|
اُهي
مبصر ۽ تجزئي نگار جيڪي اڄ 18 فيبروريءَ تي ٿيندڙ اليڪشن کي
وقت ۽ پئسي جو ذيان تصور ڪن ٿا، تن جا اهي تجزيا ڪنهن ريت به
بي جواز ناهن. نگران حڪومت روايتي طور تي ته صاف شفاف اليڪشن
ڪرائڻ جي دعويٰ ڪري رهي آهي پر حقيقت اها آهي ته صاف شفاف
اليڪشن جيڪڏهن ڪنهن جي اقتداري مفادن جي خلاف آهي ته اهو صدر
پرويز مشرف ئي آهي. انهيءَ ۾ به ڪو شڪ ناهي ته جيڪڏهن صاف شفاف
چونڊون ٿينديون (ٿيڻ جي صورت ۾ 21 هين صديءَ جو اهو پهريون وڏو
معجزو هوندو) ته پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) اڪثريتي طور تي سوڀ
ماڻينديون ۽ جيڪڏهن انهن ٻنهي گڏيل حڪومت ٺاهي پارليامينٽ اندر
ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت حاصل ڪئي ته پوءِ اهڙي پارليامينٽ پرويز
مشرف کي ممڪن آهي ته صدارتي عهدي تي برقرار نه رکي. اقتدار جي
خواهش ۾ ڀلي پ پ يا مسلم ليگ (ن) پرويز مشرف سان گڏ ڪم ڪرڻ جي
ڪَسُ به کائين پر پرويز مشرف لاءِ ڪَسُ کائڻ ناممڪن حد تائين
مشڪل ٿو لڳي. ٻه ڀاڱي ٽي واري پارليامينٽ يا حڪومت يقينن
بااختيار يا وڌيڪ اختيارن وارو مضبوط وزيراعظم چاهيندي جڏهن ته
مشرف صاحب جو چوڻ آهي ته ايترو حڪومت کي سندس پاليسين کي جاري
رکڻو پوندو. اها روش ڪنهن صحتمند مستقبل جي عڪاسي نٿي ڪري. صدر
مشرف يقينن اهو به چاهي ٿو ته صدر وٽ ضرورت وقت حڪومت برطرف
ڪرڻ وارا اختيار به هجن جنهن تي به اهي ٻه وڏيون پارٽيون متفق
ناهين. انهن ٻن پارٽين جي اڪثريت ۾ اچڻ ۽ حڪومت ٺاهڻ جي صورت ۾
وزيراعظم جي چونڊ جو به مسئلو ٿي سگهي ٿو. اصولن ٿيڻ ايئن
گهرجي ته گهڻيون سيٽون کڻندڙ پارٽي جو ماڻهو وزيراعظم ٿئي ۽
ٻئي نمبر واري پارٽي جو ماڻهو صدر ٿئي پر صدر مشرف جي موجودگيءَ
۾ اهو معاملو طئي ٿيڻ ڏکيو آهي. خود صدر مشرف به يقينن
وزيراعظم جي چونڊ ۾ پنهنجو نالو تجويز ڪندو. صدر مشرف ۽ پ پ يا
نواز ليگ وچ ۾ پرڏيهي پاليسي، بلوچستان ۽ سرحد ۾ آپريشن ۽
عدليه جي معاملي تي به سنگين ترين اختلاف موجود آهن، وڏن ڊيمن
جي حوالي سان به تحفظات آهن. انهيءَ پسمنظر کي ڏسندي لڳي ٿو ته
پ پ ۽ نواز ليگ کي اڪثريت سان کٽڻ نه ڏنو ويندو ۽ اهو مقصد
حاصل ڪرڻ لاءِ ظاهر آهي ته ڌانڌلي ۽ اهو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ
ظاهر آهي ته ڌانڌلي جو ئي سهارو ورتو ويندو، پر جيڪڏهن جيئن
نظر اچي رهيو آهي وڏي پئماني تي ڌانڌليون ٿينديون ته اهڙي صورت
۾ سياسي پارٽيون جيئن چئي رهيون آهن ته اهي پوءِ چونڊن جي
نتيجن کي رد ڪندي تحريڪ هلائينديون ۽ اها تحريڪ پوءِ واقعي به
فيصلائتي ثابت ٿي سگهي ٿي ۽ پوءِ پرويز مشرف جي وڌيڪ اقتدار ۾
رهڻ جو ڪو جواز نه هوندو. ٻئي طرف ڏسجي ته (ق) ليگ جي پوزيشن
خاص ڪري بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ سنڌ ۾ ۽ نوازشريف جي
واپسي کانپوءِ پنجاب ۾ بلڪل ئي ڪمزور ٿي وئي آهي. جنهن جي کٽڻ
جو ڪير تصور به نٿو ڪري، اهڙي ماحول ۾ ڌانڌلي ڪيئن ڪجي سو به
سوچڻ جو معاملو آهي. هاڻي ته اهو به ممڪن ناهي جو ڌانڌلي نه
ٿيڻ جي صورت ۾ يا گهربل نتيجا نه ماڻڻ جي صورت ۾ رتوڇاڻ ڪرائي
اليڪشن جا نتيجا ملتوي ڪري مشرف مارشل لا هڻي ويهي رهي البت
اهو ايمرجنسي ضرور لڳائي سگهي ٿو، ان ڪري اهو آپشن بهرحال صدر
مشرف وٽ موجود آهي.
مشرف پاڻ به چيف آف آرمي اسٽاف جو عهدو ڇڏڻ کانپوءِ واضح طور
تي ڏٻرو نظر اچي رهيو آهي ۽ هوڏانهن ڪياني فوج جي ساک کي بحال
ڪرائڻ جون جيڪي ڪوششون ڪري رهيو آهي تنهن سان ان جو پنهنجو
اميج به بهتر ٿي رهيو آهي.
3 نومبر کان اڳ واري عدليه ۽ افتخار محمد چوڌري سميت ججن جي
بحاليءَ جو به وڏو مسئلو آهي، نواب اڪبر بگٽي، بالاچ مري ۽ خاص
ڪري بينظير ڀٽو جي وڏن سياسي قتلن تي اونئن ئي عوامي غم ۽ غصو
ڇانيل آهي، سو جيڪڏهن ڌانڌلي ٿي ته اهو عمل ٻرنديءَ تي تيل
هارڻ جي برابر ٿيندو. چونڊ مهم ۾ ٿيل پرتشدد واقعن ڪري عوام ۾
خوف ۽ حراس به ڇانيل آهي، اهي سڀ معاملا يقينن صدر پرويز مشرف
کي سوڙهو ڪري رهيا آهن ۽ هو ڌٻڻ مان نڪرڻ بدران ان ۾ ڦاسندو ئي
وڃي ٿو. شايد ڌٻڻ ۾ ڦاسڻ ئي ان جو مقدر رهيو آهي. هيءُ جنهن
عالمي طاقت جي ڏڍ تي هلي رهيو آهي تنهن جي ڄار مان نڪرڻ به
هاڻي ان جي وسَ ۾ ناهي رهيو. سو مشرف ”پهرين پاڪستان“ جي نعري
۾ اصل پنهنجي بقا جي جنگ وڙهي رهيو آهي، پر جيڪا بقا جي جدوجهد
ڏاڍ، طاقت، غيرآئيني، غيرقانوني ۽ غيرجمهوري نموني ڪئي وڃي سا
يقينن عزت جوڳي ناهي هوندي ۽ اهڙن ماڻهن کي تاريخ پنهنجي ڪٽهڙي
۾ ”مجرم“ طور بيهاريندي آهي. سو مشرف جو اڇو چٺو تاريخ ۾ درج
ٿي چڪو آهي، هاڻي ان ۾ بهتري جي نه ڪا گنجائش آهي ۽ نه ئي
اُميد. پر ٿيندو اهوئي ۽ ڪندو اهوئي جيڪو آمريڪا چاهيندو. هاڻي
جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي سو به آمريڪا جي منشا موجب ئي ٿي
رهيو آهي.
مشرف کي انهيءَ سڄي پسمنظر باوجود به جيڪڏهن بچائڻ جو ڪو ممڪن
رستو آهي ته سو اهو آهي ته ان کي چونڊون کٽي ايندڙ پارٽيءَ جو
احسان کڻڻو پوندو. پر اها به حقيقت آهي ته مشرف کي ايندڙ مُدي
لاءِ آڪسيجن ڏيندڙ ان پارٽيءَ کي پنهنجي ساک جي قرباني ڏئي ڪري
سياسي خواري ۽ بدنامي کڻڻي پوندي. اها خواري ۽ اها بدنامي
اقتدار لاءِ ڪهڙي به سياسي پارٽي خوشيءَ سان قبولي سگهي ٿي.
ڇاڪاڻ ته چوندا آهن ته ”نڪ جي پڪائي ڪير سياستدانن ۽ سياسي
پارٽين کان سکي“. سياسي پارٽيون پنهنجي مفاد ۾ ڪلهه جي دشمنن
کي دوست ۽ اڄ جي دوستن کي دشمن بڻائڻ جون قائل رهيون آهن. پر
اصل تبديلي تڏهن ايندي جڏهن هر سياسي پارٽي پنهنجي اقتداري
مفادن کي پاسيرو ڪري آئين، قانون ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ ثابت
قدميءَ جو ڪردار ادا ڪري. اڄ وقت جي اهائي تقاضا آهي. پر
جيڪڏهن ائين به نٿو ٿئي ته پوءِ ڪا ٻاهرين طاقت هن ملڪ کي
افغانستان ۽ عراق بڻائڻ جا اونئن ئي سانباها ڪري آهي. |