|
اهو
شروع کان ئي تاثر قائم هو ته جيڪڏهن صاف ۽ شفاف چونڊون ٿيون ته
ملڪ جون ٻه وڏيون سياسي پارٽيون پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) سوئيپ
ڪنديون ۽ هن ليک لکجڻ تائين چونڊن جو جيڪو لاڙو نظر اچي رهيو
آهي، تنهن ۾ پ پ ۽ نواز ليگ (ن) جو پلڙو ڳرو ٿيندو پئي ويو،
جيتوڻيڪ اهي نتيجا انفرادي پولنگ اسٽيشنن تان اچي رهيا هيا ۽
ان حساب سان جيڪو ٽرينڊ ظاهر ٿي رهيو هو سو پ پ ۽ نواز ليگ جي
حق ۾ ظاهر ٿي آڏو اچي رهيو هو.
ايئن به ناهي ته ڪو ڌانڌليون بلڪل به نه ٿيون آهن، پر ان لاڙي
باوجود پاڪستان پيپلز پارٽي جي بلاول هائوس واري ميڊيا سيل
جيڪا پريس پڌرائي ڪئي آهي تنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته خيرپور،
شڪارپور، گهوٽڪي، سميت سڄي سنڌ ۾ مسلم ليگ (ق)، مسلم ليگ
فنڪشنل ۽ متحده قومي موومينٽ طرفان رينجرز ۽ پوليس جي موجودگي
۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن مٿان فائرنگ ڪري انهن کي اغوا
ڪري ۽ پولنگ بوٿن تي قبضو ڪري جعلي ووٽن جي ڪاسٽ ٿيڻ واري عمل
جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ان غير آئيني عمل کي حڪومت جي پيش گي
منصوبابندي جو حصو قرار ڏنو آهي، پر هن ليک لکجڻ تائين صورتحال
حيرت انگيز ۽ غير متوقع طور تي مختلف نظر اچي رهي هئي.
سنڌ ۾ ته پ پ 1988 وانگي ڪلين سوئيپ ڪندي نظر اچي رهي هئي. ٺٽي
۾ شيرازي هارائي رهيا هيا، ڏوڪري تعلقي ۾ الطاف انڙ هارائي
رهيو هو، لاڙڪاڻي ۾ غنويٰ ڀٽو هڪ پولنگ اسٽيشن تان صرف هڪ ووٽ
کنيو هو، اهڙي نموني گهوٽڪي جي مهرن لاءِ به ڏکيو وقت هو. غلام
مرتضيٰ جتوئي ۽ لياقت جتوئي سميت وڏن وڏن سياسي بتن کي عوام
ڪيرائي رهيو هو. ايئن پنجاب ۾ چوڌري شجاعت ۽ شيخ رشيد جي به
پوزيشن خراب هئي. عابده حسين کي فيصل صالح حيات تي سرسي هئي.
جيڪڏهن اهي نتيجا ايئن ئي اچن ٿا ته اها بيحد سرپرائيزنگ
اليڪشن تصور ڪئي ويندي ۽ جيڪڏهن نتيجا ايئن ئي ٿا اچن ته ملڪ ۾
حقيقي ۽ عوامي جمهوريت جي قائم ٿيڻ جا روشن امڪان نظر اچن ٿا،
جڏهن ته ان کان پهرين ايستائين جو پولنگ جو وقت ختم ٿيڻ تائين
وڏي پئماني تي ڌانڌلين جو امڪان نظر اچي رهيو هو. اها موجوده
صورتحال يا اهو ٽرينڊ ٻڌائي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ شايد سڀني کي
ڊاج ۾ رکي ڪري اليڪشن صاف شفاف ڪرائي رهي آهي. جيڪڏهن واقعي
ايئن ٿئي ٿو ته اهو تمام وڏو معجزو هوندو ۽ اسٽيبلشمينٽ جو هڪ
درست ۽ وقتائتو عمل هوندو. اهو به محسوس ٿئي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ
موجوده ملڪي صورتحال کي ڏسندي آخرڪار ملڪي سلامتي کي ترجيح ڏني
آهي. هن اليڪشن جو پرامن ٿي وڃڻ ۽ ڪنهن وڏي ڌانڌلي جي هن ليک
لکجڻ تائين شڪايت نه اچڻ هڪ معنيٰ خيز رجحان آهي ۽ عوامي سطح
تي ڪالهه 18 فيبروري واري اليڪشن جو ڏينهن واقعي به ووٽ ذريعي
ملڪ بچائڻ ۽ بينظير ڀٽو جي قتل جي انتقام جو ڏينهن ثابت ٿي
رهيو آهي. باوجود ان جي ته توقع موجب ووٽرن جو ٽرن آئوٽ بيحد
گهٽ رهيو. عوام کي يقينن تمام گهڻو خوف به هو. پر جيڪڏهن ٽرن
آئوٽ وڌيڪ هجي ها ته هيءَ رزلٽ پ پ ۽ نواز ليگ جي مخالفن لاءِ
خوفناڪ زلزلو بڻجي ظاهر ٿئي ها. گهٽ ٽرن آئوٽ جو غير متوقع
نتيجو ڪراچي اندر به ڏسڻ ۾ آيو جتي ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن به
وڏي تعداد ۾ پنهنجن ووٽرن کي آڻي نه سگهيا. اها صورتحال ڪراچي
جي حوالي سان يقينن بيحد دلچسپ ۽ حيرت جوڳي آهي. باوجود ان جي
ته ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم کي اسٽريٽ پاور هئڻ جي وڏي دعويٰ رهي
آهي ۽ هتي ان جو ڪنهن سان ڪو وڏو سياسي مقابلو به نه هو. هتي
ڪو خوف ۽ حراس به نه هو. ان پسمنظر ۾ لڳي ٿو ته ايم ڪيو ايم جي
ورڪرن ووٽرن کي پولنگ اسٽيشن تائين آڻڻ لاءِ ڪا محنت نه ڪئي ۽
نه ئي وري سندن ووٽر پاڻمرادو ڪو ٻاهر آيا. آخري رپورٽن تائين
ته فاروق ستار جي پنهنجي پوزيشن به خراب هئي. جيڪڏهن فاروق
ستار هارائي ٿو يا ٿورن به ووٽن کان کُٽي پئي ٿو ته اهو به
دلچسپ ٽرينڊ هوندو. هونئن ته فاروق ستار ڌانڌلي جي به ڳالهه
ڪري رهيو آهي، پر پوين ڪجهه چونڊن جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته ايم
ڪيو ايم جي تڪن ۾ مخالف پارٽين جي ڌانڌلين جو دُڪو ئي نظر نه
ٿو اچي. مجموعي طور تي چئي سگهجي ٿو ته بينظير ڀٽو جي شهادت
ملڪي سياست جو رخ ئي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، موجوده صورتحال ۾ ۽
عوام جي غم ۽ غصي کي ڏسندي لڳي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ کي سليڪشن جي
هيل همت ئي نه ٿي آهي ۽ آخرڪار سليڪشن بدران اليڪشن ئي ٿي وئي. |