|
ممبئي (شوبز نيوز): بالي ووڊ جي نامياري اداڪاره ڪترينا ڪيف جي فلمن جي ڪاميابي
جو ڪارڻ بالي ووڊ جي حلقن سندس ساٿي اداڪارن کي قرار ڏنو آهي. بالي ووڊ جي حلقن
جو چوڻ آهي ته ڪترينا فلمن ۾ اداڪاريءَ جا خاص جوهر نه ڏيکاريا آهن ۽ سندس فلمن
جي ڪاميابي پُٺيان سندس فلمن ۾ ڪم ڪندڙ ساٿي اداڪارن جو وڏو ڪردار آهي ۽ اُنهن
جي ڪمرشل ڪاميابي سبب ڪترينا جي فلمن کي ڪاميابي نصيب ٿي آهي.ميڊيا سان
ڳالهائيندي ڪترينا ڪيف اهڙي تاثر کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته اُن ۾ ڪو شڪ
ناهي ته فلمن جي ڪاميابي پُٺيان ايڪشن ۽ ڪاميڊي ايڪٽنگ جو وڏو هٿ هوندو آهي ته
فلمن جا مداح رومانوي ڪردارن کي به پسند ڪندا آهن ۽ کيس رومانوي ڪردارن سبب
ڪاميابي ملي آهي. ڪترينا ڪيف اُميد ظاهر ڪئي آهي ته سندس ٻن فلمن نمستي لنڊن ۽
ويلڪم کانپوءِ هاڻي سندس ٽين فلم سنگهه از ڪنگ به باڪس آفيس تي شاندار ڪاميابي
ماڻيندي ۽ هُوءَ ڪامياب فلمن جي هيٽ ٽرڪ ڪندي.ڪترينا جو اهو به چوڻ آهي ته هُن
فلم ”سنگهه از ڪنگ“ پاڻ به ڏٺي آهي ۽ کيس اُها فلم تمام بهترين لڳي آهي ۽ کيس
اُميد آهي ته سندس فلم باڪس آفيس تي سُٺي موٽ ملندي. |