18 اتوار , نومبر 2018

عوام دشمن حڪومت گيس اگهن ۾ واڌ ڪري واپاري ڌر ۾ روزگار جو قتل عام پئي ڪري: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته عوام دشمن حڪومت گيس جي اگهن ۾ واڌ ڪري صنعتي ۽ واپاري تڪن ۾ روزگار جو قتل عام ڪيو آهي. تفصيل موجب سڄي ملڪ ۾ گيس جي قيمتن ۾ واڌ جي مذمت ڪندي ن ليگ جي …

تفصيل »

اميد آهي ته قطر جلد پاڪستانين کي روزگار ڏيڻ واري معاهدي تي عمل ڪندو: وزير اعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته اميد آهي ته قطر جلد هڪ لک پاڪستانين کي روزگار فراهم ڪرڻ واري معاهدي تي عملدرآمد ڪندو. تفصيل موجب وزير اعظم عمران خان سان قطري پرڏيهي وزير عبدالرحمان ثاني ملاقات ڪئي ۽ کيس عهدو سنڀالڻ تي واڌايون ڏنيون. ملاقات …

تفصيل »

نئين ميڊيا قانون سان ڪوڙين خبرن کي ختم ڪنداسين: فواد چوڌري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پيمرا جي جاءِ تي نئين ميڊيا ريگوليٽري اٿارٽي بڻائي رهيا آهيون. سينيٽ جي اسٽيڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي فواد چوڌري جو چوڻ هو ته پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگوليٽري اٿارٽي (پيمرا) کي ختم رڪي نئون ادارو قائم ڪيو …

تفصيل »

بندوبست نه ڪيا ته پاڪستان کي پاڻي جي مسئلي کي منهن ڏيڻو پوندو: چيف جسٽس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان ثاقب نثار جو چوڻ آهي ته پاڻي جي کوٽ جي خاتمي لاءِ بندوبست نه ڪيا ويا ته 2025ع ۾ پاڪستان کي خشڪي کي منهن ڏيڻو پوندو. ملڪ ۾ پاڻي جي بحران جي حل بابت عالمي سمپوزيم کي خطاب ڪندي چيف جسٽس پاڪستان ثاقب …

تفصيل »

ننديپور مبينا ڪرپشن ڪيس ۾ نيب طرفان چيني ڪمپني جي آفيسر کان پڇا ڳاڇا

لاهور(ويب ڊيسڪ) نندي پور پاور پراجيڪٽ مبينا ڪرپشن ڪيس ۾ نيب پاڪستنانين کان پوءِ چيني آفيسرن کي به طلب ڪري پڇا ڳاڇا شروع ڪري ڇڏي. نيب ذريعن موجب نندي پور پاور پراجيڪٽ ۾ سهڪار ڪندڙ چيني ڪمپني جو آفيسر زنگ ينگ فو نيب جي 3 رڪني جاچ ڪميٽي جي آڏو …

تفصيل »

جنهن ملڪ جو مال ڦريو ان کي حساب ڏيڻو پوندو: عليم خان

لاهور(ويب ڊيسڪ) صوبائي مڪاني ادارن واري وزير عليم خان جو چوڻ آهي ته پنجاب حڪومت 80 ارب رپين جا چيڪ بائونس ڪرائي ويٺي آهي. تفصيل موجب لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي مڪاني ادارن واري وزير عليم خان چيو ته پيراگون اسڪينڊل جو ذميوار ڪير آهي، اڄ ڇا جو روئڻ …

تفصيل »

حمزه شهباز پيءُ جو ڏک پنجاب اسيمبلي ۾ نه ملهائي: فياض الحسن

لاهور(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وزير فياض الحسن چوهاڻ جو چوڻ آهي ته سڄي دنيا جون اخبارون نواز شريف ۽ شهباز شريف کي ڪرپٽ چئي رهيون آهن، حمزه شهباز اسيمبلي هال ۾ اچي، پيءُ جو ڏک پنجاب اسيمبلي ۾ نه ملهائي. تفصيل موجب پنجاب اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سڌُ …

تفصيل »

نهال هاشمي کي پنهنجي ڳالهين تي شرم اچڻ گهرجي: فيصل جاويد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ سينيٽر فيصل جاويد چيو آهي ته نهال هاشمي کي اهڙي تڪراري ڳالهه ٻولهه ڪندي شرم اچڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار فيصل جاويد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪ فوج جون قربانيون ڪنهن کان لڪل ناهن. سينيٽر فيصل جاويد …

تفصيل »

شهباز شريف خواجا آصف خلاف شاهدي ڏئي چڪو آهي: پرويز الاهي جي دعويٰ

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي دعويٰ ڪئي آهي ته شهباز شريف خواجا آصف جي خلاف شاهدي ڏئي چڪو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. مسلم ليگ ق جي سينيئر اڳواڻ موجب شهباز شريف جو اِهو چوڻ ته نيب کيس خواجا آصف جي …

تفصيل »

سعودي عرب پاڪستانين لاءِ عمري جي واڌو فيس معاف ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سعودي حڪومت ٻن سالن دوران ٻيهر عمرو ڪرڻ تي لاڳو ٻه هزار ريال فيس ختم ڪري ڇڏي آهي. ذريعن موجب سعودي عرب جي مذهبي معاملن واري وزارت طرفان پاڪستاني اختيارين ۽ عمرو/حج آپريٽرن کي آگاهه ڪيو ويو آهي، جڏهن ته امڪان آهي ان جو باضابطا اعلان …

تفصيل »

وزيراعظم ۽ آرمي چيف جي افغانستان ۾ حملي جي مذمت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا افغان صوبي قنڌار ۾ ٿيندڙ حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم عمران خان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته افغان عوام ۽ سيڪيورٽي فورسز عدم استحڪام جي وڏي قيمت ادا ڪري رهي آهي، …

تفصيل »

گلگت بلتستان: برفباري سبب ڦاٿل ماڻهن کي فوج جي مدد سان ڪڍيو ويو

ديامير (ويب ڊيسڪ) گلگت بلتستان جي علائقي بهسل، گيٽي داس ۽ بابو سرٽاپ ۾ ريسڪيو آپريشن مڪمل ڪيو ويو آهي. برفباري جي نتيجي ۾ ڦاٿل سڀني ماڻهن کي پاڪ فوج جي هيلي ڪاپٽرن ڪڍي محفوظ هنڌ پهچايو. هوڏانهن ديوسائي ۾ برفباري سبب ٽن ڏينهن کان ڦاٿل هڪ پرڏيهي عورت سميت …

تفصيل »

نيب احد چيما خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو هڪ ٻيو ريفرنس داخل ڪري ورتو

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) احد چيما خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو هڪ ٻيو ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو آهي. نيب لاهور احد چيما خلاف ٻيو ريفرنس آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي ڪيس ۾ احتساب عدالت جي روبرو داخل ڪيو. نيب احد چيما جي نالي تي اثاثن …

تفصيل »

متحده عرب امارات جي اعليٰ سطحي وفد جو پاڪستان جو دورو ملتوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) متحده عرب امارات جي اعليٰ سطحي وفد پاڪستان جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. تفصيل موجب متحده عرب امارات جي 22 رڪني اعليٰ سطح جي وفد پاڪستان جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. ناڻي واري وزير اسد عمر سان شيڊول ملاقات ۾ عرب امارات جي وفد سان …

تفصيل »

عليم خان جي اثاثن جي جاچ پڙتال لاءِ نيب جو برطانيا ۽ دبئي سان رابطو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي سينيئر وزير عبدالعليم خان جي اثاثن جي جاچ لاءِ قومي احتساب بيورو برطانيا ۽ گڏيل عرب امارتن جي حڪومتن کي خط لکي ڇڏيا آهن. ذريعن موجب عليم خان جي اثاثن جي جاچ پڙتال لاءِ خط نيب لاهور طرفان لکيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي …

تفصيل »