|
اليڪشن ڪميشن 28 مئي تي ٿيندڙ ضمني چونڊن کي ملتوي ڪري 18 آگسٽ
تي ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري موجب
اهڙو فيصلو سرحد حڪومت جي درخواست تي ڪيو ويو آهي. جڏهن ته
وفاقي حڪومت جو چوڻ آهي ته انهيءَ فيصلي بابت اسان کي اعتماد ۾
ناهي ورتو ويو. اهڙو اظهار سُڌ سماءَ جي وفاقي وزير شيري رحمان
به پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو ۽ اهو به چيو ته اهڙين حرڪتن مان ثابت
ٿي رهيو آهي ته غير جمهوري حڪومتون هن جمهوري حڪومت کي سبوتاز
ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن. ان ڏس ۾ پ پ حڪومت ڪهڙي پاليسي اختيار
ڪئي آهي تنهن بابت اوهان فرنٽ پيج تي خبرون پڙهي چڪا آهيو.
بهرحال جيڪڏهن واقعي به اليڪشن ڪميشن ضمني چونڊون ملتوي ڪرائڻ
وارو فيصلو وفاقي حڪومت کي اعتماد ۾ وٺڻ بنا ڪيو آهي ته ان جو
مطلب اهوئي آهي ته اسٽيبلشمينٽ اهڙو عمل ڪرائي اهو پيغام ڏنو
آهي ته ”اسٽيبلشمينٽ“ ڪابه کوئنس برداشت نٿي ڪري سگهجي. جيڪڏهن
ججن جي معاملي تي ان کي اعتماد ۾ نه ورتو ويندو ته اُها به بنا
اعتماد وٺڻ جي ڪا ڪارروائي ڪري سگهي ٿي. هونئن ته اها ڪا ڳجهي
ڳالهه ناهي ته ”اسٽيبلشمينٽ“ ئي هن ملڪ کي هلائيندڙ هڪ مستقل
طاقت آهي جڏهن ته حڪومتون اچڻيون وڃڻيون هجن ٿيون سو ان حقيقت
کي اڃا به چٽي نموني سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. اهو قدم
بظاهر اليڪشن ڪميشن جي معرفت کنيو ويو آهي پر پس پرده
”اسٽيبلشمينٽ“ آهي. ”اسٽيبلشمينٽ“ جي حشمت جو ٻيو مثال ججن جي
بحالي واري آئيني ڪميٽي مان فخرالدين جي ابراهيم جهڙي بي داغ
قانوندان جو استعيفيٰ ڏيڻ وارو واقعو آهي. فخرالدين جي ابراهيم
يقينن ان ڪري استعيفيٰ ڏني اهي جو هو ڪنهن حڪومتي مصلحت،
مجبوري يا ڊڪٽيشن جو حصو بڻجڻ نٿو چاهي، جڏهن ته ججن جي بحالي
۽ آئيني پيڪيج وارو مامرو ”مجبورين ۽ مصلحتن“ جي ور چڙهيل آهي
۽ ان ڏس ۾ نتيجو به اهڙو ئي نڪرندو. سو جيڪڏهن نئين حڪومت به
اسٽيلشمينٽ جي ساڳين پاليسين تي گامزن رهي ته ان صورت ۾ نه
نئون نظام اچي سگهندو ۽ نه عوام خوشحال ٿيندو ۽ نه ئي آئين،
قانون ۽ جمهوريت جي بالادستي قائم ٿيندي، ڇاڪاڻ ته
”اسٽيبلشمينٽ“ جي راڄ ۾ اهو سڀ ممڪن ناهي. اسٽيبلشمينٽ جي راڄ
۾ عوام ۽ پارليامينٽ جون خواهشون ۽ امنگون ڪا معنيٰ ناهن
رکنديون. |