|
س: توهان جي تعليم ڇا آهي؟
ج: مان اڪنامڪس ۾ ماسٽرس ڪئي آهي.
س: توهان پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪيئن ڪئي؟
ج: اهو هڪڙو اتفاق هو ته مان سنڌ ٽي وي تي آيس بهرحال مون کي شروع
کان ئي شوق هوندو هو ته مان نيوز وڃي پڙهان ڊرامن يا شوبز لاءِ
ايترو شوق نه هو. مونکي ننڍي هوندي کان ئي ۽ ڪنهن جي چوڻ تي مان
هتي آيس ۽ مان سليڪٽ ٿي ويس.
س: توهان هتي ڪنهن جي معرفت آيو؟
ج: هڪ ميڪ اپ آرٽسٽ هئي ان جي معرفت مان هتي آئي آهيان.
س: جڏهن توهان آڊيشن ڏيڻ آيو ته توهان ڪيئن پيا محسوس ڪيو؟
ج: ڪو خاص نه بس خوشي هئي مان تمام گهڻي ايڪسائيٽيڊ هئس ته مان
پهريون دفعو ڪئميرا جي اڳيان وڃان ٿي پر ان کي مان چئلينج سمجهي
ڪيو. ته جيڪڏهن مان هتي آئي آهيان ته مون کي ڪم ڪرڻو آهي.
س: ان وقت توهان جي ڪهڙي ڪيفيت هئي؟
ج: منهنجي لاءِ هر شيءَ نئين هئي، سڀ ڪجهه نئون هو ايترن ماڻهن جي
وچ ۾ اچڻ بعد بلڪل ماحول ٻيو پر بس مون کي اهو ئي ذهن ۾ هو ته مون
کي ڪم ڪرڻو آهي ۽ مون وٽ ايترو اعتماد آهي جو مان بنا ڪنهن جي
سفارش جي اچي سگهان ٿي.
س: ڪئميرا آڏو توهان ويهندا آهيو ته توهان کي ڪيئن محسوس ٿيندو
آهي؟
ج: سٺو محسوس ٿيندو آهي ۽ ان کان علاوه مون کي اهو به احساس هوندو
آهي ته هيئنر مان ماڻهن سان مخاطب آهيان ۽ عوام مون کي ٻڌي ٿو.
س: ڪئميرا جي اڳيان ايندي ڪو خوف يا ڊڄ نه ٿيندو اٿوَ؟
ج: نه نه مون کي ڪو ڊپ ناهي ٿيندو. بس اهو محسوس ڪندي آهيان ته مان
ڪم ڪري رهي آهيان، مون کي پنهنجو ڪم ڪرڻو آهي ۽ مان عوام کي وڌ کان
وڌ معلومات ڏئي سگهان.
س: توهان ۾ ڪهڙي خوبي هئي جو اوهان کي نيوز ڪاسٽنگ لاءِ کنيو ويو؟
ج: مون کي گهڻو شوق هو ۽ ان شوق مون ۾ اعتماد پيدا ڪيو. اهو شايد
منهنجو ٽئلينٽ هو جو اسڪرين تي ويهڻ شرط مون هڪ ريگيولر نيوز ڪاسٽر
وانگر
Look
ڏنو.
س: جيڪڏهن ڪو نئون ماڻهو نيوز ڪاسٽنگ ۾ اچڻ چاهي ته ان ۾ ڇا هجڻ
گهرجي جو هو سٺو نيوز ڪاسٽر ٿي سگهي؟
ج: بس ان ماڻهوءَ ۾ ٽئلينٽ ۽ ڄاڻ هجڻ گهرجي ۽ ان کي پنهنجي پاڻ تي
اعتماد هجڻ گهرجي ۽ ان کي ان شيءِ جو شوق هجي. توهان کي ڪنهن به
ڳالهه جو شوق آهي ته توهان اها منزل ماڻي سگهو ٿا ۽ محنت به ضروري
آهي ۽ اخبار پڙهندڙ هجي، اها پڻ خبر هجڻ گهرجي ته ڪهڙي ماحول ۾
اسين رهون ٿا ۽ اسان جي اوسي پاسي ڇا ٿي رهيو آهي ۽ ان کي ان شيءِ
۾ دلچسپي هجي، مطلب ته معلومات هجڻ لازمي آهي. اهوئي سٺو نيوز
ڪاسٽر ٿي سگهي ٿو.
س: انهيءَ معلومات مان ڇا مراد آهي؟
ج: انهيءَ مان مراد ته جڏهن اسان
on duty
هوندا آهيون ته اسان کي خبر هوندي آهي ته اسان ڇا ٿا پڙهون ۽ جڏهن
اسان واپس وڃون ٿا ته تڏهن به اسان کي اِن رهڻو ٿو پوي ته اسان اهو
ڪم ڪري ڇڏي آياسين ۽ هينئر ڇا ٿي رهيو آهي ۽ هاڻي پهرين جي نسبت ڇا
ٿيڻ وارو آهي.
س: توهان شادي ڪڏهن ڪئي ۽ توهان کي گهڻا ٻار آهن؟
ج: 1999ع ۾ شادي ڪئي ۽ هاڻي مون کي 2 نينگريون آهن، هڪ جي عمر 5
۽ ٻي جي عمر 4 سال آهي.
س: توهان ترجيح پسند جي شادي کي ڏيندا آهيو يا ارينج ميرج کي؟
ج: مان چاهيندي آهيان ته ٻنهي جي رضامندي هجي، مائٽن جي به ۽ جيڪي
ٻه ڄڻا پاڻ ۾ شادي ڪن ٿا.
س: توهان جو مشغلو؟
ج: جيترو مون کي ٽائيم ملندو آهي اهو پنهنجي ٻارن سان گذاريندي
آهيان، ان کان علاوه سٺيون اسٽوريز پڙهڻ ۽ ٻاهر گهمڻ ڦرڻ آهن.
س: توهان ڇا ٿا سمجهو ته
professional
زندگي گهريلو زندگي کي متاثر نٿي ڪري؟
ج: مان پاڻ کي اهڙي نموني
Maintain
ڪيو آهي جو هن فيلڊ ۾ پنهنجو شوق به پورو ڪيان ٿي ۽ گهر کي به وقت
ڏيان ٿي.
س: توهان ڇا ٿا سمجهو ته ٻين عورتن کي به هن فيلڊ ۾ اچڻ گهرجي؟
ج: ها بلڪل جيڪي عورتون ڪجهه ڪري سگهن ٿيون يا انهن ۾ ڪجهه ڪرڻ جي
صلاحيت آهي ته انهن کي پنهنجي پاڻ کي ضايع نه ڪرڻ گهرجي بلڪه ٻاهر
نڪرڻ گهرجي ۽ اڄڪلهه جي معاشري ۾ عورتون پنهنجي ڪوششن سان ڀرپور
ڪردار ادا ڪري رهيون آهن ۽ بلڪل هنن کي مستقبل ۾ اڃا وڌيڪ سٺو
ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ هر ڪنهن جو پنهنجو شوق ۽ پسند هوندي آهي
جهڙي جنهن جي پسند هجي اها ان فيلڊ ۾ وڃي پنهنجو پاڻ کي مڃرائي.
س: ڀلا توهان سنڌ ٽي وي نيوز جي ماحول جي باري ۾ ڇا چوڻ چاهيندو
يا جيڪي به ماڻهو هتي ڪم ڪن ٿا انهن جو توهان سان ورتاءُ ڪيئن
آهي؟
ج: تمام سٺو آهي ۽ تمام
co-operative
۽ سٺو ماحول آهي ۽ سٺا اسٽاف ميمبرز اسان جا ڀائر، دوست آهن.
ج: اڄ مان جيڪو ڪجهه به آهيان سنڌ ٽي وي نيوز جي ڪري آهيان ۽ ان جي
ڪري ئي ماڻهو مون کي سڃاڻين ٿا ۽ مون کي ايڏو نالو مليو.
س: توهان کي مختلف هنڌن تان آڇون به آيون هونديون پوءِ توهان ڇو نه
ويو؟
ج: ها مون کي آفرز مليون پر مان هن اداري کان پنهنجي ڪيريئر جي
شروعات ڪئي ۽ جيترو منهنجو ڪم هوندو اهو هن ئي اداري لاءِ هوندو ۽
هي ادارو ئي منهنجو آخري ادارو هوندو!
س: ان ڪري جو توهان جو پهريون ادارو آهي يا هتي توهان سيٽ ٿي ويا
آهيو ان ڪري ان کي ڇڏڻ نه ٿا چاهيو؟
ج: ها هي منهنجو پهريون ادارو آهي ۽ مان بلڪل مطئمين آهيان جيڪو ڪم
مان ڪيان ٿي مون کي ان جو صِلو ملي ٿو، هتي هر سهولت آهي، مان هتي
بلڪل مطمئن ٿي ڪم ڪيان ٿي.
س: شوبز لاءِ توهان کي ڪڏهن ڪا آفر ملي؟
ج: ها مون کي ان حوالي سان به آفر مليون. مان ان کي خراب نه ٿي
سمجهان، مون کي شوق به آهي پر مان هتي سيٽ ٿي وئي آهيان، هيءَ
بهترين فيلڊ آهي. مون ۾ اهي صلاحيتون آهن مان جتي به ويندس ته
پنهنجو پاڻ مڃرائيندس، ڇو جو ڪا به فيلڊ ڪو به پروفيشن خراب نه
هوندو آهي جيڪو توهان کي اچي ٿو ۽ جنهن ۾ توهان سمجهو ٿا ته توهان
بهتر ڪم ڪري سگهندو ته ان طرف وڃڻ گهرجي ۽ مان سمجهان ٿي ته جهڙو
مان پاڻ کي نيوز ڪاسٽنگ ۾ مڃرايو آهي ته اهڙو ئي مان پاڻ کي شوبز ۾
به مڃرائي سگهان ٿي، مون کي اها پڪ آهي. في الحال مان هن فيلڊ سان
سلهاڙيل آهيان ۽ هتان ٻاهر نڪرڻ نٿي چاهيان.
س: توهان سان گڏ جيڪي نيوز ڪاسٽر آهن، انهن مان توهان کي سڀني کان
سٺو ڪنهن جو ڪم لڳندو آهي؟
ج: منهنجا سڀني سان سٺا تعلق آهن ۽ سڀني سان هڪ جهڙا آهن مان سڀني
کي ٻڌندي آهيان ۽ اسان جا سڀ نيوز ڪاسٽر سٺا ۽ ٽئلينٽيڊ آهن، انهن
جو ادائيگي جو انداز تمام سٺو هوندو آهي ۽ انهن وٽ
knowledge
به آهي باقي جيڪو منهنجو پنهنجو
style
آهي مان ان مان مطئمين آهيان.
س: توهان ڀلا زندگي جي باري ۾ ڇا ٿا چوڻ چاهيو ته زندگي ڇا آهي؟
ج: زندگي الله تعاليٰ جي طرفان هڪ خوبصورت ۽ بهترين تحفو آهي.
س: خوشگوار زندگي گذارڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟
ج: ماڻهوءَ کي صرف پنهنجي لاءِ سوچڻ نه گهرجي، بلڪه ٻين لاءِ به
سوچڻ گهرجي يا جيڪي اسان سان گڏ هجن، بس پاڻ به خوش رهجي ۽ ٻين کي
به خوش رهڻ ڏجي.
س: توهان جو ڪهڙو خوشي جو لمحو آهي، جيڪو توهان کي ياد ايندو آهي.
جواب: منهنجي زندگي جو هر اهو لمحو خوشي جو هوندو آهي، جنهن وقت
مان پنهنجي ٻارن سان هوندي آهيان يا ٻارن کي خوش ڏسندي آهيان ۽ اهو
مان سمجهان ٿي اهو هر ماءُ لاءِ خوشي جو لمحو هوندو ۽ هجڻ به گهرجي
۽ منهنجي اوسي پاسي ۾ رهڻ وارا پڻ خوش آهن ته اهو ئي لمحو منهنجو
خوشي جو لمحو هوندو آهي.
س: توهان جي زندگي جو بدترين لمحو ڪهڙو آهي؟
ج: منهنجي زندگي جو بدترين لمحو منهنجي امان جو وڇوڙو هو.
س: ڪجهه اهڙا واقعا جيڪي توهان کي ياد اچن ۽ توهان انهن کي ياد ڪري
خوش ٿيندا هجو؟
ج: مون کي اهي سڀ لمحا گهڻا ياد ايندا آهن جيڪي سڀ مان پنهنجي ماءُ
سان گذاريا يا جيڪي ننڍپڻ، اسڪول لائيف يا ڪاليج واري زندگي ۾
گذاريا.
س: پسنديده موسم، وقت ۽ رنگ ڪهڙو اٿوَ؟
ج: منهنجو پسنديده موسم بهار آهي، فجر جو وقت وڻندو آهي، بلو ۽ اڇو
ڪلر وڻندو آهي.
س: توهان کي ڪهڙي ڳالهه کان نفرت آهي؟
ج: مون کي ڪوڙن ۽ منافق ماڻهن کان گهڻي نفرت آهي، مان چوندي آهيان
ته جيڪو ماڻهو نظر اچي اهو ئي اندر ۾ هجي.
س: اڇا کاڌي ۾ توهان کي ڇا پسند آهي؟
ج: مون کي سڀ ويجيٽيبلز پسند آهن. مڇي شروع کان ئي ناهي وڻندي.
س: توهان ٻاهر نڪرندا آهيو ته ماڻهن جو توهان سان ڪهڙو رويو هوندو
آهي يا توهان جي مائٽن جو توهان سان ڪهڙو رويو هوندو آهي؟
ج: ان حوالي سان ڪو خاص اتفاق ناهي ٿيو ڇو جو سنڌي ٽي وي چينلن کي
اندروني سنڌ ۾ گهڻو ڏسن ٿا ۽ اهي ئي اسان کي گهڻو سڃاڻين ٿا ۽ جيڪي
مٽ مائٽ آهن اهي مون سان ملندا آهن ته سٺي نموني ملندا آهن انهن جو
رويو مون سان سٺو هوندو آهي ۽ مون کي ان وقت سٺو محسوس ٿيندو آهي.
س: توهان جو پنهنجي ڏسندڙن ۽ ٻڌندڙن لاءِ ڪهڙو پيغام آهي؟
ج: مان پنهنجي ڏسندڙن ۽ ٻڌندڙن کي اهو ئي چوڻ چاهيندس ته زندگي
تمام ٿوري ۽ مختصر آهي، ان ۾ هڪٻئي جي لاءِ سٺو سوچيو ۽ هڪٻئي سان
دوستاڻي طريقي سان هلو ۽ هڪٻئي کي خوش رکو، ڪو به اهڙو فيصلو يا
اهڙو قدم نه کڻو، جنهن سان ڪنهن کي ڏک پهچي يا ڪنهن کي تڪليف پهچي.
ڪنهن جي باري ۾ ڪڏهن غلط نه ڳالهايو ۽ ڪنهن جي باري ۾ غلط نه سوچيو
۽ ڪڏهن ڪنهن جا عيب نه ڪڍو. |