وڪرم بٽ جي ٿرلر فلم ”1920“ جي شوٽنگ دوران خوفناڪ تجربا ٿيا: ادا شرما

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي نئين اداڪاره ادا شرما چيو آهي ته هدايتڪار وڪرم بٽ جي ٿرلر فلم 1920 جي پراڻي حويلي جي شوٽنگ ۾ شوٽنگ دوران کيس ڪيترائي خوفناڪ تجربا ٿيا. ادا شرما اڄڪلهه پنهنجي فلمي ڪيريئر جي پهرين فلم 1920 ۾ مصروف آهي، سندس چوڻ آهي ته برطانيه جي شهر يارڪ شائرجي پراڻي حويلي ۾ شوٽنگ دوران کيس خوف محسوس ٿيندو هو. هن ٻڌايو ته جنهن حويلي ۾ هو شوٽنگ لاءِ ويا ان بابت اها ڪهاڻي مشهور آهي ته اتي هڪ پيرسن رهندو آهي، جنهن جي زال مري چڪي آهي، پر ان جو روح حويلي ۾ موجود آهي. هن ٻڌايو ته ان حويلي ۾ ڪارن وارن ۽ نيرين اکين واري هڪ عورت جي تصوير ديوار تي لڳل هئي، جنهن جي سامهون بيهي هن پنهنجي تصوير ڪڍائڻ چاهي. ادا شرما ٻڌايو ته حويلي جي سار سنڀال ڪندڙ شخص کين چيو ته ان تصوير سامهون بيهي جيڪا به تصوير ڪڍي ويندي آهي اها خالي هوندي آهي پر هنن ان جي پرواهه نه ڪئي. ادا شرما جو چوڻ هو ته هن تصوير سامهون بيهي جيڪي تصويرون ڪڍرايون پر جڏهن ليپ ٽاپ تي انهن کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهي يا ته ڌنڌليون هيون يا وري انهن تصويرن ۾ ڪجهه به نظر نه اچي رهيو هو، جنهن تي هو خوفزده ٿي وئي.