|
ڀارتي رياست مڌيا پرديش جي حڪومت فلم ”جوڌا اڪبر“ تي پابند
مڙهي ڇڏي آهي. حڪومت پاران جاري ڪيل هڪ حڪم ۾ چيو ويو آهي ته
فلم ”جوڌا اڪبر“ جي نمائش جي مخالفت ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي احتجاج
ٿيا آهن ۽ امن ڀرئي ماحول ۾ رنڊڪ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي،
انهيءَ ڪري رياست ۾ امن ۽ قانون قائم رکڻ واري رياستي انتظاميا
فلم ”جوڌا اڪبر“ جي رياست جي سمورين سينيما گهرن ۾ پابندي مڙهي
رهي آهي. رياست جي انڪم ٽيڪس جي وزير بابو لال گوڙ بي بي سيءَ
کي ٻڌايو ته: ”راجپوت برادريءَ جي هڪ وفد ساڻس ملاقات ڪئي هئي
۽ انهن هن فلم ۾ تاريخ کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪرڻ جو الزام
لڳائيندي فلم جي نمائش تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو“.
ابتدا کان ئي هدايتڪار اشوتوش گوارڪر جي فلم ”جوڌا اڪبر“ مختلف
تڪرارن جو شڪار رهي آهي. مڌيا پرديش ملڪ جي پهرين رياست آهي
جتي سرڪاري طور تي انهيءَ فلم تي پابندي لڳائي وئي آهي.
ڪانگريس جي راجپوت اڳواڻ گوند سنگهه جو چوڻ آهي ته ”عوام جي
جذبن ۽ سموري ملڪ ۾ ڇتريا برادريءَ جي ماڻهن جي مخالفت کي
ڏسندي فلم تي پابندي لڳائڻ تي شيوراج سنگهه جي حڪومت جو ٿورو
مڃڻ گهرجي“. پر هن وڌيڪ چيو ته: جڏهن ته هدايتڪار اهو واضح ڪري
ڇڏيو هو ته سندس ڪهاڻي هڪ افسانو آهي ته فلم خلاف احتجاج ختم
ٿيڻ گهرجي.
|
 |
بابو لال گوڙ جو چوڻ آهي ته ”جوڌا اڪبر“ ساڳيون ئي رنڊڪون ڏسي
رهي آهي جيڪي تاريخي موضوعن تي ٺهيل ٻيون فلمون، ڊراما ۽ ڪتابن
لاءِ هونديون آهن. ”جيڪڏهن تاريخي معاملن کي ڪردار ۽ واقعن سان
گڏ ٿوري به هٿچراند ڪئي وڃي ته انهيءَ تي وڳوڙ پيدا ٿي سگهي ٿو“.
هن وڌيڪ چيو ته: ”جيڪڏهن توهان ڀڳوان رام تي فلم ٺاهيو ۽ کيس
پينٽ ۽ شرٽ پاتل ڏيکاريو ته وڳوڙن جو ٿيڻ لازمي آهي“. فلمن جي
مشهور نقاد مڪل ڪيشون هڪ ميگزين کي ڏنل انٽرويو ۾ اهو سوال
اٿاريو آهي ته تاريخي پهلوئن کي بنياد بڻائي راجپوت سماج پاران
ڪيل مخالفت جي ڪو ٻيو ڪارڻ ته نه آهي؟ ڇاڪاڻ ته هندو مسلم محبت
تي ٺهيل فلمون ”وير زارا“، ”غدر“ ”بامبي“ ۽ ”حنا“ جهڙين فلمن ۾
ڇوڪري هميشه مسلمان ڏيکاري وئي آهي. (پر هن فلم ۾ ڇوڪري هندو ۽
ڇوڪرو مسلمان).
چئني رياستن ۾ ڦهيل سنٽر سرڪٽ سني ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري
جتندر جين ان فيصلي جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته: ”اهو فيصلو هڪ
برادريءَ جو ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو آهي انهيءَ پابنديءَ
سان فلم انڊسٽريءَ کي وڏو نقصان ٿيندو“. |