”واٽ هيپنز ان ويگاس“ جو پريميئر شو، ڊياز ۽ ڪوئچر جو شاندار استقبال

ٽوڪيو (شوبز نيوز) ڪيمرون ڊياز ۽ ايشٽون ڪوئچر گذريل ڏينهن پنهنجي نئين فلم ”واٽ هيپنز ان ويگاس“ کي عوامي شهرت ڏيارڻ لاءِ جاپان جي شهر ٽوڪيو ۾ 16 سالن بعد مليا، ان کان اڳ ايشٽون پنهنجي زال ڊيمي مور سان گڏ ٻه سال پهرين به جاپان آيو هو. هالي ووڊ جي اداڪاره ڊيمي مور، ڪيمرون ڊياز، ۽ ايشتون ڪوئچر پنهنجي فلم جي پريميئر لاءِ جاپان پهتا آهن. ان موقعي تي هنن جو شاندار استقبال ڪيو ويو. ريڊ ڪارپيٽ تقريب ۽ آٽو گراف وٺندڙون جون قطارون لڳي ويون.