|
لاهور (م ڊ) پاڪستان جي انڊس واٽر ڪمشنر جماعت علي شاهه چيو
آهي ته هندستان سنڌ طاس ٺاهه جي ڀڃڪڙي ڪري چناب درياهه جو پاڻي
روڪيو آهي،
جنهن سبب پاڪستان کي ڪاپاري نقصان پهتو آهي، اهڙو اظهار هن
ڪالهه هندستاني واٽر ڪمشنر جي اورنگا ناٿن سان پاڪستان جي دوري
دوران هيڊ مرالا وٽ ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو،
هن چيو ته هندستاني ذميواريءَ جو مظاهرو ڪندي پاڪستان کي پاڻي
فراهم ڪري، هن چيو ته اسان هندستان سان پاڻي روڪڻ جي معاملي تي
احتجاج ڪيو اهي، ان موقعي تي هندستاني واٽر ڪمشنر جي اورنگا
ناٿن ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ کانسواءِ ئي هلي ويو، ان کان
اڳ هن لاهور پهچڻ تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سندس دورو
معمول وارو آهي.هن چيو ته ٻنهي ملڪن کي هڪٻئي جا مسئلا سمجهڻ
گهرجن، هن چيو ته پاڪستان جو پاڻي روڪڻ جو ازالو ڪرڻ جو سوال
ئي پيدا نه ٿو ٿئي، ڪميشن ان صورتحال جو جائزو وٺندي ان کان
پوءِ ئي ڪو فيصلو ڪيو ويندو، دوري دوران هيڊمرالا تي ٻنهي ملڪن
جي انڊس واٽر ڪمشنرز بند ڪمري ۾ ملاقات ڪري معاملن تي ڳالهه
ٻولهه ڪئي. |