23 بدھ , جنوری 2019

نيپرا بجلي جي اگهن ۾ 57 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي

Approval of growth in the rise of Nepra Electric

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نيپرا بجلي جي اگهن ۾ 57 پئسا في يونٽ واڌ جي منظور ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا جي رپورٽن موجب سينٽرل پاور پيرچيزنگ ايجنسي ( سي پي پي اي ) جي درخواست تي نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي ( نيپرا ) ۾ ٻڌڻي ٿي. نيپرا …

تفصيل »

ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس: عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ايان علي کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) راولپنڊي جي ڪسٽم واري خاص عدالت ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس ۾ نامزد ماڊل ايان علي کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. ڪسٽم جي خاص عدالت جي جج ارشد ڀٽا ايان علي خلاف ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ڪيس جي …

تفصيل »

مني بجيٽ جي منظوري لاءِ وفاقي ڪابينا جو خاص اجلاس اڄ ٿيندو

Pakistan to present 'mini-budget' today amid balance of payments squeeze

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان  وفاقي ڪابينا جو خاص اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي.  اجلاس دوران ناڻي وارو وفاقي وزير اسد عمر مني بجيٽ ۽ معاشي اصلاحاتي پئڪيج تي ڪابينا کي بريفنگ ڏيندو. جنهن بعد مني بجيٽ ۽ معاشي سڌارن واري پئڪيج جي منظور ڏني …

تفصيل »

ساهيوال واقعي جو ذميوار ڪير؟… جي آءِ ٽي اڇا ڪارا پڌرا ڪري ڇڏيا

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي قانون واري وزير راجا بشارت ساهيوال ۾ سي ٽي ڊي جي آپريشن کي سئو سيڪڙو درست قرار ڏئي ڇڏيو آهي. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ساهيوال سانحي جي جاچ لاءِ قائم ڪيل جي آءِ ٽي …

تفصيل »

وزيراعظم عمران خان طرفان افغانستان ۾ دهشتگرد حملي جي مذمت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي دعا ڪيان ٿو ته جنگ سٽيل پاڙيسري ملڪ ۾ جلد امن بحال ٿي وڃي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي وزيراعظم عمران خان افغان صوبي وردڪ ۾ دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي. هن لکيو ته حملي ۾ متاثر ٿيلن جي …

تفصيل »

پ پ وارن ڀُٽي جو نعرو به تبديل ڪري ڇڏيو: حليم عادل شيخ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته پ پ وارن ڀُٽي جو نعرو به تبديل ڪري ڇڏيو، هاڻ نعرو هڻي رهيا آهن ته ”ڪتني اڪائونٽ بند ڪروگي، هر گهر جي جعلي اڪائونٽ نڪلي گا“. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي بيان تي ردعمل ڏيندي …

تفصيل »

حڪومت اتحادين کي پنهنجو محتاج سمجهي ٿي: خورشيد شاهه

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته حڪومت ۽ اتحادين جو الائنس ميرٽ تي ناهي ٿيو، اهو اتحاد حالتن تحت ٺهرايو ويو آهي.  پارليامنٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد خورشيد شاهه چيو ته حڪومتي اتحاد ۾ شامل سمورين پارٽيون …

تفصيل »

وزيراعظم ٻن ڏينهن جي دوري تي قطر روانو

 اسلام آباد(ويب ڊيسڪ )وزيراعظم عمران خان قطر جي ٻن ڏينهن جي دوري لاءِ روانو ٿي ويو آهي. زيراعظم عمران خان کي هن دوري جي دعوت قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني ڏني هئي، شاهه محمود قريشي، اسد عمر، خسرو بختيار، غلام سرور خان ۽ عبدالرزاق دائود وزيراعظم ساڻ …

تفصيل »

تفريح سان ڀرپور فلم ٽوٽل ڌمال جو ٽريلر رليز ٿي ويو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) تفريح ۽ ٽهڪن سان ڀرپور فلم ڌماڪي جي ٽين پارٽ ٽوٽل ڌمال جو ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي.  ٽوٽل ڌمال ۾ ٻن نين اداڪارن جي انٽري ٿي آهي، انيل ڪپور ۽ ماڌري ڊڪشت ڪيترن ئي سالن کانپوءِ هڪ دفعو ٻيهر ٽوٽل ڌمال ۾ ڌمال هڻندي …

تفصيل »

زال جو قتل: سپريم ڪورٽ ۾ جوابدار شمس الرحمان جي آزادي خلاف اپيل رد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان زال جي قتل جي جوابدار شمس الرحمان خلاف هاءِ ڪورٽ فيصلو برقرار رکندي اپيل رد ڪري ڇڏي. تفصيلن موجب سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ٽي رڪني بينچ جوابدار شمس الرحمان جي آزادي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. …

تفصيل »

ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جو سلسلو ٻيهر شروع، ٽريفڪ اهلڪار قتل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ٽارگيٽ ڪلر سرگرم ٿي ويا آهن. جنهن گارڊن ۾ فائرنگ ڪري هڪ ٽريفڪ پوليس اهڪار کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس موجب ٽريفڪ پوليس اهلڪار موٽر سائيڪل تي ڊيوٽي وڃي رهيو هو ته گارڊن ۾ نامعلوم موٽر سائيڪل سوار مٿس فائرنگ ڪئي. مقتول …

تفصيل »

اپوزيشن اڳواڻن جي ساهيوال واقعي جي مذمت، حڪومت کان شفاف جاچ جو مطالبو

لاهور (ويب ڊيسڪ) اپوزيشن اڳواڻن ساهيوال واقعي کي بدترين دهشتگردي قرار ڏيندي اعليٰ سطحي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. ن ليگ صدر شهباز شريف ساهيوال سانحي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ته پنجاب حڪومت واقعي جي اعليٰ سطحي جاچ ڪرائي ته جيئن حقيقتون جي خبر پئجي سگهي، …

تفصيل »

پيپلز پارٽي گهرو وزارت کان وڏو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ جي سينيئر اڳواڻ مڪاني ادارن جي صوبائي وزير سعيد غني وزيراعظم عمران ۽ سندس ڀيڻ عليما خان جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. پنهنجي بيان ۾ سعيد غني چيو آهي ته عليما خان جهڙي سلائي مشين غريب عورتن کي به …

تفصيل »

صدر عارف علوي سان ملائيشين وفد جي ملاقات، گڏيل واپار ۽ سيڙپڪاري تي ڳالهيون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صدر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت ٻاهرين سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، سيڙپڪارن جا مسئلا فوري طور حل ڪيا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملائيشيا جي پرائمري انڊسٽريز بابت ڊپٽي منسٽر جي اڳواڻي ۾ آيل 9 رڪني وفد سان …

تفصيل »

ساهيوال واقعي ۾ ملوث سي ٽي ڊي اهلڪار گرفتار، جي آءِ ٽي قائم

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جي هدايت تي پوليس ساهيوال ۾ مبينا دهشتگردن کي مارڻ ۾ ملوث سي ٽي ڊي اهلڪارن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي. عثمان بوزدار ساهيوال ۾ شڪي مقابلي ۾ حصو وٺندڙ سي ٽي ڊي اهلڪارن جي گرفتاري جو حڪم ڏنو، جنهن …

تفصيل »