|
لاڙڪاڻو (رپورٽ: نويدلاڙڪ) ايڪسپورٽرن چانورن جو اگهه گهٽائي
740 روپيه مڻ ڪري ڇڏيو، رائيس ملن جي واپارين بحران جو ذميوار
پاسڪو کي قرار ڏيندي اڄ کان احتجاجن سنڌ ۽ بلوچستان جون
سموريون رائيس ملون بند ڪري هڙتال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، سنڌ -
بلوچستان رائيس ملرس اينڊ ٽريڊرس ايسوسئيشن جو هڪ هنگامي اجلاس
ڪالهه شام لاڙڪاڻي ۾ مرڪزي آفيس ۾ سڏايو ويو. اجلاس ۾ فيصلو
ڪيو ويو آهي ته چانورن جو اگهه گهٽجڻ ڪري رائيس ملن جا واپاري
آبادگارن کان مناسب اگهه تي سارين جي خريداري نه ڪري سگهندا
تنهن ڪري اڄ سومر ڏينهن کان احتجاجن سنڌ ۽ بلوچستان جي 900
رائيس ملن جا واپاري سارين جي خريداري بند ڪري هڙتال شروع ڪري
ڇڏيندا. صحافين سان ڳالهائيندي سنڌ - بلوچستان رائيس ملرس
ايسوسيئشن جي مرڪزي صدر عارف حسين مهيسر ٻڌايو ته ڪراچي ۾ هن
وقت ڪم ڪندڙ فقط ٻن ايڪسپورٽرن ملي ڀڳت ڪري ايري - 6 چانورن جو
اگهه گهٽائي 740 روپيا مڻ ڪري ڇڏيو آهي ۽ چانورن جي موجوده
اگهه موجب اسان کي سارين جو مڻ 4 روپين يا 425 روپين تائين
خريد ڪرڻو پوندو جڏهن ته اهڙي حالت ۾ آبادگار ۽ هاري روڊن تي
نڪري ايندا ۽ اسان جي مٿان گهٽ اگهه تي خريداري ڪرڻ جي صورت ۾
مختلف الزام لڳايا ويندا تنهن ڪري پاڻ سموري صورتحال کي واضع
ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته هن صورتحال ۾ بهتر آهي ته اسان رائيس
ملون بند ڪري گهر ويهي رهون. هن چيو ته هن بحران جا ذميوار
پاسڪو وارا آهن. هنن هن وقت تائين معاهدي وارين رائيس ملن تان
سارين جي مناسب نموني نه خريداري ڪئي آهي ۽ نه ئي واپارين کان
چانورن جو ڪو مڻ به خريد ڪيو آهي. وڏي حيرت اها آهي ته پاسڪو
سان رائيس ملن جي معاهدي واري پني تي واپارين جي صحيح ته آهي
پر پاسڪو جي ڪنهن به عملدار جي صحيح ڪو نه ٿيل آهي تنهن ڪري
پاسڪو سان معاهدو ڪندڙ رائيس ملن وارا به ٻڏتر جو شڪار آهن. هن
چيو ته جيتوڻيڪ پاسڪو وارا سنڌ اندر 50 سينٽر کولڻ جي دعويٰ
ڪري رهيا آهن پر پاسڪو سان معاهدن وارين ملن جو انگ فقط 10 آهي.
اسان انهن رائيس ملن کي به ٻن ڏينهن جي مهلت ڏني آهي ته انهن
پاسڪو وارن سان گڏجي جيڪي ساريون خريد ڪيون آهن انهن جي ڇڙائي
ڪري چانور پاسڪو حوالي ڪن ۽ پوءِ هو به اسان جي هڙتال ۾ شامل
ٿي وڃن. هن چيو ته ايڪسپورٽرن ان ڪري اگهه گهٽايا آهن ته سندن
خيال موجب جڏهن پاسڪو چانورن جي خريداري ڪري رهي آهي ته پوءِ
هو ڇو عام واپارين کان مهانگي اگهه تي چانور خريد ڪن؟ هو پاسڪو
کان آڪشن ذريعي گهٽ اگهه تي چانور خريد ڪندا، ڇاڪاڻ ته پاسڪو
وارا پاڻ چانورن جي ايڪسپورٽ نه ڪندا آهن. هن چيو ته جڏهن
پاسڪو وارا مخصوص رائيس ملن سان معاهدن وارو چڪر ختم ڪري سڀني
رائيس ملن تان سرڪاري اگهه 1200 روپين کان 1400 روپين ۾ چانورن
جي خريداري ڪندا تڏهن اسان رائيس ملون کولي سارين جو مڻ سرڪاري
اگهه 700 روپين ۾ خريد ڪنداسون. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي سنڌ
آبادگار بورڊ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر گدا حسين مهيسر سخت
ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته آبادگار اڳ ئي مختلف بحرانن سبب
پريشان هئا هاڻ رائيس ملن جي واپارين جي هڙتال سبب هو بلڪل
پورا ٿي ويندا. هن چيو ته رائيس ملن جي واپارين جو موقف ڪنهن
حد تائين درست آهي، ڀلا ڪاروبار ڪندڙ پاڻ کي نقصان ۾ ڇو وجهندا؟
هن چيو ته حڪومت آبادگارن ۽ هارين کي اگهن جي صورت ۾ رليف ڏيڻ
وارو ڪم اڌورو ڪيو آهي. پاسڪو معرفت پهريان سارين جي خريداري ۽
پوءِ چانورن جي خريداري واري پاليسي سبب آبادگار ۽ واپاري ٻئي
ڏچي ۾ اچي ويا آهن. پاسڪو وارن طرفان رائيس ملن جي واپارين جي
رهنمائي نه ڪئي وئي آهي ۽ انهن کي خريداري لاءِ ڪا رقم به نه
ملي سگهي آهي تنهن ڪري واپاري بددل ٿي ويا آهن. هن چيو ته سنڌ
۽ بلوچستان اندر اڃا 25 سيڪڙو ساريون رائيس ملن تي پهتيون هيون
جڏهن ته 75 سيڪڙو ساريون اڃا آبادگارن ۽ هارين وٽ ديرن تي پيل
آهن. ان حالت ۾ ڪارخانه بند ٿيڻ ڪري آبادگارن ۽ هارين کي ته
سڌو سنئون ڌڪ لڳندو پر حڪومت کي به چانورن جي ايڪسپورٽ رڪجڻ
ڪري ٻاهريون ناڻو نه ملي سگهندو. جڏهن ته "وڌيڪ ڪڻڪ اپايو مهم"
به ناڪام ٿي ويندي. تنهن ڪري هن بحران کي ٽارڻ لاءِ حڪومت کي
تڪڙي مداخلت ڪرڻ گهرجي ۽ جلد واپارين، ايڪسپورٽرن ۽ آبادگار
اڳواڻن جي گڏجاڻي سڏائي سڀني جا ڏک سور معلوم ڪيا وڃن ۽ اهم
توڙي وقتائتا قدم کنيا وڃن. |