”ڪراچي ۾ ڏوهارين کي چٿڻ ۾ رعايت نه ڪيو“: وڏي وزير جون قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايتون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزيراعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه ڪراچي ۾ ٿيندڙ واقعن جو سختي سان نوٽيس وٺندي تمام گهڻي افسوس، ڏک ۽ متاثر خاندانن سان دلي همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعليٰ سنڌ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي زور ڏنو آهي ته شرپسند عناصرن تي سختيءَ سان نظر رکي وڃي ۽ اهڙن ڏوهارين کي چٿڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ورتيون وڃڻ ۽ ان ڏس ۾ ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، جڏهن ته عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن. وزيراعليٰ سنڌ چيو ته موجوده حڪومت جي اچڻ بعد ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي هئي، جڏهن ته امن دشمن ڏوهاري پنهنجي ناپاڪ ارادن جي پورائي لاءِ ڪراچي کي پنهنجي حوس جو نشانو بڻائڻ چاهين ٿا ۽ کانئن شهر جي پرامن فضا برداشت نٿي ٿئي ۽ هو ان لاءِ انسانيت وارا قدر ۽ اخلاقي ذميداريون پڻ وساري چڪا آهن. هن چيو ته ڪراچي جي صورتحال خراب آهي. هن ڪراچيءَ جي عوام کي پرزور اپيل ڪئي ته هو پنهنجي تاريخي اتحاد ۽ يڪجهتي کي برقرار رکندي ۽ مني پاڪستان جي خلاف سازشون ڪندڙ عنصرن جي ارادن کي پنهنجي اتحاد جي ذريعي ناڪام بڻائين. سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم  علي شاهه چيو آهي ته متحده، عوامي نيشنل پارٽي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان اجلاس ۾ جنهن يڪجهتي ۽ اتحاد جو مظاهرو ۽ گڏيل پريس ڪانفرنس ذريعي عوام کي پرامن رهڻ ۽ هڪٻئي سان گڏ ڀائيچاري واري صورتحال پيدا ڪرڻ جو اعلان ۽ اپيل ڪئي وئي اهو بهتر قدم آهي.