|
بينظير ڀٽو جو لکيل ڪتاب ”ايڪنسيليشن اسلام ڊيموڪريسي اينڊ
ويسٽ“ جيڪو فيبروري جي ٻئي هفتي ۾ پڌرو ٿيندو سو ڪيترن ئي
حوالن سان بيحد اهم ڪتاب ثابت ٿيندو. ان ڪتاب جي اهميت ۽ ضرورت
ان حوالي سان به آهي ته اهو ڪابه موجوده عالمي سياست جو نه صرف
جائزو وٺي ٿو پر ان تي بينظير ڀٽو جهڙي عظيم ماهر ۽ دور انديش
سياستدان جو ڪمنٽ به آهي. هن سياست جي ماضي، حال ۽ مستقبل تي
لکيو آهي ۽ اڄوڪين سياسي بيمارين جو علاج به ڏسيو آهي. اهو
ڪتاب وقت جي سامراجيت ۽ آمريت خلاف اڇو چٺو به آهي پر ان کان
وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته ان ۾ بينظير ڀٽو پنهنجي امڪاني قتل
جو انديشو به ظاهر ڪيو آهي ۽ قاتلن کي به نشانڀر ڪيو آهي.
قاتلن جي حوالي سان اها نشاندهي يقينن حيرت جوڳي آهي ته خود
صدر مشرف کيس ٻڌايو آهي ته هن کي ڪنهن ڪنهن مان خطرو آهي ۽ ان
ڏس ۾ بينظير هڪ اسلامي دوست ملڪ جو به ذڪر ڪيوآهي. ڪتاب ۾
ڄاڻايل اها نشاندهي بينظير ڀٽو جي قتل واري معمي کي ڪافي حد
تائين ختم ڪري ڇڏي ٿي.
بينظير جي نشاندهي جو اهو پهلو نوٽ ڪرڻ جوڳو آهي ته سندس قتل
يا قاتلن بابت خطرن کان آگاهي ڪير ٿو ڏئي. اهو انديشو کيس هڪ
صدر مشرف ۽ ٻيو هڪ دوست اسلامي ملڪ (سعودي عرب ڏانهن اشارو آهي)
ڏئي ٿو. ”نشاندهي مان ڇا اهو تاثر نٿو وٺي سگهجي ته اهڙن خطرن
جي آگاهي ڏيڻ جو مقصد اهو هجي ته اهي ڌريون (يعني صدر مشرف ۽
سعودي عرب) بينظير جي وطن واپسي ۾ ارهيون هجن ۽ انهن جي هر
ممڪن ڄڻ ته ڪوشش هجي ته بينظير کي وطن واپس اچڻ کان يا سياست ۾
حصو وٺڻ کان يا عوام سان ملڻ کان روڪيو وڃي. اهو به ممڪن آهي
ته بينظير کي اهڙن خطرن کان آگاهه ڪرڻ جو مقصد اهو هجي ته اهي
اها سچائي ڏيکاري پاڻ مٿان کڄندڙ امڪاني آڱرين جو اڳواٽ ئي
جواب ڏيندا هجن ته اسان ئي ته بينظير کي آگاهه ڪيو هو. جيڪڏهن
حڪومت سچي هئي ۽ ان کي خبر هئي ته سندس قتل جو منصوبو سرجي
رهيو آهي ته پوءِ حڪومت بينظير کي اها گهربل ۽ اطمينان جوڳي
سيڪيورٽي ڇو نه ڏئي سگهي. جنهن جي حالتون تقاضا ڪري رهيون هيون
۽ بينظير سميت پ پ اڳواڻ به غير معمولي نوعيت جي سيڪيورٽي جو
مطالبو ڪري رهيا هيا. سو اها نشاندهي انتهائي غير معمولي آهي
اها ڪنهن ريت به بي معنيٰ ناهي. اها نشاندهي هڪ گهرو پسمنظر
رکي ٿي.بينظير ڀٽوجي لياقت باغ ۾ ڪيل آخري جلسي کان اڳ مائيڪل
سيگل کي ڪيل ان اي ميل کي به ان پسمنظر ۾ ڏسڻ گهرجي جنهن ۾ هن
چيو هو ته اڄ جيڪڏهن مون کي ڪجهه ٿيو ته ان جو ذميوار صدر مشرف
هوندو. صدر جو هاڻي اهو چوڻ ته هُوءَ پنهنجي قتل جو پاڻ ذميوار
آهي. (جي معنيٰ اها ناهي ته سندس خيال موجب بينظير کي سندس چيو
مڃڻ گهرجي ها ۽ هُوءَ نه اچي ها، هُوءَ پوءِ به آئي ان ڪري
ذميوار اُها پاڻ آهي) ۽ اهو چوڻ ته هُوءَ پنهنجي قتل جو پاڻ
ذميوار آهي ۽ ان کان به اڳ اهو چوڻ ته بينظير وطن واپس اچڻ
کانپوءِ حڪومت سان ڪيل معاهدي تان ڦري وئي آهي. ٿورو لکيو گهڻو
ڪجهه سمجهائي ٿو. بينظير جي نشاندهي موجب سعودي عرب به ان صف ۾
شامل آهي ۽ بقول بينظير جي ته کيس اهي طاقتون مارڻ چاهين ٿيون
جن 30 سال اڳ سندس پيءُ کي قتل ڪيو هو ان کان علاوه ڪراچي جي
هڪ دهشتگرد تنظيم، انتهاپسند طاقتون ۽ ضياء باقيات کيس مارڻ
چاهن ٿيون ته پوءِ اهو ڪتاب هڪ لحاظ کان بينظير ڀٽو جي قاتلن
خلاف ايف آءِ آر بڻجي ٿو. بينظير ڀٽو جي قتل ۾ اهي سڀ ڌريون
ملوث آهن. جيڪي دنيا اندر سامراجيت، آمريت، انتهاپسندي ۽
دهشتگردي چاهن ٿيون. اهي سڀ ڌريون بظاهر الڳ الڳ آهن پر پنهنجي
وجود ۾ سڀ هڪ آهن جيڪي عوام دشمن ۽ جمهوريت دشمن آهن. انهن
ڌرين جو آقا اهو ئي آهي جنهن بقول بينظير ڀٽو جي ته سندس پيءُ
کي 30 سال اڳ جنرل ضياء هٿان قتل ڪرايو هو. بينظير به ان آقا
جي چوڻ تي ڄاڻايل ڌرين جي حمايت ۽ معرفت وسيلي قتل ڪرايو آهي.
ڇاڪاڻ ته بينظير ڀٽو سندن سياسي مشن ۽ پروگرام آڏو سڀ کان وڏي
رنڊڪ هئي، سندن اکين ۾ ڪنڊو هئي. هُوءَ دنيا اندر جمهوريت،
آئين ۽ قانون جي بالادستيءَ وارو نظام چاهي پئي، هُوءَ جيئو ۽
جيئڻ ڏيو واري فلسفي جي علمبردار هئي، هُوءَ انتهاپسندي، مذهبي
جنونيت، بربريت ۽ دهشتگردي جي خلاف هئي ۽ ان کان به وڌيڪ اهو
ته بينظير ڀٽو سان عوام گڏ هو. هُوءَ عوامي اڳواڻ هئي. تاريخ
ثابت ڪيو آهي ته هتي ڪنهن به عوامي اڳواڻ کي بخشيو ناهي ويو.
بينظير کي چڱيءَ ريت خبر هئي ته هُوءَ انهن واڳوئن کان ڪونه
بچي سگهندي، ان کي پوري ريت خبر هئي ته هُوءَ هڙپ ڪئي ويندي.
18 آڪٽوبر کانپوءِ جيڪي ماڻهو سندس ويجهو هيا سي سڀ اها شاهدي
ڏئي رهيا آهن ته بينظير 18 آڪٽوبر کانپوءِ ڄڻ ته هتان جي عوام
کان موڪلائڻ آئي هئي هُوءَ ملڪ جي هر صوبي ۾ وئي ۽ هر ممڪن
طريقي سان سڀني سان موڪلائڻ پئي چاهيو. هن کي اهو چوندي به ٻڌو
ويو ته ”ڪير ملڻ کان رهجي ته نه ويو آهي، الائي ڏينهن ڪيترا،
ڪير ملڻ چاهي ته ڀلي ملي.
بينظير کي جڏهن حفاطت يا محتاط رهڻ جي حوالي سان ٽرڪ اندر
ويهڻ، ٻاهر نه نڪرڻ، عوامي جلسا نه ڪرڻ يا عوام ۾ گهڻو نه وڃڻ
کان روڪڻ جو مشورو ڏنو ويندو هو ته هُوءَ وراڻيندي هئي ته ڇا
توهان کي خدا تي اعتبار نه آهي، ڇا ٽرڪ اندر خدا آهي ۽ ٽرڪ کان
ٻاهر خدا ناهي؟ هُوءَ جهلڻ وارن کي چوندي هئي ته اوهان ڀلا موت
کان ايڏو ڇو ٿا ڊڄو. گدڙ جي سئو ڏينهن جيئڻ کان آئون شينهن جي
هڪ ڏينهن واري زندگي گهارڻ جي قائل آهيان. اهي جواب سڀني کي
لاجواب ڪري ڇڏيندا هيا. سو بينظير کي پنهنجي قتل ۽ پنهنجي
قاتلن جي چڱيءَ ريت خبر هئي. ڪتاب ۾ بينظير ڄڻ ته خود قاتلن
واتان پنهنجن قاتلن جا نالا ڳڻايا آهن. جيڪڏهن ڪا انصاف پٽاندڙ
ڪميشن بينظير جي قاتلن جي نشاندهي ڪري ته هيءُ ڪتاب قاتلن کي
بينقاب ڪرڻ ۾ وڏي رهنمائي ڪري ٿو. |