|
نيويارڪ
(شوبز نيوز) آمريڪا جو مشهور ڳائڻو لنڊسي لوهان ۽ سندس گرل فرينڊ سمانٿا رونسن
هلندڙ سال نومبر مهيني ۾ شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. لنڊسي لوهان ۽
ناليواري پروڊيسر مارڪ رونسن جي ڀيڻ سمانٿا رونسن وچ ۾ گذريل ڪيترن ئي مهينن
کان دوستي آهي ۽ ٻنهي هميشه لاءِ هڪ ٻئي جو جيون ساٿي بڻجڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
شوبز ذريعن جو چوڻ آهي ته لنڊسي لوهان ۽ سمانٿا رونسن جي شادي نومبر ۾ ٿيندي،
جنهن دوران لنڊسي لوهان جو نئون البم اسپرٽ ان دي ڊارڪ به رليز ٿيندو، لنڊسي
لوهان شادي لاءِ اڇي رنگ جي ننڍي ڊريس خريد ڪئي آهي، جڏهن ته سمانٿا رونسن جو
چوڻ آهي ته هوءَ بليڪ سوٽ ۽ مٿي تي ٽوپي پائيندي. |