ايم ڪيو ايم بابت پيپلز پارٽي غير ضروري طور مونجهاري جو شڪار ڇو آ؟!

زرار پيرزادو

حڪومتي جوڙجڪ تي ويچار ۽ بحث مباحثو اڃا هلندڙ آهي. جڏهن ته مارچ جي پهرين هفتي اندر حُڪومتي جوڙجڪ وارو معاملو فائنل ڪرڻو پوندو. پ پ جي حوالي سان ٻه وڏا مونجهارا نظر اچي رهيا آهن. اهي ٻه مونجهارا آهن: ججن جي بحالي، ۽ صدر مشرف. جڏهن ته ايم ڪيو ايم وارو مونجهارو غير ضروري طور تي پاليل نظر اچي رهيو آهي. اهي مونجهارا باوجود ان جي ته واقعي به موجود آهن پر انهن جو حل به ايڏو ئي سولو آهي. جيڪڏهن پ پ عوامي مئنڊيٽ جي روشنيءَ ۾ حڪمت عملي طئي ڪري ته ان کي هڪ تمام سٺي رهنمائي ان مان ملي سگهي ٿي. 18 فيبروري واري اليڪشن ۾ عوام صدر مشرف جي حمايت يافته پارٽي مسلم ليگ (ق) ۽ انجي پاليسين کي مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ سطح تي پ پ لاءِ ايم ڪيو ايم کي حڪومت ۾ شامل ڪرڻ به هڪ وڏو مسئلو يا اشو بڻجي ظاهر ٿيو آهي. جڏهن ته ان مسئلي جو حل به بيحد آسان آهي. اسان کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ان معاملي کي پ پ ۽ ايم ڪيو ايم وارا ان اسپرٽ سان ڇو نٿا ڏسن ۽ ان انداز سان ان معاملي کي ڇو نٿا حل  ڪن جيئن زميني حقيقتون ڏسُ ڏئي رهيون آهن.

پ پ جي حوالي سان جيڪڏهن ايم ڪيو ايم جي معاملي کي ڏسجي ته ان کي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته ان پارٽي جو ڪردار پوئين حڪومت ۾ ڪنهن ريت به ق ليگ کان مختلف نه هو. اِها ق ليگ جي وڏ وزارت هيٺ اُنَ حڪومت ۾ شامل ٿي هئي جنهن کي ”پرو مشرف حڪومت“ سمجهيو پئي ويو. ان حوالي سان آصف زرداريءَ جيڪا پهرين اسٽينڊ ورتي هئي ته اڳوڻي حڪومت ۽ انجي اتحادين سان حڪومت نه ٺاهبي سا درست به هئي ۽ وقتائتي به. ان موقف ۽ پاليسيءَ کي برقرار رکيو وڃي ها پر ڏٺو اهو ويو ته جيئن ئي آصف سان آمريڪي عملدارن، ايوان صدر ۽ اسٽيبلشمينٽ ڳالهائڻ شروع ڪيو ته هُن ايم ڪيو ايم کي حڪومت ۾ شامل ڪرڻ جي به ڳالهه آڏو آندي. ايم ڪيو ايم کي حڪومت ۾ شامل ڪرڻ کي جيڏو ضروري سمجهيو وڃي ٿو ايڏو ئي اهو غير ضروري عمل آهي. پر پ پ الائي به ڇو ان معاملي کي اوئن اٿاري نه سگهي آهي. جيئن ان کي کڻڻ گهرجي. پ پ جيڪڏهن ايم ڪيو ايم کي ان بنياد تي سنڌ حڪومت ۾ شامل نه ڪري ته ان ماضي ۾ هڪ فوجي حڪمران جي سياست ۾ مداخلت کي جائز قرارڏنو هو ۽ انجي هر پاليسيءَ ۾ آخر تائين ساڻس ٻِٽُ هئي ۽ پ پ کي سنڌ ۾ مليل مئنڊيٽ جو احترام نه ڪندي ق ليگ سان حڪومت ٺاهي هئي ته پ پ کي يقينن هڪ وڏو سياسي جواز آهي. ٻيو ته متحده هاڻي وفاقي سياسي پارٽي آهي. ان سياسي پارٽيءَ کي سنڌ اسيمبلي ۾ جيڪڏهن ايتري اڪثريت ناهي ته هُوءَ حڪومت ٺاهي سگهي ته ان کي ق ليگ وانگي اپوزيشن ۾ ويهڻ گهرجي. ان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته پ پ اڳين حڪومت جيڪڏهن سندس معافي واري شرط سبب نه ٺاهي سگهي هئي ته اها به پنج سال اپوزيشن ۾ ويٺي هئي تڏهن ايم ڪيو ايم سنڌ جي مئنڊيٽ جو ائين ذڪر ڇو نه ڪيو هو جيئن هاڻي پنهنجي مئنڊيٽ جو ڪري رهي آهي. جيستائين ايم ڪيو ايم جي مئنڊيٽ جو تعلق آهي ته يقينن اهو مئنڊيٽ ئي آهي ته اُها سنڌ اسيمبليءَ جي ٻي وڏي پارٽي آهي ۽ ان ڪري ئي ان کي اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪرڻ جو اعزاز نصيب ٿي رهيو آهي. ايئن ايم ڪيو ايم کي به پ پ جو ڀاري مئنڊيٽ جو احترام ڪندي ان کي اڪيلي سر حڪومت ٺاهڻ جو حق خوشيءَ مان ڏيڻ گهرجي ۽ پاڻ کي صدر مشرف ۽ ق ليگ جو ڏکئي وقت ۾ سهارو بڻجڻ گهرجيس. اهو رويو غلط آهي ته ”ڪم لٿو ڊکڻ وسريو“. متحده ق ليگ سان پنج سال حڪومت ڪئي ۽ هاڻي به کيس انجو ساٿ ڏيڻ گهرجي.

جڏهن ته عوام هڪ تبديلي چاهي ٿو. اُهو اڳين حڪومت جو تسلسل ڪنهن ريت به ڏسڻ نٿو چاهي. ان ڪري پ پ کي ان سياسي جواز تحت ايم ڪيو ايم کان معذرت ڪرڻ گهرجي. هيءُ سنڌي مهاجرن جو مسئلو ناهي، نه ئي شهري ۽ ٻهراڙي آبادين کي ملائڻ جو ڪو معاملو آهي. هيءُ جيڪو ڪجهه ٿيو آهي سو اليڪشن جي نتيجن جي روشنيءَ ۾ ٿي رهيو آهي. ايم ڪيو ايم کي حُڪومت ۾ شامل نه ڪرڻ جي سزا انڪري به ملڻ گهرجي جو ان 5 سال غير جمهوري صدر جي حمايت ڪئي ۽ ان کي پنج سال ورديءَ ۾ قبول ڪيو هو. ايم ڪيو ايم پنهنجي عمل سان اهو به ثابت ڪري رهي آهي ته اها هڪ وڏي سياسي پارٽي نه پر آزاد اميدوارن وانگي هر حڪمران ڌرجي ساٿاري ۽ حمايتي ٿي وڃي ٿي.ٻيو ته ايم ڪيو ايم اهو به تاثر ڏئي رهي آهي ته جيڪڏهن ان کي حڪومت ۾ شامل نه ڪيو ويندو ته اُها ڪراچيءَ ۾ امن امان جو مسئلو پيدا ڪندي، الطاف حسين ته اهو به چيو آهي ته جيڪڏهن پ پ ان کي سنڌ حڪومت ۾ شامل نه ڪيو ته ان سان سنڌ کي نقصان رسندو. اهو رويو ڪنهن ريت به قائل ڪرڻ جوڳو ناهي. جيڪڏهن ق ليگ اپوزيشن ۾ ويهندي ته ڇا ان سان سنڌ ۽ ملڪ کي نقصان رسندو؟ يا امن امان جو مسئلو پيدا ٿيندو؟ جيڪڏهن ق ليگ اهڙو ڪو مسئلو پيدا نٿي ڪري ته پوءِ ايم ڪيو ايم کي ڇو ڪرڻ گهرجي.پر پ پ ان معاملي کي سياسي طور تي منهن نه ڏئي ڪري غير ضروري طور تي مونجهاري جو شڪار ٿي رهي آهي. جڏهن ته پ پ ۾ چئن ئي صوبن جا ماڻهو آهن. اردو ڳالهائيندڙن جي نمائندگي به پ پ ۾ آهي ان ڪري پ پ کي سياسي، نظرياتي ۽ ميرٽ جي بنياد تي اڳتي وڌڻ گهرجي. جيڪڏهن پ پ تاج حيدر جهڙي دانشور سياستدان کي سنڌ جو گورنر بڻائي ته ڇا اهو اردو ڳالهائيندڙن جي نمائندگي نٿو ڪري سگهي. ٻهراڙي ۽ شهري جو فرق اصل ۾ ايم ڪيو ايم ئي پيدا ڪندي رهي آهي. هاڻي به الطاف حسين سنڌ جي جنهن نقصان جي نشاندهي ڪري رهيو آهي سو ٻهراڙي ۽ شهري جو فرق ئي آهي. جڏهن ته پ پ پنهنجي وجود ۾ ٻهراڙي ۽ شهري ماڻهن جي نمائندگي ڪري ٿي. ڪراچي جا ڪيترائي ڄاتل سڃاتل، باڪردار ۽ باضمير سياستدان پ پ ۾ به شامل آهن. اها قومي مفاهمت جو ماحول ضرور ٺاهي پر انجو مطلب اهو ناهي ته اُها ق ليگ کي به حڪومت ۾ ويهاري ڇڏي. قومي مفاهمت مان مراد اها هئڻ گهرجي ته اڳين حڪومت ۾ جيڪي ڌريون شامل نه هيون تن کي گڏايو وڃي ۽ انجي ضرورت پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان ۾ خاص ڪري تمام گهڻي محسوس ٿي رهي آهي.