17 بدھ , اکتوبر 2018

نيڪٽا کي آخرڪار آفيس ملي وئي، 33 ايجنسين جا نمائندا ڪم ڪن پيا: نيڪٽا سربراهه

اسلام آباد(ع آنيوز) ڪيتري ئي وقت کان مسئلن جو شڪار ملڪ جي اهم اداري نيڪٽا کي آخرڪار آفيس ملي وئي آهي ۽ امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته نيڪٽا جلد فعال ٿي ويندو. نيڪٽا جي سربراهه احسان غني جو چوڻ آهي ته انٽيلي جنس ڊائريڪٽوريٽ جي سربراهه اڄ جوائن ڪيو …

تفصيل »

مسلمان ٿيڻ لاءِ عمر جي حد وارو فيصلو واپس وٺڻ لاءِ تيار آهيون: آصف زرداري

دبئي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪوچيئرپرسن ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته  سنڌ اسيمبلي جو مسلمان ٿيڻ لاءِ عمر جي حد بابت فيصلو واپس وٺڻ لاءِ تيار آهيون، جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري بل …

تفصيل »

آصف زرداري پ پ اڳواڻن کي دبئي طلب ڪري ورتو، بلاول روانو، باقي سڀاڻي ويندا

دبئي(ع آنيوز) پاڪستان پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري پيپلزپارٽي جي مک اڳواڻن کي دبئي طلب ڪري ورتو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف زرداري جي طلب ڪرڻ تي پ پ چيئرمين بلاول دبئي روانو ٿي ويو آهي جڏهن ته وڏو وزير سيد مراد علي شاهه سڀاڻي دبئي …

تفصيل »

ايندڙ سال جي آخر تائين توانائي بحران ختم ٿي ويندو: وزير اعظم نواز شريف

سرائيوو(ع آ نيوز) وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان توانائي بحران تي ضابطي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي ۽ 2017ع جي آخر تائين ملڪ ۾ بجلي سميت توانائي بحران ختم ٿي ويندو. بوسنيا جي دوري تي ويل وزير اعظم نواز شريف بوسنيا بزنس فورم کي خطاب ڪندي چيو …

تفصيل »

ڪوڙن طوفانن کي اُٿاريا ويا، پر انهن جو ڄمي مقابلو ڪيوسين: خواجا آصف

سيالڪوٽ ( ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته ڪوڙن طوفانن کي اُٿاريا ويا، پر انهن جو ڄمي مقابلو ڪيوسين، مهينن اندر حڪومت ختم ڪرڻ جون اڳڪٿيون ڪيون ويون، پر وزير اعظم نواز شريف صبر ڪيو، سيالڪوٽ ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير خواجا …

تفصيل »

گڏيل فائدن واري ڪائونسل جي منظوري کانسواءِ فيصلو غير آئيني آهي: سيد مراد علي شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته گڏيل فائدن واري ڪائونسل جي منظوري کانسواءِ ريگيوليٽري اٿارٽيز کي وزارتن جي ماتحت ڪرڻ جو فيصلو غير آئيني آهي، پنهنجي هڪ بيان ۾ سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته ان فيصلي سان ريگيوليٽري ادارن …

تفصيل »

ريگيوليٽري ادارن کي ماتحت ڪرڻ ۾ گڏيل فائدن واري ڪائونسل کي نظرانداز ڪيو ويو: رضا رباني

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گڏيل فائدن واري ڪائونسل جي منظوري کانسواءِ وزير اعظم قانون 33 استعمال نٿو ڪري سگهي، وفاقي ليجسليٽو فهرست به گڏيل فائدن واري ڪائونسل جي نگراني جو لکيل آهي، گڏيل فائدن واري ڪائونسل جو ڪم ريگيوليٽري اٿارٽيز جي نگراني ۽ ڪنٽرول ڪرڻ آهي،  حڪومت جي جاري ايم …

تفصيل »

ايندڙ ڏينهن ۾ ن ليگ وارن کي پاناما جي نالي سان چڙايو ويندو: مولابخش چانڊيو

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ سُڌ سماءَ واري صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊئي چيو آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ ن ليگ وارن کي پاناما جي نالي سان چڙايو ويندو، حڪمرانن وٽ ننڍن صوبن لاءِ ڪابه گنجائش ناهي، حيدرآباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊئي جو …

تفصيل »

پي ٽي آءِ جو 25 ڊسمبر تي صوابي ۾ جلسي جو اعلان: سي پيڪ تي خدشا عوام کي ٻڌائيندس: عمران خان

اسلام آباد(ع آنيوز) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان 25 ڊسمبر تي صوابي ۾ جلسي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته جلسي ۾ اقتصادي راهداري ۽ پاناما پيپرز تي ڳالهائيندس. ان سلسلي ۾ عمران خان هڪ وڊيو پيغام جاري ڪيو آهي. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل عمران خان جي …

تفصيل »

اي ڊي خواجا کي آفيس اچڻ کان روڪيو ويو ته ڦيٿا روڪ هڙتال ڪنداسين: اياز لطيف پليچو

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليچي چيو آهي ته 22، 23 ۽ 24 ڊسمبر تي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪنداسين، اي ڊي خواجا کي اپيل آهي ته ڇُٽيون ڇڏي واپس پنهنجي آفيس اچي، حيدرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي اياز لطيف پليچي جو …

تفصيل »

ڪوڙن ووٽن جي فرانزڪ آڊٽ ٿيندي، معذور پوسٽل بيلٽ پيپر استعمال ڪري سگھندا: چونڊن بابت امڪاني قانون جو مسودو

اسلام آباد(ع آنيوز) قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد چيوآهي ته چونڊ سڌارن بابت نئين قانون تحت واڌو بيلٽ پيپر نه ڇپرائبا ۽ نادرا ڪوڙن ووٽن جي فرانزڪ آڊٽ ڪندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي قانون واري وزير زاهد حامد چيو ته چونڊ سڌارن جي ڪميٽي جون سفارشون ٽن حصن تي ٻڌل …

تفصيل »

نيب بلوچستان ميگا اسڪينڊل ۾ پلي بارگيننگ جي منظوري ڏئي ڇڏي، فريال ۽ منور ٽالپر خلاف جاچ بند

اسلام آباد(ع آنيوز) نيب چيئرمين بلوچستان جي ميگا ڪرپشن اسڪينڊل ۾ پلي بارگين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، مشتاق رئيساڻي ۽ خالد لانگو ٻه ارب رپين کان وڌيڪ رقم واپس ڪندا. ان سلسلي ۾ نيب چيئرمين قمر الزمان چوڌري جي صدارت هيٺ نيب جي ايگزيڪٽو بورڊ جو اجلاس ٿيو. اجلاس …

تفصيل »

انصاف جو بهترين نظام چاهيون ٿا، هلندڙ سال به ڪيترين ئي عورتن کي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ويو: بلاول ڀُٽو زرداري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀُٽي زرداريءَ چيو آهي ته نئين نسل کي ملڪي مسئلن جو حل ڪڍڻو پوندو. انصاف جو بهترين نظام قائم ڪرڻ چاهيون ٿا، اهو اسان لاءِ چيلنج آهي. هن سال ڪيتريون ئي عورتون غيرت جي نالي تي قتل ڪيون ويون. ڪراچيءَ جي آرٽس …

تفصيل »

نئين جي آمد: حڪومت سگريٽ جي واپار تي مڪمل پابندي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) حڪومت نئين سال جي آمد تي سگريٽ ڇڪيندڙن کي وڏو لوڏو ڏيڻ جي لاءِ شاندار فيصلو ڪري ورتو آهي. حڪومت نوجوانن ۾ سگريٽ نوشي جي ڀرپور حوصلا شڪني ڪرڻ جي لاءِ کليل سگريٽ جي واپار تي مڪمل طور پابندي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي جنهن …

تفصيل »

چوڌري نثار کي شايد ڏڦيڙ ڦهلائڻ جو ٽاسڪ مليل آهي: منظور وساڻ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) صنعت ۽ واپار واري وزير منظور وساڻ چيو آهي ته چوڌري نثار کي شايد ڏڦيڙ ڦهلائڻ جو ڪو ٽاسڪ مليل آهي تنهن هوندي ن ليگ 90 واري ڏهاڪي جي سياست کي ورجايو ته پوءِ ان کي ڪجهه به نه ملندو. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي صوبائي …

تفصيل »