حڪومتي اتحاد ۾ ”صدر مشرف“ تي به وڏو جهيڙو ٿيڻو آ

زرار پيرزادو

اها يقينن اطمينان ۽ خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته ججن جي معاملي تان حڪومتي اتحاد ٽٽڻ کان ”في الحال“ بچي ويو آهي. لفظ ”في الحال“ انڪري ڪتب آڻجي ٿو ته اهڙا لوڏا ان اتحاد آڏو اڳتي به اچڻا آهن. ججن جي بحاليءَ واري مامري کان علاوه موجوده اتحادي حڪومت کي جيڪو ٻيو وڏو لوڏو اچڻو آهي سو آهي ”صدر مشرف جو عهدو“.

هونئن ته اها حقيقت به ڪنهن کان ڪا ڳجهي ناهي ته ججن جي بحاليءَ واري مامري جو به اصل روح مشرف ئي آهي. صدر مشرف ئي ان آئيني ۽ عدالتي بحران جو جيئن ته خالق آهي ان ڪري اصل نشانو اهوئي آهي. جيتوڻيڪ نواز ليگ جو صدر مشرف خلاف اختيار ڪيل موقف اصولي ۽ آئيني آهي پر ان ۾ انتقام جو عنصر به ڪارفرما ضرور آهي، اهوئي سبب آهي جو نواز ليگ جو چوڻ آهي ته ڇا به ٿي پوي پر هو صدر مشرف کي ڪنهن ريت به ان عهدي تي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. نواز ليگ چئي ٿي ته ڀلي صدر مشرف ڪمزور ۽ بي اختيار هجي تڏهن به قبول ناهي ۽ ان کي هاڻي هر حال ۾ وڃڻو پوندو. جڏهن ته ٻئي طرف پ پ جو صدر مشرف ڏانهن موقف ايڏو سخت ناهي ان جو سبب شايد اهو به آهي ته نواز جو 1999ع ۾ تختو اونڌو ڪرڻ کانپوءِ صدر مشرف جو پ پ ڏانهن لاڙو نواز ليگ جي ڀيٽ ۾ ڪافي لچڪدار هو. صدر مشرف جي دور ۾ آصف زرداري آزاد ٿيو، بينظير ڀٽو جلاوطني ختم ڪئي، اليڪشن ۾ بيٺي ۽ مهم به اچي هلايائين ۽ هوڏانهن صدر مشرف وردي لاهڻ جي به ڪَسُ کاڌي. چوڻ وارا ته اهو به چون ٿا ته بينظير جي ”ڊيل“ ۽ ”ضمانت“ تي ئي نوازشريف کي به وطن اچڻ ڏنو ويو.

سو اهو سڀ جيئن ته ڊيل جي نتيجي ۾ ٿيو آهي انڪري اهو ان ڊيل جو ئي ڀرم آهي جو پ پ وارا صدر مشرف ڏانهن نرم رويو اختيار ڪيون ويٺا آهن. انهيءَ ۾ به ڪو شڪ ناهي ته آمريڪا ۽ اسٽيبلشمينٽ به صدر مشرف مان هٿ ڪڍڻ لاءِ تيار ناهن ۽ اُهي هاڻي به ان ڪوشش ۾ آهن ته اهڙو وچون رستو اختيار ڪيو وڃي ته جيئن صدر به موجود رهي. ڇاڪاڻ ته آمريڪا ۽ اسٽيبلشمينٽ لاءِ صدر مشرف ڏاڍو لاڀائتو رهيو، هن هميشه سندن ئي مفادن جي پئي آبياري ڪئي انڪري اهي صدر کي ڪو نقصان پهچائڻ جي حق ۾ ناهن. انڪري صدر مشرف کي گهٽ اختيارن تي هلڻ لاءِ به راضي ڪيو پيو وڃي.

چوڻ وارا ته اهو به چون ٿا ته هيءُ آئيني پيڪيج به هڪ ڍونگ آهي. ڀلا جيڪڏهن 1973ع جو آئين موجود آهي ته ان صورت ۾ ڪنهن نئين آئيني پيڪيج جي ڪهڙي ضرورت آ؟ اهو آئيني پيڪيج اصل ۾ صدر مشرف کي بچائڻ ۽ چيف جسٽس جا اختيار محدود ڪرڻ لاءِ آندو پيو وڃي ته جيئن اهو صدر مشرف لاءِ اچڻ شرط ڪو مسئلو پيدا نه ڪري سگهي ۽ نه ئي پ پ حڪومت لاءِ اهو پاڻمرادو نوٽيس وٺندي ڪي مسئلا پيدا ڪري سگهي. ان آئيني پيڪيج جو اصل مقصد اهوئي آهي. ان ڪري ئي آصف زرداري جو ان تي زور آهي ته ججن جي بحاليءَ واري قرارداد سان گڏ آئيني پيڪيج به اچي ته جيئن اڄوڪن ججن تي به ڪو حرف نه اچي ۽ انهن جي موجودگيءَ ۾ افتخار محمد چوڌري به جيئن محدود رهجي وڃي. افتخار محمد چوڌري جيڪڏهن ساڳين اختيارن سان بحال ٿيندو ته صدر مشرف واري ڪيس کان علاوه اين آر او ۽ 12 مئي واري ڪيس کي به هو اٿلائي پٿلائي سگهي ٿو. جن کي نئين حڪومت شايد هاڻي دفن ڪرڻ چاهي ٿي. افتخار محمد چوڌري به هاڻي تڪراري ٿي چڪو آهي. ان تي هاڻي آصف زرداري کي به تحفظات آهن.

بهرحال حڪومت افتخار محمد چوڌري کي بحال به ڪرڻ چاهي ٿي ۽ ان جا اختيار محدود به ڪرڻ چاهي ٿي پر ڏسڻو اهو آهي ته آئيني ماهرن تي ٻڌل ڪاميٽي ان کي ڪيئن ٿي ڏسي؟ ان تي به ڪو ممڻ مچي سگهي ٿو. سو اهو به ڏسڻو آهي ته ڇا 12 مئي تي ججن جي بحالي ۽ آئيني پيڪيج اچي به سگهن ٿا يا نه. پر جيڪڏهن ڪيئن به ڪري 12 مئي تي جج بحال به ٿين ٿا ۽ آئيني پيڪيج به اچي ٿو ته پوءِ به صدر مشرف جي بقا جو سوال آڏو ايندو ئي ايندو ۽ اهو موجوده حڪومتي اتحاد جو ٻيو وڏو امتحان هوندو.

ان بحران جي خاتمي جو ٻيو وڏو حل اهو آهي ته صدر مشرف ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي. ڇاڪاڻ ته حڪومت جي اڳتي وڌڻ ۽ عوامي مسئلن جي حل ۾ توڙي آئيني ۽ پارلياماني تقاضائن جي وچ ۾ هو ئي رنڊڪ آهي. ٻنهي ڌرين کي بهرحال اها ڳالهه سمجهڻي پوندي ته فرد واحد ايڏو اهم ناهي جيڏو نظام اهم آهي. اصولي، آئيني، قانوني ۽ جمهوري نظام جي اڏوات کي ئي مقدم رکڻ گهرجي. انڪري سمورا اقتداري، سامراجي ۽ شخصي مفاد نيست ۽ نابود ڪري آئين، قانون ۽ جمهوريت جي بالادستي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن انهن موجوده ڌرين کان اهو ڪم نه ٿي سگهندو ته پوءِ عوام انقلابي قيادت ڏانهن ئي واجهائيندو.