|
پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ مسلم ليگ (ن) جي
سربراهه نوازشريف وچ ۾ هيءُ ليک لکڻ تائين ملاقات جو پهريون
دور ختم ٿي ويو آهي جنهن کي ڪامياب ۽ خوشگوار تصور ڪيو پيو وڃي.
انهيءَ ملاقات جو جيڪو نتيجو متوقع آهي سو اهو آهي ته نوازشريف
ججن جي بحاليءَ وارو مامرو آئيني پيڪيج سان سلهاڙڻ تي راضي ٿي
وڃي ۽ آصف زرداريءَ کي گهربل ڏينهن جي مهلت ڏئي. جيڪڏهن واقعي
به ايئن ٿئي ٿو ته انجو مطلب اهو ٿيندو ته نوازشريف ججن جي
بحاليءَ واري پنهنجي سخت ۽ اصولي موقف تي لچڪ ڏيکاري حڪومتي
اتحاد کي بچائي ورتو آهي. جيڪڏهن نوازشريف اها لچڪ نه ڏيکاري
ها ته يقينن اهو اتحاد ٽٽي وڃي ها.
سو ان جو ڪريڊٽ نوازشريف ڏانهن وڃي ٿو جنهن حڪومتي اتحاد کي
بچائڻ لاءِ غيرمعمولي دلچسپي به ڏيکاري ۽ پاڻ دبئي وڃي پهتو.
اهڙا اتحاد ايئن ئي هلندا آهن ۽ ايئن ئي هلي سگهن ٿا. جيڪڏهن
ٻنهي پاسن ڏانهن سختي ڏيکاري وڃي ها ته اهو اتحاد ظاهر آ ته
ٽٽي وڃي ها سو موجوده حالتن ۾ ان اتحاد کي بچائي نوازشريف ثابت
ڪيو آهي ته سياسي ۽ جمهوري ڌريون هوشمنديءَ کان ڪم وٺي ڪري
اسٽيبلشمينٽ جي سازشن سان مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿيون.
سو 30 ڏينهن اندر ججن جي بحاليءَ واري ڊيڊ لائين تي جج ته بحال
نه پئي ٿيا پر وچان ئي اتحادي حڪومت جو سِرُ پئي ويو پر
نوازشريف ڪس ڪسر کائي اتحادي حڪومت کي بچائي ورتو آهي. موجوده
حالتن ۾ اها اڳڀرائي به بهرحال ڪنهن غنيمت کان گهٽ ناهي.
ڊيڊ لائين تي جيڪڏهن جج بحال ٿين ها ته وڌيڪ بهتر هو پر جيڪڏهن
اُهي نه ٿي سگهيا آهن ته انجو مطلب اهو ناهي ته اتحادي حڪومت
پنهنجو وجود وڃائي ويهي رهي. هاڻي بال آصف زرداريءَ جي ڪورٽ ۾
آهي ته هو جلد کان جلد آئيني پيڪيج آڻي ججن جي بحالي ۽ آزاد
عدليه لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. چوڻ وارا ته خير اهو به چون
ٿا ته اتحادين ۾ اهڙا تڪرار اڳتي به پيا ايندا. ڇاڪاڻ ته پ پ ۽
نواز ليگ جو اتحاد بهرحال غيرجمهوري طاقتن لاءِ ڪنهن ريت به
برداشت جوڳو ناهي. جيستائين ميثاق جمهوريت ۽ مري معاهدي جو
وجود هوندو تيستائين انهن ٻنهي پارٽين کي چين سان ويهڻ نه ڏنو
ويندو. |