|
سنڌي راڳ جي راڻي محمد يوسف کي الله سائينءَ سهڻي آواز سان
نوازيو هو. هُن جي ڳلي ۾ اهڙي سگهه هئي جو هو ڏکئي کان ڏکيو
سُر به ڳائي ويندو هو ۽ اهو به جهڙو تهڙو نه. ان ۾ اهڙو ته رنگ
ڀريندو هو جو ٻڌندڙ موهجي ويندو هو. اهڙيون خوبيون تمام گهٽ
فنڪارن ۾ ٿين ٿيون. محمد يوسف گهڻي ڀاڱي ڳايو ته سنڌيءَ ۾ آهي
پر ان کانسواءِ اردو، سرائڪي ۽ بلوچيءَ وغيره ۾ به ڏاڍو
خوبصورت ڳايو اٿائين.
محمد يوسف 14 جنوري 1940ع ۾ حيدرآباد شهر ۾ ٽنڊي طيب ويجهو
ٽئين نمبر تلاءَ جي دين علي شاهه پاڙي ۾ ڄائو. سند والد صاحب
لونگ فقير مڱڻهار هو، سو به ڳائيندو وڄائيندو هو. کيس فن ميراث
۾ مليو. لونگ فقير چوٽيءَ جي ڍولڪ نوازن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. دين
علي شاهه پاڙي ۾ محمد يوسف جي چاچي زنوار بسنت وسند جي نالي
سان مڱڻهارن جو هڪ الڳ ننڍڙو پاڙو سُڃاتو ويندو هو. زنوار بسنت
سنڌ جي وڏن شرناءِ وڄتن ۾ ليکيو وڃي ٿو. لونگ فقير هڪ سازندي
جي حيثيت ۾ ريڊئي پاڪستان حيدرآباد جو ملازم هو. هن تمام وڏن
وڏن گوين سان ڍولڪ وڄائي. ان ڳائڻ وڄائڻ واري ماحول محمد يوسف
کي پنهنجي ابي ڏاڏي جي ڪِرت جاري رکڻ تي هيريو.
محمد يوسف جي پڙهڻ ۾ دلچسپي نه هجڻ سبب لونگ فقير کيس ٽنڊي آدم
۾ رهندڙ ان زماني جي وڏي گويي خانصاحب استاد منظور علي خان وٽ
راڳ جي وڌيڪ تربيت وٺڻ لاءِ ڇڏيو. اتان به هو ڪيترا ڀيرا ڀڄي
آيو. پوءِ کيس والد صاحب سمجهايو ته ”پٽ راڳ بابت اتان ئي توکي
سڀ ڪجهه ملندو ۽ اهو استاد وٽان خدمت وسيلي ئي ملندءِ“. اها
ڳالهه محمد يوسف کي سمجهه ۾ اچي وئي ۽ ستن سالن تائين لاڳيتو
خانصاحب کي رڳو غور سان ٻڌندو رهيو ۽ سندس گهر جو ڪم ڪار ڪندو
رهيو. ستن سالن کانپوءِ استاد منظور علي خان محسوس ڪيو ته هيءُ
ڇوڪرو سکي سُٺو ۽ وڏو فنڪار بڻجي سگهي ٿو. هن يوسف کي ڪافي
ڪلام ۽ نيم ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي اهڙي تربيت ڏني جو شايد ئي ڪو
استاد پنهنجي اولاد کي ڏئي سگهي. اهڙيءَ ريت محمد يوسف تيرهن
سالن تائين استاد وٽ سکندو رهيو. استاد منظور علي خان جا سنڌ ۽
پنجاب ۾ ڪيترائي شاگرد هئا. هو محمد يوسف لاءِ چوندو هو ته
منهنجي شاگردن مان جيڪا منزل هن ماڻي آهي اها ٻين کي ناهي ملي
سگهي. خانصاحب جو سڳو ڀاڻيجو وحيد علي به ان منزل تي نه پهچي
سگهيو.
محمد يوسف ان کان پهريان حيدرآباد ۾ اُستاد غلام حسين خان عرف
اُستاد بيبي خان جي قائم ٿيل موسيقيءَ جي ڪلب ۾ به داخل ٿيو.
ان ريت اُستاد غلام حسين سندس پهريون استاد آهي. محمد يوسف بعد
۾ استاد منظور علي خان، استاد اُميد علي خان، استاد مبارڪ علي
خان ۽ سونا خان بلوچ کان سکيو. سڀني کان وڌيڪ کيس خانصاحب
منظور علي خان سيکاريو. محمد يوسف جي محنت ۽ مليل تربيت جو اهو
نتيجو نڪتو جو سنڌي فلمن لاءِ
Play beck Singer
جي حيثيت ۾ جهڙيءَ ريت محمد يوسف ڳايو ۽ پاڻ مڃايو، ان جي
نتيجي ۾ کيس سنڌيءَ جو مهدي حسن چيو وڃي ٿو. اُها ٻي ڳالهه آهي
ته موسيقيءَ جا ڄاڻو ممتاز مرزا صاحب، نثار ميمڻ صاحب ۽
جهانگير قريشي صاحب کيس مهدي حسن کان به مٿانهون سمجهن ٿا.
ڇاڪاڻ ته علم، آواز ۽ انداز ۾ محمد يوسف گهڻن کان مٿانهون آهي.
سندس آواز کليل ۽ صاف آهي، تنهن هوندي به مهدي حسن جي الڳ ۽
محمد يوسف جي الڳ حيثيت آهي. ٻئي هڪٻئي کان گهٽ يا وڌ ناهن.
محمد يوسف ڪافي ڪلام، گيت، غزل، نظم ۽ نيم ڪلاسيڪي موسيقيءَ ۾
غزل، ٺمري ۽ دادرو وغيره وڏيءَ مهارت سان ڳائيندو هو.
محمد يوسف پهريون ڀيرو راڳ جي محفل ۾ 52-1951ع ۾ ڳايو. اها
تقريب لياقت ميڊيڪل ڪاليج (هاڻي يونيورسٽي) ۾ ٿي هئي، جنهن ۾
تنهن وقت جو وزير پير علي محمد راشدي به شريڪ ٿيو هو. اها محفل
اصل ۾ نون ڳائڻن وچ ۾ مقابلي لاءِ رکي وئي هئي. اهو مقابلو
محمد يوسف نه رڳو کٽيو پر ايترو ته داد ۽ انعام مليس جو سندس
قسمت ئي مٽجي وئي.
پوءِ هن ريڊئي پاڪستان ڪراچيءَ تان ڳائڻ شروع ڪيو. اتي کيس
سنڌي شعبي جي انچارج علي محمد چاڳلا متعارف ڪرايو. ناميارو
براڊڪاسٽر ايم-بي (محمد بخش) انصاري تڏهن هتي انائونسر هو.
سنڌي زبان ۾ پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ جيتريون به فلمون ٺهيون آهن،
انهن ۾ سڀني کان وڌيڪ فلمن جا گانا محمد يوسف ڳايا آهن. هن
ننڍي کنڊ جي تمام وڏن ڳائڻين سان فلمي نغما ڳايا آهن. انهن ۾
ميڊم نورجهان ۽ رونا ليليٰ وغيره شامل آهن. محمد يوسف جن فلمن
جا نغما ڳايا انهن ۾ شهرو فيروز، ليلا مجنون، مومل راڻو، مٺڙا
شال ملن، جيجل ماءُ، رت ۽ اجرڪ، ڌرتي لال ڪنوار، محبوب مٺا،
چانڊوڪي، سوني منهنجي ڌرتي، بادل، غيرت جو سوال، رنگ محل،
سنڌڙيءَ تان صدقي ۽ اردو فلم ”عورت ايڪ ڪهاڻي“ شامل آهن.
سندس پهرين فلم شهرو فيروز آهي. ان فلم جو ڊائريڪٽر شيخ حسن ۽
موسيقار غلام علي هو. ان فلم جو نغعو ”راحت ملي ٿي درد ۾، ان
پيار تان صدقي“ شاعر: رشيد لاشاري، محمد يوسف جو پهريون فلمي
نغمو آهي. ريڊئي پاڪستان لاڙڪاڻي جي اڳوڻي اسٽيشن ڊائريڪٽر
جهانگير قريشي صاحب جي روايت مطابق ته جڏهن موسيقار غلام علي،
محمد يوسف کي شهرو فيروز فلم جي ڊائريڪٽر وٽ ڳائرائڻ لاءِ وٺي
ويو ته هن محمد يوسف جي سهڻي صورت ۽ قدبت ڏسي چيو ته مان ته هن
کي فلم ۾ هيرو بڻائڻ چاهيان ٿو، جنهن تي محمد يوسف راضي نه ٿيو
۽ نماڻائيءَ سان چيائينس ته ”سائين اسان مڱڻهار ماڻهو سو ڳائڻ
کي ئي اوليت ڏينداين تنهن ڪري مون کان ڳائرايو.
محمد يوسف شاعريءَ جي هر صنف جهڙوڪ: حمد، نعت، ڪيڏارو، قصيدو،
وائي، ڪافي، گيت، غزل، نظم، نيم ڪلاسيڪي راڳ ۽ راڳڻيون وغيره
ڳايون. قومي نغما، ٻارڙن لاءِ نغما وغيره به ڳايائين، کيس راڻو
گهڻو وڻندو هو. محمد يوسف پنهنجي ملڪ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن
کانسواءِ ڏيساور ۾ انگلينڊ، دبئي، بيلجيم، روس، جرمنيءَ ۽ چين
وغيره ۾ به فن جو مظاهرو ڪيو.
محمد يوسف کي ٻه ڀيرا
Pride of Performance award
چار شاهه لطيف ايوارڊ، چار قلندر شهباز ايوارڊ ۽ ٽي سچل سرمست
ايوارڊ مليا. هن کي اهو اعزاز به حاصل آهي ته سڀ کان پهريون
شاهه لطيف ايوارڊ کيس ئي ڏنو ويو.
اسان وٽ ادب، شاعريءَ ۽
Fiction
وغيره ۽ شاعرن ۽ اديبن وغيره تي ڪتاب لکيا وڃن ٿا پر ڳائڻن تي
نه جي برابر لکيو وڃي ٿو. رڳو انهن جون آڊيو يا وڊيو ڪيسيٽون
ئي نڪرن ٿيون. ريڊيو ۽ ٽي وي کين پذيرائي ڏين ٿا. محمد يوسف
اهي سمورا وسيلا ڪتب آندا. ان کانسواءِ محمد يوسف انهن ڀاڳ
ڀرين مان آهي، جنهن تي شاهه جي پارکوءَ، موسيقيءَ ۽ ثقافت جي
ڄاڻوءَ ۽ نالي واري اديب ممتاز مرزا صاحب پورو ڪتاب لکيو، جنهن
جو نالو رکيائين ”سپيريان سندي ڳالهڙي“. ان ڪتاب ۾ سائين ممتاز
مرزا لکي ٿو ته، ”محمد يوسف صحيح معنيٰ ۾ سورهن سترهن سالن جي
عمر ۾ مقبوليت حاصل ڪئي، ماڻهو پنهنجين شادين جي تٿ محمد يوسف
جي تاريخ ڏيڻ تي ٻڌندا هئا. جڏهن هو محفل ۾ پهچندو هو ته
ميزبان پنهنجون اکيون وڇائي، اُڀ کڙو بيهي رهندو هو. شادي هجي
يا ڪا ٻي تقريب، محمد يوسف ماڻهن جي دلين تي پنهنجي سُر ۽ لئي
سان راڄ ڪيو ۽ ماڻهن به نه رڳو هن کي دل سان ڀانيو پر کيس دهرا
دان به ڏنا. ٿوري ئي عرصي ۾ هو سنڌ جي راڳ جي دنيا جو مهانگو ۽
مشهور ڳائڻو بڻجي ويو. پئسي جي اوچتي آمد هن کي شاهه خرچ بڻائي
ڇڏيو. اوتارن ۽ خانقاهن جي راڳ واري رمز کي لهڻ ۽ سمجهڻ لاءِ
هن جا اُتي ڦيرا هئا ۽ اتي جون مڙئي روايتون هن پنهنجون ڪيون“.
ننڍي کنڊ جو هيءُ ناليوارو راڳي 14 فيبروري 1997ع تي اسان کان
وڇڙي ويو. |