18 اتوار , نومبر 2018

پشاور ۾ ٻن عورت ايم پي ايز جو چالان

پشاور (ويب ڊيسڪ) ڪي پي پوليس قانون جي ڀڃڪڙي تي ٻن عورت اسيمبلي ميمبرز جي گاڏي جو چالان ڪري ڇڏيو. پشاور ۾ رنگ روڊ تي ڊيوٽي ڏيندڙ ٽريفڪ پوليس اهلڪارن قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ هڪ گاڏي کي روڪيو، جنهن ۾ ٻه صوبائي اسيمبلي ميمبرز به موجود هيون. پوليس موجب گاڏي …

تفصيل »

ڪوئيٽا ۾ اڳوڻو ڊي آءِ جي پوليس گوليون هڻي قتل

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا جي علائقي اسٽنٽ جونيئر ڪالوني ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ اڳوڻو ڊي آءِ جي پوليس محمد نعيم ڪاڪڙ مارجي ويو. پوليس موجب نعيم ڪاڪڙ سومهڻي جي نماز پڙهي گهر وڃي رهيو هو ته اڻڄاتل موٽر سائيڪل سوارن مٿس فائرنگ ڪئي ۽ فرار ٿي ويا. زخمي کي …

تفصيل »

ريلوي زمين جي انچ انچ تان قبضو ختم ڪرائينداسين: شيخ رشيد

لاهور (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ريلوي ۾ ڪرپشن خلاف نيب کي درخواستون ڏينداسين ۽ کاتي جي هڪ هڪ انچ زمين تان قبضو ختم ڪرايو ويندو. ريلوي هيڊ ڪوارٽرز لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته رائل پام ۽ شاليمار جو ڪيس …

تفصيل »

قبضا مافيا طرفان اڳوڻي چيف جسٽس جي گهرواري کي قيد ۾ رکڻ جو انڪشاف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي چيف جسٽس جسٽس رٽائرڊ سعيد الزمان جي گهرواري کي هٿياربندن طرفان قيد ۾ رکڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. سعيد الزمان صديقي جي پٽ مري جي ٿاڻي تريٽ ۾ جمع ڪرايل درخواست ۾ چيو آهي ته سندس ماءُ کي قبضا مافيا قيد ۾ رکيو. درخواستگذار موقف …

تفصيل »

حڪومت توهين رسالت قانون ۾ ڪنهن به قسم جي ترميم جو ارادو نٿي رکي: صدر عارف علوي

لاهور (ويب ڊيسڪ) صدر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت توهين رسالت جي قانون ۾ ڪنهن به قسم جي ترميم جو ارادو نٿي رکي. ڊاڪٽر عارف علوي سان گورنر هائوس ۾ عالمن ملاقات ڪئي، جنهن دوران ڳالهائيندي صدر چيو ته اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جي ڪا تجويز غور هيٺ ناهي، …

تفصيل »

شاهه محمود قريشي جي دبئي ۾ پنهنجي هم منصب سان ملاقات

دبئي (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي دبئي ۾ پنهنجي هم منصب شيخ عبدالله بن زيد النهيان سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي ۽ سهڪار سميت خطي جي صورتحال تي خيالن تي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي ترجمان ڊاڪٽر فيصل ٽوئيٽر تي ٻڌايو ته شاهه محمود قريشي جي …

تفصيل »

اورنج لائن ٽرين منصوبو: 10 ڏينهن ۾ پئسن جي ادائيگي جو فيصلو ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي: چيف جسٽس

لاهور (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس ثاقب نثار اورنج لائن ٽرين سميت ميگا منصوبن بابت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته 10 ڏينهن ۾ پئسن جي ادائيگي جو فيصلو ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ اورنج …

تفصيل »

پاڪستان جا 35 سياستدان دبئي ۾ ملڪيتن جا مالڪ نڪتا

لاهور (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي طرفان سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائي وئي آهي، جنهن موجب دبئي ۾ ملڪيتون رکندڙ 895 پاڪستانين ۾ 35 سياستدان به شامل اهن. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ دبئي ۾ پاڪستانين جي ملڪيتن واري معاملي جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ ايف آءِ اي عبوري …

تفصيل »

جي آءِ ٽي طرفان طاهر داوڙ قتل ڪيس جي نئين سر جاچ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايس پي طاهر داوڙ قتل ڪيس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي قتل جي نئين سر جاچ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب ايس پي انويسٽيگيشن گلفام ناصر جي سربراهي ۾ طاهر داوڙ قتل ڪيس جي جاچ لاءِ قائم 7 رڪني گڏيل جاچ ٽيم جو پهريون …

تفصيل »

ايف بي آر جو دير سان گوشوارا جمع ڪرائيندڙن خلاف ڪارروائي جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) دير سان گوشوارا جمع ڪرائيندڙن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب گذريل ٽن سالن دوران دير سان گوشوارا جمع ڪرائيندڙ لکين ٽيڪس گذارن کي ڏنڊ جا نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، ٽيڪس قابل پگهار وٺندڙن کي آڊٽ کان …

تفصيل »

اعظم سواتي معاملو: جي آءِ ٽي جاچ رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)  اعظم سواتي معاملي تي قائم جي آءِ ٽي جاچ مڪمل ڪري رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي. گڏيل جاچ ٽيم سڀني رُخن کي نظر ۾ رکندي جاچ مڪمل ڪري رپورٽ تيار ڪئي، جنهن تي جي آءِ ٽي ميمبرن جون صحيحون موجود آهن. ذريعن موجب جي …

تفصيل »

عمران خان يوٽرن واري بيان تي به يوٽرن وٺندو: خواجه آصف

khawaja asif

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجه آصف چيو آهي ته وزيراعظم يوٽرن واري بيان تي به يوٽرن وٺندو. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي اڳوڻي پرڏيهي وزير خواجه آصف وزيراعظم عمران خان جي ڪالهه ڏنل يوٽرن واري بيان تي ردعمل ڏيندي چيو …

تفصيل »

وزيراعظم کانپوءِ صدر عارف علويءَ به ”يوٽرن“ وٺڻ جو اعتراف ڪري ورتو

After the President, President Arif Alvi will also be "confessed to take a chance."

لاهور (ويب ڊيسڪ ) صدر پاڪستان ڊاڪٽر عارف علوي به يوٽرن وٺڻ جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته فيصلا حالتن موجب ڪيا ويندا آهن. لاهور ۾ گهرواري سان گڏ مقامي شاپنگ مال آمد جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر مملڪت چيو ته مان زندگي ۾ ڪيئي ڀيرا يوٽرن ورتو …

تفصيل »

جعلي بئنڪ اڪائونٽ ڪيس: انور مجيد، عبدالغني ۽ حسين لوائي کي اسلام آباد منتقل ڪرڻ جو حڪم

Money laundering case: SC orders Anwar Majeed, son and Lawai be shifted to Islamabad

لاهور (ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ڪورٽ جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ ملوث انور مجيد، عبدالغني ۽ حسين لوائي کي اسلام آباد منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت جوابدارن انور مجيد، عبدالغني مجيد ۽ حسين لوائي کي …

تفصيل »

نيب ڊاڪٽر مجاهد ڪامران جي الزامن جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو نيب اڳوڻي پنجاب يونيورسٽي جي وائس چانسلر ڊاڪٽر مجاهد ڪامران جي هڪ خانگي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ نيب تي لڳايل بي بنياد الزامن جي سختي سان ترديد ڪندي چيو آهي ته سندس خلاف ڪيس عدالت ۾ آهي، هو ان ڪيس ۾ ضمانت …

تفصيل »