23 منگل , اکتوبر 2018

لاهور: ن ليگ جو پنجاب اسيمبلي جي اجلاس جو بائيڪاٽ جاري، ايوان ٻاهران احتجاج

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن پنجاب اسيمبلي جي اجلاس جو اڄ به بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو ۽ معطل ميمبرن جي بحالي تائين ان کي جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر پرويز الاهي مسلم ليگ ن جي 6 اسيمبلي ميمبرن جي ايوان ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي لڳائي …

تفصيل »

وزير اعظم اڄ 2 ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب روانو ٿيندو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)وزير اعظم عمران خان اڄ 2 ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب روانو ٿيندو جتي هو مستقبل جي سرمايه ڪاري جي اعنوان سان گهرايل ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو، پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب وزير اعظم کي دوري جي دعوت سعودي بادشاهه شاهه سلمان بن عبدالعزيز ڏني آهي. وزير …

تفصيل »

پشاور جي صوبائي سيٽ تي اي اين پي اميدوار ڪامياب

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي تڪ پي ڪي 71 پشاور ۾ عوامي نيشنل پارٽي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي.  تڪ جي مجموعي 86 پولنگ اسٽيشنز جي نتيجن موجب عوامي نيشنل پارٽي جو اميدوار صلاح الدين 11224 ووٽ کڻي کٽي ويو آهي، جڏهن ته تحريڪ انصاف جو ذوالفقار خان 9755 ووٽن …

تفصيل »

ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين ڪاررواين تي ڳڻتي آهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزارت جي ترجمان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين ڪاررواين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته ڀارتي فورسز پلواما ۾ ڳورهاري عورت کي شهيد ڪيو، جنهن جي 15 ڪلاڪن کانپوءِ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي، پلواما …

تفصيل »

موجوده نظام سان عوام جي مايوسي وڌندي پئي وڃي: سراج الحق

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته موجوده نظام سان عوام جي مايوسي ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿي رهي آهي، بلوچستان جي محرومين جو ازالو نه ڪيو ويو. قلعي سيف الله ۾ ڏکڻ بلوچستان ضلعن جي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته تحريڪ …

تفصيل »

سياسي پارٽيون متحد ٿي حڪومت خلاف قرارداد پيش ڪن: آصف زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته موجوده حڪومت جي نااهلي مختصر وقت ۾ ئي سامهون اچي وئي، سمورين سياسي پارٽين کي متحد ٿي حڪومت جي ناڪامي بابت قرارداد پيش ڪرڻ گهرجي، اسان کي اصولي فيصلو ڪرڻو پوندو ته ڪهڙي پاسي وڃي …

تفصيل »

رليف ڏيڻ جي ڳالهه ڪندڙن عوام تي مهانگائي جو جبل ڪيري ڇڏيو: احسن اقبال

نارووال (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته تحريڪ انصاف حڪومت جي اقتصادي پاليسين عوام جون رڙيون ڪڍي ڇڏيون آهن،  100 ڏينهن ۾ رليف ڏيڻ جي ڳالهه ڪندڙن عوام تي مهانگائي جو جبل ڪيري ڇڏيو. صحافين سان ڳالهائيندي اڳوڻي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته گئس ۽ …

تفصيل »

پاڻي جي ذريعن کي وڌائڻ لاءِ فوري طور قدم کڻڻ جي ضرورت آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته منهنجي سدائين هڪ سوچ ۽ ڪوشش رهي آهي ته جڏهن به الله موقعو ڏنو بنيادي حقن جي فراهمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندس ۽ پاڪستان جي آئين تحت عدليا شهرين جي بنيادي حقن جي ضامن آهي. …

تفصيل »

راولپنڊي ۾ عورت سرڪاري آفيسر ۽ سندس مڙس جو  11 سالن جي ملازم تي بدترين تشدد

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) راولپنڊي ۾ عورت سرڪاري آفيسر ۽ سندس مڙس طرفان 11 سالن جي گهرو ملازم تي تشدد جي ويڊيو وائرل ٿيڻ بعد انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري واقعي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو. راولپنڊي جي ولايت ڪالوني ۾ سرڪاري عورت آفيسر ۽ سندس مڙس طرفان 11 سالن جي …

تفصيل »

صوبن ۾ اتفاق راءِ سان ئي آبي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا: سرتاج عزيز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناليواري اقتصاديات جي ماهر سرتاج عزيز چيو آهي ته صوبن اتفاق رائي سان آبي مسئلن کي حل ڪري سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سپريم ڪورٽ ۾ ٻن ڏينهن واري عالمي سمپوزيم کي خطاب ڪندي ڪيو. اڳوڻي پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته اتفاق راءِ کان …

تفصيل »

ڀاشا ڊيم قومي معاملو آهي، ڪالا باغ جيان سياست جي ور چڙهڻ نه ڏبو: حمزه شهباز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ حمزه شهباز شريف چيو آهي ته ديامر ڀاشا ڊيم قومي معاملو آهي، ڪالا باغ جيان سياست جي ور نه چڙهڻ گهرجي، پاڪستان ۽ ذمين جي معاملي تي اسان سڀ گڏ آهيون. اها ڳالهه هن اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ جي واٽر سمپوزيم …

تفصيل »

وزير اعظم جو ڀارت ۾ ٽرين حادثي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان ڀارتي شهر امرتسر ۾ ٽرين حادثي جي نتيجي ۾ 60 ڄڻن جي مارجڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته ڀارت ۾ خطرناڪ ٽرين حادثي …

تفصيل »

ڊبليو ايڇ او پنجاب ۾ ايڇ آر ايڇ آبزويٽري قائم ڪندو: ياسمين راشد

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي صحت واري وزير ياسمين راشد چيو آهي ته هيومن ريسورسز جي ترقي صحت جي هدفن ۾ مددگار ثابت ٿيندي. تفصيل موجب پنجاب جي صحت واري وزير ياسمين راشد صحت واري عالمي اداري جي وفد سان ملاقات ڪئي ۽ پنجاب جي صحت کاتي کي انساني وسيلن جي …

تفصيل »

پاڪستان هر فورم تي ڪشميرين جي جدوجهد کي اجاڳر ڪندو رهندو: فواد چوڌري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ڪشميرين جي صبر سان ڀارتي هارائجي چڪو آهي. تفصيل موجب حريت ڪانفرنس، تحريڪ حق خوداراديت جي وفد سڌُ سماءَ واري وزير فواد چوڌري سان ملاقات ڪئي. فواد چوڌري والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي رياستي دهشتگردي جي مذمت ڪندي چيو …

تفصيل »

شيخ رشيد جو ڪراچي کان حيدرآباد تائين شٽل ٽرين هلائڻ جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد ڪراچي کان حيدرآباد تائين شٽل ٽرين هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته ڪراچي کان ڌاٻيجي تائين شٽل ريل هلائي ويندي، جنهن سان آءِ آءِ چندريگر روڊ تائين مزدور ڌڪا کائڻ کان بچي پوندا، جڏهن …

تفصيل »