامل ٿي، وزارتون به ماڻيون، حلف به کنيو ۽ اهي سڀ
ڪم اُن اِن اُميد سان ڪيا ته صدر مشرف کي آئوٽ ڪرڻ لاءِ اڳتي
وڌڻو پوندو. پ پ به برابر نوازليگ کي آسرو ڏيو ويٺي آهي ته صبر
ڪيو ۽ ڏسندا هلو ته ڇا ٿي رهيو آهي؟
سنڌيءَ ۾چوندا آهن ته ” ٻه ته ٻارنهن“ سو آصف ۽ نواز شريف ۽
ٻئي پارٽيون گڏجي ڪري ئي اسٽيبلشمينٽ کي منهن ڏئي رهيون آهن ۽
جيڪڏهن اهي ٻئي شخصيتون ۽ ٻئي پارٽيون به اسٽيبلشمينٽ کي منهن
نه ڏئي سگهيون ته پوءِ ملڪ جو الله ئي حافظ آهي. سو ان لحاظ
کان لڳي ٿو ته هيءُ فيصلائتو موڙ آهي. جيڪو ڪجهه ٿي سگهي ٿو سو
هاڻي ئي ٿي سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن هاڻي نه ٿيو ته پوءِ ڪڏهن به نه
ٿي سگهندو. هن حڪومت مان عوام، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي کي اها ئي
اميد آهي. انڪري وس وارن جو پورو زور آهي ته پ پ ۽ نواز ليگ ۾
ڏڦيڙ پيدا ڪجي.
انهيءَ ۾ڪوشڪ ناهي ته هي ماضي جون ٻه مخالف پارٽيون رهيون آهن
۽ اهي جمهوريت جي بحالي ۽ صدر مشرف جي نيڪالي واري هڪ نقطي تي
ئي في الحال متحد آهن. ٻين مامرن جهڙوڪ آئيني پيڪيج ۽ ڪالاباغ
ڊيم وغيره تي سندن يقينن پنهنجا موقف آهن ان پسمنظر ۽ پيش نظر
کي ڏسندي عام تاثر اهو آهي ته هيءَ حڪومت ٽي مهينا به هلي وڃي
ته وڏي نعمت سمجهي ويندي. ان سڄي پسمنظر ۾ جيڪڏهن موجوده حڪومت
جي مجبوري ۽ زميني حقيقت کي ڏسجي ته پوءِ حڪومت تي ججن جي
بحالي واري مسئلي کي ترت اڪلائي نه سگهڻ جي ميار نٿي ڏئي سگهجي.
حڪومت جيڪڏهن 30 ڏينهن گهريا آهن ته اسان ان کان اڳ ئي ڇو ٿا
هاءِ گهوڙا ڪيون. پوئين اڱاري تي آصف زرداري ۽ نواز شريف ٻن
ڏينهن جي ڳالهين کانپوءِ جيڪا پريس بريفنگ ڏني تنهن اهو ضرور
واضح ڪيو آهي ته حڪومت لاءِ ججن جي بحالي ڪو مسئلو ناهي، اها
اصولي طور تي انجي بحالي واري پنهنجي موقف تي قائم آهي ۽ جج 30
ڏينهن اندر بحال به ٿي رهيا آهن پر جيڪا دير ٿي رهي آهي، ۽
جيڪي ويچار ٿي رهيا آهن سي طريقڪار تي ۽ ان روشنيءَ ۾پيدا
ٿيندڙ حڪومتي بحران تي آهن ته ايوان صدر کي ڪئين منهن ڏجي ۽ ان
لاءِ ڇا ڪجي.
اصولن عوامي مئنڊيٽ جي تقاضا ته اها آهي ته صدر مشرف استعيفيٰ
ڏئي ڪري نئين حڪومت کي آزادي سان ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏي. صدرمشرف
کي اهو سمجهڻو پوندو ته هن وقت اهوئي جمهوريت نظام ۾ وڏي رنڊڪ
آهي. سو جيڪڏهن هو ملڪ ۽ عوام جي مفاد ۾ اهڙو فيصلو ڪري ته
حالتون انتهائي نارمل انداز سان پنهنجي منطقي انجام تي رسي
سگهن ٿيون پر هڪڙن اقتداري ۽ سامراجي مفادن ڪري غيرجمهوري
طاقتون نئين حڪومت کي آزادي سان ڪم ڪرڻ ڏيڻ جي حق ۾ ناهين. ان
صورت ۾اتحادي حڪومت ۽ انجي سربراهن کي هر قيمت تي ثابت قدم رهي
ڪري ئي مقابلو ڪرڻو پوندو ۽ اسٽيبلشمينٽ کي به سوچڻو پوندو ته
هن ملڪ ۽ عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جو هڪڙو ئي راز آهي ته جمهوري
نظام کي هٿي ڏني وڃي. |