دي ڊارڪ نائيٽ کي آمريڪا ۽ ڪئنيڊا  ۾ ڀرپور موٽ

نيويارڪ (شوبز نيوز): اُتر امريڪا جي باڪس آفيس تي . بيٽ مين فيم ۽ هالي ووڊ جي نامياري اداڪار ڪرسچن بيل ۽ هِيٿ ليجَر جي فلم ”دِي ڊارڪ نائيٽ“ کي شاندار موٽ ملي آهي ۽ فلم پنهنجي رليز کان هن وقت تائين امريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ هڪ سئو اٺونجاهه ملين ڊالرز جو بزنس ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو ادارن جو چوڻ آهي ته ”دِي ڊارڪ نائيٽ“ کي آسٽريليا سميت دُنيا جي ٻين مُلڪن جي مارڪيٽن ۾ پڻ ايڪيڪتاليهه ملين ڊالرز جو بزنس ڪيو آهي. فلم هن هفتي برطانيه ۽ اٽليءَ جي سينيما گهرن تي پڻ رليز لاءِ پيش ڪئي ويندي.