صدر مشرف بمقابله آصف زرداري

زرار پيرزادو

ڪجهه ڏينهن کان آصف زرداري واضح طور تي ڪنهن پ پ ڪارڪن کي ملڪ جو صدر بڻائڻ بابت بيان بازيون ڪري رهيو آهي ۽ مسلسل اهو چئي رهيو آهي ته ترت ئي ايوان صدر اندر به ”جيئي ڀٽو“ جو نعرو لڳڻ وارو آهي. آصف زرداري جي اهڙن بيانن مان ظاهر آهي ته اهو ئي تاثر ملي رهيو آهي ”ڄڻ صدر مشرف ڪجهه ئي ڏينهن جو مهمان آهي“.  سندس ڏينهن ڳڻجڻ وارو تاثر وڪيلن جي لانگ مارچ ختم ٿيڻ ۽ ڌرڻو نه لڳائڻ واري واقعي مان به جڙيو هو. تڏهن به چوڻ وارن چيو هو ته وڪيلن ڌرڻو ان ڪري ئي نه لڳايو جو کين صدر مشرف جي وڃڻ جي پڪ ڏني وئي هئي ۽ هوڏانهن اعتزاز احسن به لانگ مارچ جي ڪاميابي جا دهل وڄائي رهيو آهي ۽ هڪ انتهائي ”بامعنيٰ جملو“ ڳالهائي رهيو آهي ته ”لانگ مارچ پنهنجو مقصد پورو ڪري ورتو آهي.“ انهيءَ جملي تي اصولن ته اهو ئي سوال ٿو پيدا ٿئي ته جڏهن لانگ مارچ مڪمل ٿيڻ باوجود به جج بحال نه ٿيا ته پوءِ باقي اهو ڪهڙو مقصد آهي، جيڪو پورو ٿي چڪو آهي؟ وڪيل برادري جو ته اهو چوڻ هو ته جيستائين جج بحال نه ٿيندا تيستائين اهو ڌرڻو ختم نه ڪيو ويندو، پر پوءِ سڀني ڏٺو ته اوچتو ئي اوچتو ڌرڻو نه لڳائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو ۽ لانگ مارچ جي مقصد ماڻڻ جي به دعويٰ ڪئي وئي. ڪن مبصرن جو خيال آهي ته صدر مشرف کي جيئن ته هٽائڻ جو اصولي فيصلو ٿي چڪو آهي سو اهو ئي مقصد آهي جيڪو وڪيل برادريءَ جو پورو ٿي چڪو آهي. انهيءَ لانگ مارچ جي خاتمي کانپوءِ ئي آصف زرداري به ايوان صدر مان جلد ”جيئي ڀٽو“ جا نعرا لڳڻ جون  خبرون ٻڌائي رهيو آهي.

پر ٻئي پاسي صدر مشرف جو خاص ڪري ٽيون ڏينهن وارو بيان جنهن ۾ هن اڻ سڌي طرح آمريڪا طرفان پاڪستان تي حملي جي امڪان کي ظاهر ڪيو آهي. سو انتهائي خوفناڪ ۽ تشويشناڪ آهي. ان بيان ۾ صدر مشرف واضح ڪيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت آمريڪا جي هدايتن موجب دهشتگردي خلاف جنگ واري پاليسي اختيار نه ڪئي ته هاڻي آمريڪا جو نشانو افغانستان نه هوندو. هوڏانهن آمريڪا ۾ مقرر پاڪستان جي سفير حسين حقانيءَ به ياد ڏياريو آهي ته پاڪستان پنهنجي طاقت ڏسي ڪري پاڪستان، آمريڪا جو مقابلو ڪري سگهي ٿو يا نه، يا ان کي آمريڪا جي ڊڪٽيشن تي پنهنجي پاليسي ٺاهڻ گهرجي، يا نه اهو يقينن ٻيو موضوع آهي پر هتي ان جو ذڪر ان ڪري به ٿي ويو آهي جو ان نئين پيدا ٿيل صورتحال ۾ ڪٿي ايئن نه ٿئي ته آمريڪي حملي جي خطري جي آڙ ۾ نئين حڪومت کي ان چارج شيٽ تحت گهر ڀيڙو ڪري ڇڏي ته موجوده حڪومت جي غير سنجيدگي سبب ملڪي سلامتي کي خطرو آهي ۽ ايئن صدر مشرف بدران حڪومت ئي گهر ڀيڙو ٿي وڃي. اهي حالتون اهو به ٻڌائين ٿيون ته ٿيندو اهو ئي جيڪو آمريڪا چاهيندو. بش حڪومت جو نومبر ۾ ٿيندڙ صدارتي اليڪشن جي حوالي سان جيڪا به پاليسي ۽ حڪمت عملي ٺهندي تنهن ۾ لڳي ٿو ته پاڪستان کي به ڀوڳڻو پوندو ۽ ان پاليسي ۽ حڪمت عملي ۾ صدر مشرف ۽ آصف زرداري جي هلندڙ مقابلي جو به فيصلو ٿيڻو آهي. موجوده صورتحال ٻڌائي ٿي ته في الحال ٻنهي ڌرين کي آسرو ڏنو ويو آهي ڏسون ته آمريڪا آخرڪار ڪهڙي هڪ ڌر جو هٿ مٿي ٿو ڪري.