هندستان ثبوت ملڻ تي پاڪستان اندر دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي حملا ڪري سگهي ٿو: آمريڪا

نيويارڪ (عوامي آواز  نيوز) آمريڪا جي وڏي اخبار نيويارڪ ٽائمز ڪجهه آمريڪي عملدارن حوالي سان بيان جاري ڪيو آهي ته هندستان ممبئي حملن جي منصوبابندي پاڪستان اندر ٿيڻ جا ثبوت ملڻ تي پاڪستان اندر دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي حملا ڪري سگهي ٿو. اڃاتائين ممبئي حملن جي رٿابندي پاڪستان ۾ ٿيڻ جا واضح ثبوت ناهن مليا. وڌيڪ لشڪر طيبه جي ملوث هجڻ جا ثبوت ملي سگهن ٿا. عملدارن موجب جيش محمد ۽ لشڪر طيبه ڏانهن اشارو ڪيو پيو وڃي. پاڪستان خلاف ثبوت ملڻ تي ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ وڌي ويندي. هندستاني فوج چڙ ڏياريندڙ رد عمل ظاهر ڪري سگهي ٿي. لشڪر طيبه وٽ ميري ٽائم صلاحيت موجود هجڻ جا ثبوت آهن. اهڙا حملا اهي آساني سان ڪري سگهن ٿا ڪجهه وقت اڳ جيش محمد ۽ لشڪر طيبه جي ڪردار طرف اشارو ڪندڙ ثبوت مليا هئا.