|
 |
53 هين فلم فيئر ايوارڊ ۾ عامر خان جي پروڊڪشن ۽ هدايتڪاريءَ ۾
ٺهيل فلم ”تاري زمين پر“ ڇانئجي وئي آهي. انهيءَ فلم سال 2007ع
جي بهترين فلم هئڻ کانسواءِ بهترين نغمن، ڪهاڻي، هدايتڪاري ۽
ننڍي عمر واري اداڪار درشيل سفاريءَ جي لاءِ فلم جي تنقيد
ڪندڙن پاران بهترين اداڪار هئڻ جو ايوارڊ حاصل ڪيو آهي. گذريل
رات يش راج اسٽوڊيو ۾ فلم فيئر ايوارڊ جي شام ملهائي وئي. شاهه
رخ خان کي سندس فلم ”چڪ دي انڊيا“ ۾ بهترين اداڪاريءَ جي لاءِ
سال جو بهترين اداڪار ۽ ڪرينا ڪپور کي فلم ”جب وي ميٽ“ ۾
بهترين اداڪاره جو ايوارڊ ڏنو ويو. عامر خان جي فلم ”تاري زمين
پر“، شاهه رخ خان جي فلم ”چڪ دي انڊيا“ ۽ اڀيشڪ ۽ ايشوريا جي
فلم ”گرو“ کي به پنج ايوارڊ مليا. چڪ دي انڊيا جي هدايتڪار
شميت امين کي بهترين هدايتڪاريءَ جو تنقيد نگارن وارو ايوارڊ
مليو. ان سان گڏ فلم بهترين ايڪشن جي لاءِ ”روب ملر“ کي بهترين
ايڊيٽنگ ۽ بهترين سيمينما ٽو گرافي جو به ايوارڊ مليو. فلم
”گرو“ ۾ اي آر رحمان کي بهترين بيڪ گرائونڊ ميوزڪ جي لاءِ،
گلوڪاره شريا گوشال کي ”برسو ري ميگا“ گيت لاءِ ۽ سروج خان کي
بهترين ڪوريوگرافيءَ جو ايوارڊ مليو آهي. فلم ”لائيف ان ميٽرو“
۾ اداڪار عرفان خان کي بهترين سهڪاري اداڪار ۽ ڪونڪنا سين شرما
کي بهترين معاون اداڪاره جي ايوارڊ سان نوازيو
|
 |
ويو.
انهيءَ فلم جي لاءِ هدايتڪار انوراگ باسو کي بهترين اسڪرين پلي
ايوارڊ به ڏنو ويو. فلم ”سانوريا“ سان فلمي دنيا ۾ قدم رکندڙ
رنبير ڪپور ۽ فلم ”اوم شانتي اوم“ جي اداڪاره ديپڪا پادوڪون کي
سال جي نئين چهري جو خطاب مليو آهي. رشي ڪپور کي لائيف ٽائيم
اچيومينٽ ايوارڊ ڏنو ويو. فلم ”چيني ڪم“ جي لاءِ اداڪاره تبو
کي بهترين اداڪاره جو ايوارڊ مليو. هن ئي سال جنوريءَ ۾ جڏهن
اسٽار اسڪرين ايوارڊ ڏنو ويو هو، انهيءَ ۾ عامر خان جي فلم
”تاري زمين پر“ جي ٻالڪ اداڪار درشيل سفاريءَ کي بهترين چائلڊ
آرٽسٽ جو ايوارڊ ڏنو ويو هو، جنهن جي هن مخالفت ڪئي هئي ۽ چيو
هو ته کيس بهترين اداڪار جي لسٽ ۾ نامزد ڪيو وڃي ها. فلم فيئر
ايوارڊ جي فهرست ۾ درشيل جو نالو بهترين اداڪارن جي لسٽ ۾ شامل
ڪيو ويو ۽ کيس ڏسندڙن بهترين اداڪار جي ايوارڊ سان نوازيو.
ستارن سان سجايل انهيءَ شام کي شاهه رخ، سيف علي خان چارچنڊ
هڻي ڇڏيا، ٻنهي ڄڻن ڪمپيئرنگ ڪئي. اڪشي ڪمار، ڪرينا ڪپور،
ديپڪا پادوڪون، وويڪ اوبراءِ ۽ نيل نتين مڪيش پنهنجي خوبصورت
رقص جا جلوا ڏيکاريا. |