آسڪر ايوارڊ يافته اداڪار مورگن جي طبيعت ۾ سڌارو اچڻ لڳو

نيويارڪ (شوبز نيوز) آمريڪا ۾ حادثي ۾ زخمي ٿيل آسڪر ايوارڊ يافته اداڪار مورگن فري مين جو لاڳيتو ساڍن چئن ڪلاڪن تائين آپريشن ٿيڻ بعد سندس طبيعت بهتر ٻڌائي پئي وڃي. آمريڪا جي چارلسٽن واري علائقي ۾ مورگن فري مين جي ڪار سان حادثو پيش اچڻ سبب سندس کاٻي ٻانهن ڀڄي پئي هئي ۽ سندس جسم جي ٻين حصن تي کيس زخم رسيا هئا. مورگن فري مين جي ڪار سان حادثي بعد هيليڪاپٽر جي مدد سان کيس مقامي اسپتال ۾ پهچايو ويو، جتي ساڍا چار ڪلاڪن تائين سندس سرجري ڪئي وئي. اداڪار ڊونالي جو چوڻ آهي ته مورگن فري مين جي سرجري کانپوءِ سندس طبيعت ۾ بهتري آئي آهي ۽ هن پنهنجي گهر ڀاتين سان پڻ ملاقات ڪئي آهي.