موٽرسائيڪل تي ٻيلهه کڻڻ مٿان پابندي، سڄي شهر ۾ رينجرز ريڊ الرٽ، امن امان خراب ڪندڙن کي سختي سان منهن ڏيڻ جي هدايت

ڪراچي ۾ دهشتگردن جو راڄ: ٻن ڏينهن ۾ 23 ڄڻا قتل، گاڏين ۽ ملڪيتن کي باهيون

ڪراچي(رپورٽ: ذوالفقار واهوچو) ڪراچي م ٻئي ڏينهن به موت جو ننگو ناچ جاري رهيو. پوليس ۽ رينجرز وڳوڙن تي ضابطو نه آڻي سگهي، دهشتگرد ڪاررواين ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ 23 ڄڻا مارجي ويا ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. تفصيل موجب ڪالهه صبح جو هٿياربندن قصبه ڪالوني چوڪ تي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن ۾ گلاب، نعيم، شيراز، محمد خان ۽ هڪ نامعلوم شامل آهن، جيڪي علي ڳڙهه ڪالوني جا رهواسي ٻڌايا پيا وڃن. زخمن جا سور نه سهندي نامعلوم نوجوان عباسي شهيد اسپتال ۾ مري ويو، جڏهن ته اورنگي ٽائون ۾ حضرت علي ولد ميان يار خان گوليون لڳڻ سبب قتل ٿي ويو، اجمير نگري ٿاڻي جي حد ۾ سنگين خان ولد منيا الدين تيموريه ۾ 30 سالن جو نامعلوم نوجوان شاهنواز ڀٽو ڪالوني ۾ جلال الدين ولد اجمير کي قتل ڪيو ويو، جن جا لاش عباسي شهيد اسپتال پهچايا ويا. ٻئي طرف نشترپارڪ وٽان 28 سالن جي ناصر، ريلوي پاڪستان وٽ اختر گل، ميمڻ مسجد ايم اي جناح روڊ تي 48 سالن جي نامعلوم شخص جو لاش هٿ آيو آهي، جن کي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو ويو ۽ انهن جا لاش سول اسپتال پهچايا ويا، جڏهن ته ڪورنگي ڪراسنگ وٽ امان الله خان کان نالو پڇي پختون هجڻ جي تصديق ڪرڻ کانپوءِ کيس گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، جنهن جو لاش جناح اسپتال پهچايو ويو. ٻئي طرف قطر اسپتال ۾ سمي، لياقت آباد ۾ عبدالغفار ولد جمع خان، نارٿ ناظم آباد بلاڪ اي ۾ بابر شاهه ولد صابر شاهه، اورنگي ٽائون ۾ نجيب ولد شير دل، ملير ڪالا پل وٽ ممتاز ولد رحمان کي قتل ڪيو ويو آهي. بادل ولد صابر جو لاش ايڌي هوم جي سرد خاني ۾ رکيو ويو آهي. ٻئي طرف قطر اسپتال وٽ افتخار ولد اعظم کي قتل ڪيو ويو. ٻئي طرف بنارس چورنگي وٽ قطر اسپتال جي ڊاڪٽر جي وين تي اڻڄاتل هٿياربندن حملو ڪري ڊاڪٽر خليق کي گولي هڻي شديد زخمي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڊاڪٽر شبلي، ڊاڪٽر نوشاد، ڊاڪٽر نعيم، ڊاڪٽر تجمل، پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي اڪرم تاج ۽ وين ڊرائيور نواز کي شديد زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ ڊاڪٽر خليق ۽ ڊاڪٽر شبلي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جن کي قطر اسپتال ۾ علاج لاءِ داخل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن شهر جي مختلف علائقن ۾ نسيم، ياسر، منير، نياز، حنيف، عقيل، صفدر، نبي شاهه، گلستان، ايوب، رحيم تاج، نور امين، منير، عنايت رحمان، صدر، گل بائي، عزت خان، خستا گل، رحمان، انور فراز، شهزاد، ولي، عمران، شهزاد، خان، منظور، گل فقير، قادر، عنايت، عثمان، يوسف، قاسم ۽ شير احمد فائرنگ سبب زخمي ٿي پيا آهن، جن کي عباسي شهيد، سول، جناح، قطر ۽ ٻين اسپتالن ۾ علاج لاءِ منتقل ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف اورنگي ٽائون، ملير، سعود آباد، قائد آباد، ڪورنگي ڪراسنگ، بلديا، پاڪ ڪالوني، ميٽرول، ناظم آباد، شاهنواز ڀٽو ڪالوني، اجمير ننگري سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ فائرنگ جاري رهي ۽ وڳوڙين سرعام فائرنگ ڪري 18 ڄڻن کي قتل ۽ 50 کان وڌيڪ کي زخمي ڪري ڇڏيو. هوڏانهن اڻڄاتل هٿياربند هيڊ ڪانسٽيبل محمد فاروق کي گوليون هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو، جڏهن ته منگهوپير، بلوچ ڳوٺ وٽ نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري نعيم، ڀلو خان، شهزاد ۽ هڪ نامعلوم نوجوان کي زخمي ڪري وڌو، جن کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن سني تحريڪ جي ڪارڪن فيصل، شاهه فيصل ڪالوني جي گارڊ رسول بخش، ماڊل ڪالوني ۾ عبداللطيف کي قتل ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف ال آصف اسڪوائر سهراب ڳوٺ ۾ 35 سالن جو ريحان ۽ 24 سالن جو نامعلوم مارجي ويا ۽ گلستان جوهر ۾ رسول خان کي قتل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن سنڌ جي گهرو وزارت ڪراچي ۾ ٽن ڏينهن لاءِ ڊبل سواري تي پابندي هڻي ڇڏي آهي. اهڙي پڌرائي رات دير سان جاري ڪئي وئي، جڏهن ته ڪراچي ۾ موجود رينجرز اهلڪارن کي ريڊ الرٽ ڪيو ويو آهي. رينجرز جي ترجمان چيو آهي ته رينجرز جو گشت وڌايو ويو آهي ۽ ان جا اهلڪار سڄي شهر ۾ الرٽ آهن ۽ امن امان جي صورتحال خراب ڪندڙن سان سختي سان منهن ڏنو ويندو.

نيو ڪراچي ۾ وڳوڙين پختونن جي ٽمبر مارڪيٽ کي باهه ڏئي ڇڏي، ڪيترائي دڪان خاڪ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي نيو ڪراچي ۾ اڻڄاتل شرپسندن پختونن جي ٽمبر مارڪيٽ ۾ باهه لڳائي ڇڏي. جنهن جي نتيجي ۾ سڄي ٽمبر مارڪيٽ سڙي رک ٿي وئي. وڳوڙن فائرنگ سبب فائر برگيڊ جون گاڏيون موقعي واري جاءِ تي دير پهتيون جنهن جي ڪري باهه لکين رپين جي ڪاٽ کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو. فائر برگيڊ جي عملي موجب اسان جون گاڏيون پوليس جي حفاظت ۾ وينديون آهن پوليس جي مدد نه هجڻ سبب گاڏيون باهه واري جاءِ تي وقت سر نه پهچي سگهيون. عملي ٻڌايو ته فائر برگيڊ جي 12 گاڏين وڏي جدوجهد سان باهه تي ضابطو آندو. پوليس موجب صبح جو ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار هٿياربندن ٽمبر مارڪيٽ پهتا ۽ انهن پهريان فائرنگ ڪئي ۽ بعد ۾ ٽمبر مارڪيٽ ۾ رکيل ڪاٺ کي باهه ڏني. جيڪا ڏسندي ڏسندي آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳي ۽ باهه ٽمبر مارڪيٽ جي سمورن دڪانن پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو. تيز باهه هجڻ سبب ان کي وسائڻ ۾ دير ٿي جنهن جي ڪري مارڪيٽ ۾ رکيل سمورو ڪاٺ سڙي رک ٿي ويو آهي. هوڏانهن قائدآباد بابر مارڪيٽ ۾ پڻ 2 دڪانن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو آهي.

ڪراچيءَ ۾ 24 ڪلاڪن دوران 16 ماڻهو قتل ٿيا آهنِ  : سي سي پي او

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ڪيپٽل پوليس جي سربراهه وسيم احمد چيو آهي ته آچر ڏينهن ڪراچي شهر ۾ 3 ماڻهو قتل ٿيا آهن ۽ 24 ڪلاڪن ۾ 61 ماڻهو قتل ٿيا آهن. ميڊيا کي اپيل ٿو ڪريان ته اها تصديق ڪرڻ کانسواءِ  خبرون نه هلائي. هن چيو ته پوليس ڪراچي شهر مان 100 کان وڌيڪ وڳوڙين کي گرفتار ڪيا آهن. پوليس ۽ رينجرز وڳوڙي علائقن ۾ گشت ڪري رهي آهي. حالتون بهتر ٿي رهيون آهن. هن چيو ته ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏينداسين هن چيو ته بلديا، اورنگي ٽائون، شاهنواز ڪالوني ۽ ٻين علائقن ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي جنهن تي پوليس مڪمل طور تي ڪنٽرول ڪري ورتو آهي.

گورنر ڪراچي جي صورتحال جو نوٽيس ورتو، شهرين کي پرامن رهڻ جي اپيل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد ڪراچي ۾ ٿيل وڳوڙن جو نوٽيس وٺندي پوليس ۽ رينجرز کي هدايت ڪئي آهي ته اهي شهر ۾ وڳوڙن تي ضابطو آڻين. ٻنهي ڄڻن وڳوڙن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ڪجهه سازشي ڌريون نه ٿيون چاهين ته ملڪ ترقي ڪري ۽ اهي ملڪ ۾ جمهوريت کي برداشت نٿاڪن تنهن ڪري اهي اهڙين ڪريل حرڪتن تي لهي آيا آهن. هنن چيو ته ڪراچي ملڪ جو معاشي حب آهي ۽ هن شهر جون حالتون خراب ٿيڻ سان سجھي ملڪ جون حالتون متاثر ٿين ٿيون ڇاڪاڻ ته ڪراچي ملڪ جي ترقي ۽ معشيت جي مکيه دروازو آهي. هن شهرين کي وڳوڙين تي ڪرڙي اک رکڻ ۽ کين پرامن رهڻ جي اپيل ڪئي آهي ۽ فورسز وڳوڙين خلاف سخت ڪارروائي جو حڪم ڏنو.

عوام ۽ پارٽي ڪارڪن صبر ڪن ۽ دهشتگردن تي نظر رکن: ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر): متحده قومي موومينٽ ۽ اي اين پي پنهنجي گڏيل پڌرنامي ۾ عوام ۽ پنهنجي پارٽي ڪارڪنن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي صبر کان ڪم وٺن ۽ دهشتگردن ۽ سازشي عناصرن تي ڪڙي نظر رکن. ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ اي اين پي سنڌ جي صدر شاهي سيد جي گڏيل بيان ۾ ٻنهي ڌرين پارٽي ڪارڪنن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي هڪ ٻئي سان سهڪار ڪن ۽ هڪ ٻئي جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪن. ٻنهي ڌرين ڪراچي ۾ جاري دهشتگرد ڪاررواين جي مذمت ڪندي انهن ڪاررواين کي مڪمل دشمن قرار ڏنو آهي. هنن چيو ته سياسي عناصر پ پ ، اي اين پي ۽ ايم ڪيو ايم جي اتحاد کان گهٻرائجي بزدلاڻيون ڪارروايون ڪري رهي آهي. هنن چيو ته ڪراچي ۾ رهندڙ عوام اهڙن سازشن ۾ هرگز نه ايندو ۽ انهن سازش کي ناڪام بڻائي ڪراچي کي ٻيهر امن جو شهر بڻائڻ حڪومت جي مدد ڪندو.

طالبانائيزيشن جي آڙ ۾ هٿيار گڏ ڪرڻ جي صلاح نه ڏني وڃي: شازيه مري

اسلام آباد  (اي پي پي) سنڌ صوبي جي اطلاعات واري وزير شازيه مري چيو آهي ته ڪراچي وڳوڙ هٿ وٺي ڪرايا پيا وڃن. طالبانائيزيشن جو ڍنڍورو پٽيندڙ ماڻهن کي اسلحو گڏ ڪرڻ جي صلاح نه ڏين، پاڪستان پيپلزپارٽي ڪڏهن به ورڪرن کي هٿيار گڏ ڪرڻ جي صلاح نه ڏني آهي، اسلحو گڏ ڪرڻ جي صلاح ڏيندڙن کي تشدد کي هٿي نه ڏيڻ جي حوالي سان ڳالهايو آهي، مفاهمت جو مطلب اهو نه آهي ته روڊن تي رت وهندو رهي اسين ڏسندا رهون، ڪراچي واقعن ۾ معصوم ماڻهو مارجي ويا آهن، پوليس لاءِ شرپسند سڃاڻڻ مسئلو آهي، گولي جي آرڊر سان وڳوڙن کي روڪي نه ٿو سگهجي، ان سان ڪيترائي ماڻهو مارجي ويندا. شرپسندن کي سمجهائڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين، طالبانائيزيشن جو ڪٿي به ثبوت نه مليو آهي، پوليس لاءِ ڏوهاري جي نشاندهي ڪرڻ مشڪل ڪم آهي، ڪراچي واقعن جو ذميوار ڀارت کي قرار نه ٿا ڏئي سگهون. ڪالهه اي پي پي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ۾ شازيه مري چيو آهي ته حڪومت ۾ ويهي اسلحو گڏ ڪرڻ جي ڳالهه غلط آهي ۽ ان سان تشدد کي هٿي وٺرائي امن خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

ڪراچي: وڳوڙن تي ضابطو آڻڻ لاءِ رينجرز کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي: ترجمان رينجرز

ڪراچي: ڪراچي ۾ وڳوڙن کي روڪڻ لاءِ رينجرز کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي. رينجرز جي ترجمان چيو آهي ته شهر جو امن تباهه ڪندڙ شرپسندن سان سختي سان منهن ڏنو ويندو. هن چيو ته وڳوڙي علائقن ۾ رينجرز جو تعداد وڌايو ويو آهي ۽ ان جي گشت ۾ پڻ اضافو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته رينجرز پوليس جي مدد ڪري رهي اهي ۽ اها حساس علائقن ۾ مقرر ڪئي وئي آهي. جيڪا وڳوڙين تي ڪرڙي نظر رکي رهي آهي.