پيرس هلٽن صدارتي اميدوار جان مڪ ڪين تي سخت ناراضگي ظاهر ڪري ڇڏي

نيويارڪ (شوبز نيوز) هالي ووڊ جي اداڪاره پيرس هلٽن آمريڪا جي صدارتي اميدوار مڪ ڪين پاران چونڊ مهم ۾ سندس فوٽو ويب سائيٽ تي استعمال ڪرڻ تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو آهي. ريپبلڪن پارٽي جي صدارتي اميدوار جان مڪ ڪين پنهنجي چونڊ مهم دوران ويب سائيٽ تي پيرس هلٽن  جا فوٽو استعمال ڪيا آهن، جنهن تي هن سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو آهي. پيرس هلٽن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مڪ ڪين پنهنجي اشتهار ۾ سندس تصويرن کي ايئن استعمال ڪيو آهي ڄڻ هوءَ صدارتي چونڊون وڙهندي هجي. پيرس هلٽن مزاحيه انداز ۾ چيو ته جيڪڏهن اهڙي ڳالهه آهي ته هوءَ به آمريڪا کي ليڊ ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ جيڪڏهن هوءَ چونڊجي وئي ته پوءِ وائيٽ هائوس تي پنڪ پينٽ ڪرائيندي. پيرس هلٽن جو چوڻ هو ته هوءَ بارڪ اوباما ۽ مڪ ڪين جي پاليسين کي گڏائي پنهنجي چونڊ مهم لاءِ استعمال ڪندي. سندس چوڻ هو ته هوءَ پنهنجي نائب صدر بابت سوچي رهي آهي ۽ ان لاءِ سنگر ريحانه سٺي اميدوار هوندي. آخر ۾ پيرس هلٽن ميڊيا جي نمائندن کان موڪلائيندي کين چيو ته هاڻي هوءَ کين وائيٽ هائوس ۾ ملندي.