|
مسلم ليگ (ن) 12 مئي تي ججن جي بحالي واري ڏنل ٻي ڊيڊ لائين تي
انهن جي بحال نه ٿيڻ تي مرڪزي وزارتن تان استعيفائون ڏئي ڪري
نه صرف پنهنجي سياسي ساک کي خراب ٿيل کان بچائي ورتو آهي، پر
اها روايت به پيدا ڪئي آهي ته ڪنهن ناڪامي تي اعتراف به ڪري
سگهجي ٿو ۽ استعيفيٰ به ڏئي سگهجي ٿي. جيتوڻيڪ مسلم ليگ (ن)
صوبائي حڪومت تان هٿ ناهي کنيو پر اهو کنيل سندن قدم به ڪو گهٽ
غيرمعمولي ناهي. صوبائي حڪومت مان هٿ نه ڪڍڻ جو سبب ممڪن آهي
ته اهو به هجي ته بقول مسلم ليگ (ن) جي ته اها موجوده جمهوري
حڪومت کي ناڪام ڪرڻ نٿي چاهي ۽ نه ئي اها هن حڪومت کي ڪمزور
ڪري غيرجمهوري طاقتن کي ڪو وري موقعو ڏيڻ چاهي ٿي.
بهرحال اها روايت ان لحاظ کان سٺي آهي ته جيڪڏهن ڪا حڪومت يا
پارٽي پنهنجي ڪميٽمينٽ تي پورو نه لهي سگهي ته ان کي اهو
اعتراف ڪندي ان جو ازالو ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي ناڪامي تسليم ڪرڻ
گهرجي. مسلم ليگ (ن) ايڏي وڏي دل جو مظاهرو يقينن ان ڪري به
ڪيو آهي جو ان سان کيس ڪو نقصان نه پر اڃان به سياسي فائدو
رسيو آهي ٻيو اهو ته ججن کي بحال نه ڪري سگهڻ جي اصل ذميوار
هونئن به پ پ ئي آهي. سو جيئن ته ججن کي بحال نه ڪري سگهڻ مسلم
ليگ جي پنهنجي بنيادي طور تي ناڪامي ناهي ان ڪري ان کي اهو
اعتراف ڪرڻ ۾ ڪا ڏکيائي ناهي ٿي. رهندو ان سان ان جو اميج سٺو
پر پ پ جو خراب ٿيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي ته هڪ
سٺي پرفيڪٽ شاٽ لاءِ بيٽسمين کي بيڪ فٽ تي اچي ڪري شاٽ کيڏڻو
پوندو آهي. سو مسلم ليگ جي وزيرن استيعفائون ڏئي بيڪ فٽ تي وڃي
ڪري هڪ درست سياسي فيصلو ڪيو آهي ۽ بظاهر اهو پيغام ڏنو آهي ته
قول ٻاڙڻ وڏي ڳالهه آهي ته عوام سان واعدي جي اهميت اقتدار کان
وڌيڪ آهي. اها روايت قائم ڪرڻ به گهرجي. عوام سان ڪيل واعدن کي
اهميت ڏيڻ گهرجي ۽ اهي واعدا پورا نه ڪري سگهڻ ڪري انهن کان
معافي به وٺڻ گهرجي ۽ اعتراف به ڪرڻ گهرجي. وڏن ۽ مهذب ملڪن يا
ايئن ئي ٿيندو آهي. اتي ناڪامي تي يا ڪنهن وڏي حادثي يا سانحي
تي حڪومت حڪمران يا وزير استعيفائون ڏئي ڇڏيندا آهن پر هتي
اهڙي ڪا روايت ناهي. هتي انتظار ڪيو ويندو آهي ته ڪير ڌڪا ڏئي
ڪري ٻاهر ڪڍي پر عزت ۽ وقار سان پنهنجي شڪست تسليم ڪرڻ ۽ ازالي
طور استعيفيٰ ڏيڻ جو هتي ڪو رواج ناهي.
عوام جي ڪميٽمينٽ تي پورو نه لهي سگهڻ ڪري وزارتن تان استعيفيٰ
ڏيڻ جو پهريون وڏو مثال مسلم ليگ (ن) قائم ڪيو آهي. ان مثال کي
ڏسندي عوام کي صدر مشرف جي اها ڪمٽمينٽ ياد اچي رهي آهي جيڪا
هن عوام ۽ ميڊيا سان ڪئي هئي ته جيڪڏهن هن اهو محسوس ڪيو ته هو
غير مقبول ٿي ويو آهي ته هو پاڻ ئي اقتدار کان الڳ ٿي ويندو.
هاڻي جيڪڏهن صدر پرويز مشرف جي ان ڪمٽمينٽ جي روشنيءَ ۾ سندس
مقبوليت جو جائزو وٺجي ته اها حقيقت آهي ته هو هر سطح تي
ناپسنديده شخص بڻجي ويو آهي. وڪيل برادري هجي يا سول سوسائٽي،
سياسي پارٽيون هجن يا عوام توڙي ميڊيا سڀ سندس خلاف آهن،
ايستائين جو مسلم ليگ (ن) جي سمورن وزيرن جيڪڏهن استعيفائون
ڏنيون آهن ته اهي به صدر مشرف جي ڪري ته اهي ان جي موجودگي ۾
اقتدار ۾ نٿا ويهي سگهن. هوڏانهن پ پ کيس هاڻي به کلي عام
غيرآئيني صدر تسليم ڪري رهي آهي. عوام به 18 فيبروري جي چونڊن
۾ سندس ق ليگ واري حڪومت ۽ سندس پاليسين کي مڪمل طور ۽ شديد
نموني رد ڪري چڪو آهي. اڄ ملڪ اندر جيڪا دهشتگردي آهي، جيڪي
آپگهاتي حملا آهن، بلوچستان سان جيڪو حشر ڪيو ويو جيڪا
مهانگائي آهي، نواب اڪبر بگٽي، بالاچ مري ۽ بينظير ڀٽو جو قتل،
سياسي اڳواڻن جي گمشدگي، لال مسجد آپريشن، وڏن ڊيمن جا منصوبا،
وڏين سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي سالن جا سال جلاوطن ڪرڻ وارن
سمورن مامرن جو ذميوار صدر مشرف کي قرار ڏنو پيو وڃي. ان جي
صدارتي عهدي ڪري ئي ملڪ اندر وڏو عدالتي ۽ آئيني بحران بحران
پيدا ٿيو آهي ۽ هاڻي نئين حڪومت جي آزاد ۽ بااختيار نموني هلي
سگهڻ ۾ به جيڪڏهن ڪا رنڊڪ آهي ته اهو به صدر مشرف پاڻ ئي آهي.
اڃا به جيڪڏهن ايئن چئجي ته موجوده سمورن ملڪي مسئلن کي جيڪڏهن
ڪا جڙ آهي ته اها آمريڪا ۽ صدر مشرف ئي آهي پر صدر مشرف پوءِ
به ۽ هر قيمت تي اقتدار سان چنبڙيل آهي ۽ هو اهو تاثر ڏئي رهيو
آهي ته ڪير مون سان ڪم ڪري يا نه ڪري مان ويٺو هوندس. جيڪڏهن
اهو ضد آهي ته اهو ضد کيس مبارڪ پر اصولن ملڪ، آئين، قانون،
جمهوريت ۽ عوام سان اهو شخصي ۽ اقتداري ضد بلڪل به نٿو سونهين.
جيڪڏهن مسلم ليگ (ن) جا وزير ڪنهن ڪمٽمينٽ تي پورو نه لهي سگهڻ
ڪري پنهنجين وزارتن تان استعيفائون ڏئي سگهن ٿا ته پوءِ صدر
مشرف کي به پنهنجي غيرمقبول صدر ٿيڻ جي صورت ۾ ڪيل قول کي ياد
ڪرڻ گهرجي. صدر مشرف ته خير اهو به اعتراف ڪندو رهيو آهي ته
هاڻي هو مقبوليت وڃائي ويٺو آهي پر سمجهه ۾ نٿو اچي ته کيس
پوءِ به ڇا جو انتظار آهي. وڃڻو ته هر ڪنهن کي هوندو آهي پر
عزت ۽ وقار سان وڃڻ به ڪو گُڻ هجي ٿو. ڪي عظيم پليئر ته پنهنجي
سٺي دور ۾ ئي رٽائر ٿي ويندا آهن ته جيئن سندن ساک برقرار رهي.
سو صدر مشرف کي به بهرحال زميني حقيقتون قبولڻ گهرجن ۽ ملڪ،
جمهوريت ۽ عوام جي مفاد ۾ نئين حڪومت کي مڪمل طور تي موقعو ڏيڻ
گهرجي ته جيئن اُها عوامي مئنڊيٽ جي روشنيءَ ۾ واقعي به تبديلي
آڻي سگهي. |