22 جمعرات , نومبر 2018

ڀارتي فوج والاريل ڪشمير ۾ وڌيڪ 3 ڪشميرين نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو

سرينگر(ويب ڊيسڪ) ڀارتي فوج والاريل ڪشمير ۾ آپريشن دوران وڌيڪ ٽن ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارتي فوج والاريل وادي جي ضلعي ڪپواڙا ۾ تازيون ڪارروائيون ڪيون ۽ سرچ آپريشن دوران 3 نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو.  ڪشميير ميڊيا موجب ڀارتي فوج آڇر جي ڏينهن به …

تفصيل »

وياج جو خاتمو آئيني تقاضا آهي: وفاقي شرعي عدالت

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي شرعي عدالت جي چيف جسٽس شيخ  نجم الحسن ريمارڪس ڏنا آهن ته وياج جو خاتمو آئيني تقاضا آهي. وفاقي شرعي عدالت ۾ وياج جي خاتمي لاءِ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. چيف جسٽس شيخ نجم الحسن جي سربراهي ۾ پنج رڪني لارجر بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. …

تفصيل »

ڀارتي جارحيت جو جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکون ٿا: پرڏيهي وزير

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته جارحيت جو جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکون ٿا پر پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا پاڪستان جي ترجيح آهي. واشنگٽن ۾ نيوز ڪانفرنس ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان سان لاڳاپن جو فائدو سدائين آمريڪا کنيو، آمريڪي پرڏيهي وزير …

تفصيل »

پاڪستان ۾ 14 لک افغان پناهگير رهن ٿا، انگ اکر جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت کي سڄي ملڪ ۾ رهندڙ افغان پناهگيرن جا انگ اکر وصول ٿي ويا آهن، جنهن موجب پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ 14 لک افغان پناهگير موجود آهن. پاڪستان ۾ افغان پناهگيرن بابت وصول ٿيل انگن اکرن موجب هن وقت ملڪ اندر مهاجر ڪئمپن ۾ رهندڙ …

تفصيل »

نيب جو العزيزيه ۽ فليگ شپ ريفرنسز منتقلي خلاف اپيلون واپس وٺڻ جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)قومي احتساب بيورو (نيب) نواز شريف جي خلاف ريفرنس ٻي احتساب عدالت ڏانهن منتقل ڪرڻ بابت اپيل واپس وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو. سپريم ڪورٽ ۾ العزيزيه ۽ فليگ شپ ريفرنس جي ٻي احتساب عدالت ۾ منتقلي جي خلاف نيب اپيل جي ٻڌڻي ٿي. نيب اسلام آباد هاءِ …

تفصيل »

هر ڪتو ڇِتو ناهي هوندو، ڪجهه ڪتا پنهنجي بچاءَ ۾ ڏاڙهيندا آهن: عذرا پيچوهو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) صحت واري صوبائي وزير عذرا پيچوهو ڪتن جي ڏاڙهڻ سبب متاثر مريضن بابت هڪ الڳ ئي منطق جو اظهار ڪندي چيو ته هر ڪتو ڇِتو ناهي هوندو ڪجهه ڪتا پنهنجي بچاءَ ۾ ڏاڙهيندا آهن. تفصيل موجب ڪراچي ۾ رولو ڪتن شهرين جي زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي، ٻار …

تفصيل »

ڀارت تي هر قسم جي معاشي ۽ واپاري پابندين لاءِ پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ جمع

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي ۾ ڀارت خلاف معاشي ۽ واپاري پابنديون لاڳو ڪرڻ لاءِ ٺهراءُ جمع ڪرايو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته مودي ۽ ڀارتي آرمي چيف شيطاني ۽ ننڍي سوچ رکندڙ آهن. ڳالهين کان انڪار ۽ ڀارتي آرمي چيف جي ڌمڪين تي پنجاب اسيمبلي ۾ …

تفصيل »

نواز شريف حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ آصف زرداري کان مدد گهري ورتي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)  اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کان مدد گهري ورتي آهي. ذريعن موجب حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ ن ليگ متحرڪ ٿي وئي آهي ۽ ان ڏس ۾ ن ليگ قائد نواز شريف پ پ جي …

تفصيل »

ڌمڪين جو جواب ڏيڻ جي اهليت رکون ٿا: شهريار آفريدي

ڪوهاٽ (ويب ڊيسڪ) مملڪتي گهرو وزير شهريار آفريدي چيو آهي ته پاڪستاني قوم قرباني ڏيڻ کان نه ڪيٻائيندي، ڀارت جي ڌمڪين جو جواب ڏيڻ جي اهليت رکون ٿا. ڪوهاٽ جي دوري دوران مختصر خطاب ڪندي شهريار آفريدي چيو ته سياسي ۽ عسڪري قيادت هڪ پيج تي آهن، جيڪڏهن جنگ مڙهڻ …

تفصيل »

پ پ ڪنهن به حڪومت مخالف تحريڪ جو حصو نه بڻجندي: قمر زمان ڪائرا

لوئر دير (ويب ڊيسڪ) پ پ پنجاب جي صدر قمر زمان ڪائرا چيو آهي ته اسان ڪنهن به حڪومت مخالف تحريڪ جو حصو نه بڻجڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبر پختونخواهه جي علائقي تيمر گرا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. سندس چوڻ هو ته پ …

تفصيل »

ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا ناهيون، لاڳاپن جي بهتري کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي: وزيراعظم

لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارت جي ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا ناهيون، جيڪڏهن اهي ڌمڪيون ڏيندا ته هتي سڄي قوم گڏ بيٺل آهي.  لاهور ۾ سرڪاري ملازمن کي خطاب ڪندي عمران خان اميد ظاهر ڪئي ته ڀارتي قيادت تڪبر کي ڇڏيندي ۽ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن …

تفصيل »

نئين مڪاني نظام ۾ نمائندو بااختيار هوندو: فواد چوڌري

لاهور (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته نواز شريف سان ذاتي جهيڙو ناهي، سندس ذاتي مستقبل مونجهاري ۾ نظر اچي رهيو آهي، هو سياسي نه پر پنهنجي ذاتي مستقبل جي ڳڻتي ڪري. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته شهباز شريف حڪومت …

تفصيل »

پروٽوڪول خلاف شهري جو احتجاج: صدر پاڪستان ڪيس کي کل جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) صدر پاڪستان ڊاڪٽر عارف علوي پروٽوڪول خلاف احتجاج ڪندڙ شهري تي پوليس طرفان داخل ڪيس کي کل جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو. گذريل رات صدر پاڪستان ڊاڪٽر عارف علوي جو پوروٽوڪول ٽوڙڻ، سرڪاري ڪم ۾ رنڊڪ وجهڻ ۽ شهرين کي غلط ڪم تي ڀڙڪائيندڙ هڪ شهريءَ …

تفصيل »

ڊيم جي مخالفت تي آرٽيڪل 6 لڳي ٿو ته ڀلي لڳي: اسفند يار ولي

لاهور (ويب ڊيسڪ) عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه اسفند يار ولي چيو آهي ته جيڪي به بدزبان ماڻهو هئا، انهن کي اسيمبلي ۾ آندو ويو، عمران خان کي وزيراعظم نٿو مڃان، اهو چونڊيل نه پر سليڪٽڊ وزيراعظم آهي. اسفند يار ولي جاتي امرا ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان سندس …

تفصيل »

اتر وزيرستان ۾ آپريشن، 9 دهشتگرد مارجي ويا، 7 اهلڪار شهيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو آهي، جنهن ۾ 9 دهشتگرد مارجي ويا آهن، جڏهن ته 7 اهلڪار پڻ شهيد ٿيا آهن. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان ۾ آپريشن ڪندي 9 …

تفصيل »