|
قائم علي شاهه کي سنڌ جو وڏو وزير بڻائڻ ۽ نثار کهڙو کي سنڌ
اسيمبلي جو اسپيڪر بڻائڻ واري فيصلي (جيڪو بظاهر ڪنهن فرد واحد
جو نه پر مجموعي طور تي پارٽي جو فيصلو آهي) مان اهو تاثر ضرور
قائم ٿي رهيو آهي ته آصف زرداري انتهائي محتاط پاليسي ڏانهن
گامزن آهي. هو ٿورو گهٻرايل ۽ دٻايل به محسوس ٿي رهيو آهي. هو
ڪو پاڻمرادو اهڙو وڏو فيصلو ڪرڻ جو خطرو نه کڻي جنهن سان پارٽي
جي بحران يا ٽٽڻ جو ڪو انديشو رهي يا حڪومت کي ڪو نقصان رسي.
گڏوگڏ چاهي ٿو ته هو ڪو اهڙو ماڻهو به آڏو نه آڻي جيڪو سندس
فيصلن آڏو رنڊڪ بڻجي پر ”Yes
man“
هجي. انهيءَ محتاطيءَ جو هڪ وڏو سبب اهو آهي ته پ پ بينظير ڀٽو
جهڙي عالمي اڳواڻ ۽ انتهائي تجربيڪار قيادت جي ٻن حڪومتن کي
برطرف ڪرڻ وارو تجربو به پ پ جي آڏو آهي.
سو آصف آڏو نه صرف پارٽي کي بچائڻ جو چئلينج آهي پر پنجن سالن
جو حڪومتي مدو به پورو ڪرڻ جو ٽارگيٽ آڏو آهي. ان ٽارگيٽ کي
ذهن ۾ رکندي ئي هو قومي حڪومت ٺاهڻ جو ارادو رکي رهيو آهي ته
جيئن سڀ خوش رهن ۽ ڪا ڌر سندس حڪومت لاءِ مسئلو پيدا نه ڪري.
ايم ڪيو ايم کي به ان تناظر ۾ حڪومت ۾ شامل ڪرڻ جي هو ڳالهه
ڪندو رهيو آهي. پاڻ کي وزارت عظميٰ جو اميدوار نه بڻائڻ ۽
پنهنجي دوست سراج دراني کي وڏو وزير نه بڻائڻ وارا فيصلا به
محتاط پاليسيءَ جو اظهار آهن.
آصف زرداري جي ان محتاط پاليسي جي روشنيءَ ۾ جيڪو وڏ وزارت ۽
اسپيڪر جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سو ڪنهن ريت به اچرج جوڳو ناهي.
قائم علي شاهه کي سينئر اڳواڻ، اڳوڻي وڏي وزير ۽ پ پ سنڌ جي
صدر جي حيثيت ۾ پروٽوڪول ڏئي ڪري وڏو وزير بڻايو ويو آهي، جڏهن
ته نثار کهڙي کي اڳوڻي سنڌ اسيمبلي جي اپوزيشن ليڊر جي حيثيت ۾
اسيمبلي کي هلائڻ جو ذمو ڏنو ويو آهي. قائم علي شاهه جي فيصلي
ماڻهن کي مايوس ضرور ڪيو آهي پر اهو غلط يا تڪراري فيصلو به
ناهي. قائم علي شاهه واري فيصلي مان مايوسي ان حوالي سان آهي
ته هو بيحد ٿڌو ماڻهو آهي، جنهن مان غير معمولي ۽ جارحاڻن
فيصلن جي توقع نٿي ڪري سگهجي. هو اهو ئي سڀ ڪندو يا ڪري سگهندو
جنهن بابت پارٽي قيادت کيس چوندي ۽ آصف زرداري به اهو ئي ڪجهه
چاهي ٿو. |