چارٽر آف ڊيمانڊ ۾ ججن جي بحالي وارو نقطو فيصلائتو ڪردار ادا ڪندو

زرارپيرزادو

اي آر ڊي ۽ اي پي ڊي ايم جي اڳواڻن تي ٻڌل اٺ رڪني ڪميٽي جنهن کي ڪالهه پنهنجن مطالبن جي فهرست کي حتمي شڪل ڏيئڻي هئي سا رپورٽن موجب ججن جي بحالي واري نقطي تي تڪرار جو شڪار ٿي وئي آهي ۽ ممڪن آهي ته ان معاملي ڪري دير به ٿي وڃي. رپورٽن موجب اي پي ڊي ايم واري ڪميٽي جي ميمبرن اسحاق ڊار، احسن اقبال، عبدالرحيم مندو خيل ۽ پروفيسر خورشيد جو خيال هو ته چارٽر آف ڊيمانڊ ۾ ججن جي بحالي جو مطالبو به رکيو وڃي جڏهن ته اي آر ڊي جي ميمبرن انجي مخالفت ڪئي. انهن جو خيال هو ته اهڙو ڪو مطالبو نه رکيو وڃي جيڪو حڪومت طرفان حل ٿيڻ ناممڪن هجي ۽ جنهن ڪري اليڪشن ۾ دير ٿي وڃي.

انهيءَ مسئلي تي يا ته چارٽر آف ڊيمانڊ جو حشر چارٽر آف ڊيموڪريسي جهڙو ٿيندو جنهن تي وري بينظير ڀٽو ۽ نوازشريف پري ٿي ويندا پر جيڪڏهن انهيءَ معاملي تي اي پي ڊي ايم ڪس کائي ٿي ۽ مطالبن ۾ ججن جي بحالي وارو نقطو نٿي رکي ته باقي سڀ نقطا حڪومت تسليم ڪري سگهي ٿي. مثال طور اڻ ڌري نگران حڪومت جي جوڙ جڪ، چونڊن کان اڳ بلدياتي ادارن (ضلعي حڪومت) جو خاتمو، صاف شفاف چونڊن لاءِ اڻ ڌري اليڪشن ڪميشن جي جوڙ جڪ، ان لاءِ چونڊون مارچ 2008 ۾ ڪرائڻ ۽ ٽيون ڀيرو وزيراعظم ٿيڻ تان پابندي هٽائڻ شامل آهي. سو جيڪڏهن اي پي ڊي ايم ۽ اي آر ڊي ججن جي بحالي واري نقطي کانسواءِ مطالبا حڪومت آڏو رکن ٿاته پوءِ حڪومت يقينن اهي مڃيندي ۽ ان لاءِ پوءِ چونڊون مارچ ۾ ئي متوقع آهن ته جيئن نئين نگران حڪومت ٺاهي سگهجي ۽ ان لاءِ مخالف ڌر سان صلاح مصلحت ڪري سگهجي. سو ان لحاظ کان ڏسجي ته چارٽر آف ڊيمانڊ، مخالف ڌر جي اتحاد، حڪومت جي مطالبن مڃڻ ۽ صاف شفاف اليڪشن جي وچ ۾ ججن جي بحالي وارو نقطو ئي فيصلائتو ڪردار ادا ڪندو ڏسڻو اهو آهي ته مخالف ڌر جون پارٽيون ججن جي بحالي واري نقطي تان هٿ کڻن ٿيون يا نه....