|
ايڊم گلڪرسٽ آسٽريليا ۽ هندستان وچ ۾ سيريز جي چوٿين ۽ پنهنجي آخري
ٽيسٽ ۾ آسٽريلوي وڪٽ ڪيپر ايڊم گلڪرسٽ انيل ڪمبلي جو ڪيچ پڪڙي
عالمي ريڪارڊ قائم ڪيو. هو ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ڪيپنگ دوران 414 شڪار ڪري
چڪو آهي. هن ڏکڻ آفريقا جي مارڪ بائوچر جو 413 شڪارن وارو عالمي
ريڪارڊ ٽوڙيو. آسٽريليا جي هن ريڪارڊ يافته وڪٽ ڪيپر بيٽسمين ايڊم
گلڪرسٽ هر قسم جي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو
آهي. گلڪرسٽ جو چوڻ آهي ته منهنجي لاءِ رٽائر ٿيڻ جو فيصلو ان لحاظ
کان اطمينان جوڳو آهي جو مون پنهنجي اوج تي ڪرڪيٽ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو
آهي. 36 سالن جي ايڊم گلڪرسٽ 1999ع ۾ پنهنجي ٽيسٽ ڪيريئر جي شروعات
ڪئي. 96 ٽيسٽن ۾ هو 5556 رنسون ڪيون. جڏهن ته
وڪيٽن پويان 377 ڪيچون پڪڙيون ۽ 37 اسٽمپ ڪيا. 59 بالن تي تيز
رفتار ٽيسٽ سينچري جو به ريڪارڊ هن وٽ آهي. هن ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 17 ۽
ون ڊي ۾ 15 سينچريون اسڪور ڪيون آهن. گلڪرسٽ 1999، 2003 ۽ 2007 جي
ورلڊ ڪپ ۾ فاتح آسٽريلوي ٽيم جي نمائندگي به ڪري چڪو آهي. ون ڊي
ڪرڪيٽ ۾ هيءُ تيز ترين بيٽسمين طور ڄاتو ويندو آهي. گلڪرسٽ جو چوڻ
آهي ته هن پنهنجي ڪيريئر کي تمام گهڻو انجواءِ ڪيو. |