بنون ۽ باجوڙ ۾ ويڙهه، 6 اهلڪار ۽ 61 ويڙهاڪ مارجي ويا, ميران شاهه ۾چيڪ پوسٽ تي حملو ، 6 اهلڪار حياتون وڃائي ويٺا، 12 زخمي

بنون/باجوڙ(م ڊ): بنون ۽ باجوڙ ۾ ويڙهاڪن جي ٿاڪن تي بمباري ۽ هٿياربندن جي حملن ۾ 6 سيڪيورٽي اهلڪار ۽ 61 ويڙهاڪ مارجي ويا آهن. بنون ۾ ميران شاهه روڊ تي باران پل تي سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو ويو جنهن ۾ 6 اهلڪار مارجي ويا. جڏهن ته جوابي ڪارروائي ۾ 8 ويڙهاڪ به حياتيون وڃائي ويٺا. هوڏانهن بنون جي علائقي آزاد منڊي ۾ ويڙهاڪن جي 12 گهرن کي بلڊوز ڪري ڇڏيو آهي ٻئي طرف بنون ۾ سيڪيورٽي فورسز کي ويڙهاڪن کي ڏسندي ئي گولي هڻڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. بنون جي ڊي آءِ جي خان آفريدي چيو ته بنون ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿيندي پئي وڃي. جنهن کان پوءِ اهڙو آرڊر ڏنو ويو آهي.باجوڙ ايجنسي جي علائقي ماموند ۾ جيٽ جهازن ويڙهاڪن جي ٿاڪن تي بمباري ڪئي جنهن ۾ 8 ويڙهاڪ مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. بمباري سان ويڙهاڪن جا 6 ٿاڪ به تباهه ٿي ويا.