|
مممبئي (شوبز نيوز): بالي ووڊ جي نئين رليز ٿيل فلم ”جاني تُو يا جاني نا“ جي
شاندار ڪاميابي بعد فلم ۾ مُک ڪردار ادا ڪندڙ عمران خان کي سندس مامي ۽ بالي
ووڊ جي ورسٽائل اداڪار عامر خان اڇي رنگ جي هڪ بي ايم ڊبليو ڪار تحفي طور پيش
ڪئي آهي. بالي ووڊ جي حلقن جو چوڻ آهي ته عمران خان ڪارُن جو تمام وڏو شوقين
آهي ۽ کيس مامي سندس شوق کي نظر ۾ رکي ڪار سوکڙي طور ڏني آهي. جديد ماڊل جي اُن
بي ايم ڊبليو ڪار جي قيمت پنجاهه لک رُپيا ٻُڌائي وڃي ٿي.واضح رهي ته فلم ”جاني
تُو يا جني نا“ جي هيرو عمران خان ڪُجهه ڏينهن اڳ هڪ انٽرويو ۾ اهو چيو هو ته
فلم ۾ ڪم ڪرڻ تي کيس مامي عامر خان ڪو به معاوضو وغيره نه ڏنو آهي. |