”بچنا اي حسينو“ جي افتتاحي تقريب، انڊلٺي رنگ نکري پيا

ممبئي (شوبز نيوز) فلم ”بچنا اي حسينون“ جي افتتاحي تقريب ممبئي ۾ ٿي، جتي فلم جي پروڊيوسر ۽ هدايتڪار سان گڏوگڏ سڄي اسٽار ڪاسٽ به موجود هئي. فلم ”بچنا اي حسينون“ جي پروڊيوسر اديتيا چوپڙا ۽ هدايتڪار سڌارٿ آنند آهي ۽ فلم فلم جو ميوزڪ وشال ۽ شيکر ڏنو آهي. فلم جي ڪهاڻي چئن ڪردارن راج، ماهي، راڌيڪا ۽ گائيتري وچ ۾ گهمي ٿي، اهو به چيو پيو وڃي ته راج جي زندگي جي مختلف لمحن ۾ الڳ الڳ ڇوڪرين جو پيار اچي ٿو.